تازو تازو سنڌ جي وڏي وزير سيد سڳوري کي ،الحام ٿيو آهي ته ايري گيشن کاتي ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي . ياد رهي ته اهو قلمدان سندس ئي هٿ ۾ آهي ۽ ان کي هلائن وارو سندس آقا جو ويجهو ماڻهو آهي . وري ان چوري کي لڪائڻ جي لا رشوت ٽوڙ کاتي کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته تحقيقات ڪري ڏيو ته اها ڪرپشن ڪنهن ڪئي آهي .. سولي سنڌي ۾ ان کي چوندا آهن ته ميرا بگڙو اٺ ڪڏي ڳيا ؟
پر حيريت جهڙي ڳالهه، جڏهن نيب وارن ڏنڊو کنيو آهي ته سنڌ جا سادات ( قائم علي شاه ڪونڊي واري سرڪار، خورشيد شاه مُڇن واري سرڪار) لٺ تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو آهي ته جي نيب وارن ڪا ڪاروائي ڪئي ته اها ڪاروائي سنڌ مٿان حملو تصور ڪيو ويندو. اسان سنڌين لاءِ دودو ڌُوڙ، چنيسر ڇائي، وارو مثال ٿيو آهي، هر سوچ رکندڙ سياستدان، وفاقي، صوبائي، بلدياتي يا قوم پرست سڀ جو سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. هي ايترا ته ڪريل آهن جو هنن کي گاريون ڏيڻ، گارين جي توهين آهي.
ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي جڏهن نيب سرڪاري ادارن ۾ ڇاپا هڻي رهي آهي ته هاڻ مونکي خبر پئي آهي ته اهڙو اينٽي ڪرپشن جو خاتو سنڌ ۾ به آهي جيڪو هاڻ جيندو ٿيو آهي ۽ ان تيزي سان ڪاروايون ڪري سرڪاري ٽائون ڪميٽن توڙي ايريگيشن جا سب رڪارڊ تحويل ۾ وٺي نيب وارا کان لڪائي ورتا آهن.