اسان جي پياري وطن پاڪستان جي پاڪ ڌرتيءَ تي گذريل ڪجهه سالن کان اسلام جون ٻه مختلف صورتون ٻن مختلف قوتن طرفان تمام وڏي ڪوشش سان ماڻهن کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي انهن قوتن ۾ هڪ پاسي سابق جنرل پرويز مشرف ۽ مغربي ثقافت کان متاثر ماڻهن جي طرف روشن خيال اسلام جڏهن ته ٻئي طرف طالبان۽ پاڪستان ۾ موجود سندن حامي قوتن طرفان قانون شريعت جي نالي سان اسلام جي لاءِ ٻه مختلف تفسير ون پيش ڪيون ويون توهان ٻڌايو ته اسلام ڪهڙو ڀلو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ توهان طرفدار آهيو روشن خيال اسلام جا قانون شريعت طالبان يا اسلام جي ڪا ٽئين صورت به آهي اها ڪهڙي آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ادا حسيني اسلام اسلام آهي ان ۾ روشن خيالي جهڙي ڳالهه يا طالبان واري ڳالهه ڪٿان آئي۔۔۔ اسلام پرويز مشرف يا طالبان جي طرفان متعارف ٿيل نه آهي سمجهڻ ۽ هدايت وٺڻ لاٌءِ قرآن پاڪ ۽ احاديث موجود آهن۔ بهتر ٿيندو ته مذهب بابت اهڙو ڪو سوال نه ڪيو وڃي۔۔۔ جيڪڏهن توهان مذهب بابت ڪي خيال لکڻ چاهيو ٿا ته ”اسلام زنده باد“ واري سيڪشن ۾ موڪليو۔۔۔۔ رائي شماري واري سيڪشن جي ڊسڪرپشن ۾ پڻ مون تبديلي ڪري ڇڏي آهي۔۔۔
ادا حسيني صاحب اسلام اهو ڀلو آهي جيڪو قرآن ۽ سنت ۾ آهي جيڪو پيغمبر اسلام تڪليفون ۽ ڏک سهي اسان تائين پهچايو ۽ ان جي نواسي امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ قرباني ڏئي بچايو ۔باقي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا حسيني اهڙي قسم جي سوالات کان ڪنارو ڪيو ته بهتر آهي منهنجا ادا اوهان منهنجا بزرگ آهيو ان ڪري اوهان کي مشورو ڏيڻ به بهتر نٿو سمجهان ادا فورم جنهن رخ تي هلي رهيو آهي اهو اهڙي سوالن ۾ دلچسپي نٿو رکي اوهان جي مهرباني ادا اوهان جي مزيد ڪاوشن جو انتظار رهندو shal judy hujeen
منهنجي ايڊمن کي گذارش آهي ته آئيندا اهڙن موضوعن کي زير بحٽ نه آندو وڃي، ۽ اهڙي قسم جا بحٽ فورم تي نه آندا وڃن
ادا علي علي ۽ ڀاءُ عبدالوهاب صاحب اهڙن موضوعن تي بحث نه ڪرڻ جا ڪهڙا اسباب آهن جڏهن ته اسلام هڪ پسنديده دين خدا وند متعال وٽ آهي جڏهن ته هئير دنيا ۾ ڪافي جڳن تي بحث ڪئي ويندي خصوصا انٽرنيٽ تي مختلف زبانن ۾ ادا حسيني جي موضوع ۾ ڇا عيب آهي ٿو رو واضح ڪندا ته مهرباني ٿيندي ڪافي ماڻهو اسلام بابت سرچ ڪرڻ جا مشتاق آهن جڏهن ته توهان به ( اسلام زنده باد ) عنوان ڏنو آهي يا اهو رڳو ويب سائٽ جي برڪت لاءِ ڏنو آهي ؟ يا توهان کي خود سائين واري موضوع ۾ اشڪال آهي ته پوءِ اصلاح ڪيو.
ادا اسدي انتظاميه لڳي ٿو اسلام تي بحث ڪرڻ کان روڪي پئي ڇو ته جڏهن خدا هڪ، رسول هڪ، ڪتاب هڪ ۽ قبلو هڪ آهي ته پو مذهب اسلام جا قسم هڪ کان مٿان وري ڪيئن ٿيا۔ باقي راء کان هٽي ڪري توهان اسلام واري حصي ۾ اسلام بابت سڀ لکو ته جيئن اسان جهڙا ڪمزور مذهبي ماڻهون به فائدو وٺن