محمد خان سيال
سينيئر رڪن
صحافي ذوالفقار واهوچيَ جي فيس بوڪ تي اها دعوى غلط، بي بنياد ۽ نوجوانن کي خاص ڪري گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي ته: قومي تحريڪون رڳو قومپرستن هلايون هيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون ـ درحقيقت انهن تحريڪن ۾ ٻين سنڌين جو حصو، سنڌي قومپرستن کان وڌيڪ رهيو آهي، اها تلخ حقيقت آهي ـ مثال سنڌي لسٽن واري تحريڪ ـ شايد کيس خبر ناهي ته سڀ کان وڌيڪ ڏينهن بک هڙتال ڪندڙ اسٽوڊنٽ ليڊر لالا قادر مرحوم هو جنهن اها تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن جو واسطو قومپرستن سان نه هو پر مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هو پ پ پ جو حامي هو ـ
ڇا ٻٽي نظام واري تحريڪ ۾ رڳو قومپرست هئا؟ هزارين عام سنڌي به هئا ـ اهڙي ريت ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ به رڳو قومپرست شامل ڪونه هئا، ٻين جو حصو گھڻو هو ـ
ڇا ڪالاباغ ڊيم خلاف هلايل تحريڪ ۾ رڳو قومپرست شامل هئا ۽ آهن؟ ۽ ٻين جو ڪوبه حصو ڪونهي؟ خود ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ اسيمبلي اٽڪل 4 ٺهراءَ بحال ڪيا آهن ـ ڇا اهي سڀ قومپرست ميمبر هئا ۽ ٻين جو ڪوبه واسطو ڪونه هو؟ جڏهن ته قومپرستن جي حالت اها آهي ته ويچارا هڪ به صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي ڪونه ٿا سگھن ـ خود امدا محمد شاه جيڪا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي هئي تنهن جي مقابلي ۾ پ پ پ پنهنجو اميدوار ڪونه بيهاريو هو ـ
ڇا ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ واري تحريڪ ۾ ڪو قومپرست شامل هو؟ خود سندس ليڊر ته ڪراچي موٽائي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي، پمفلٽ ڇپايا هئا ۽ مظاهرا به ڪيا هئا ـ اها تاريخي حقيقت آهي ته هڪ سنڌي قومپرست اڳواڻ ڪراچيءَ کي الڳ رکڻ لاءِ 800 ڪروڙ گھريا هئا ته جيئن ڄامشوريَ وٽ نئون گاديءَ جو هن اڏجي ـ انهيءَ سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي هاڻوڪي ليڊر سيد سردار احمد ساڻس ۽ ارباب چاندئي وغيرهه سان جيڪي انڪشاف ڪئا هئا سي ڪنهن کان به لڪل ڪونهن جنهن ۾ چيو هئائين ته انهيءَ سنڌي قومپرست ليڊر کيس منٿون ڪيون هيون ته ڪراچي کڻو جنهن تي سيد سردار احمد وراڻيو ته اها آفر ٻڌي مون کي ڏاڍو اچرج ٿيو جو اسان (مهاجرن) اهڙو مطالبو ڪونه ڪيو هو پر اسان اهو چئي انڪار ڪيو ته اندرون سنڌ جيڪي 30 لک مهاجر رهن ٿا، تن تان اسان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون ـ انهيءَ سنڌي قومپرست کين اهو به چيو هو ته جيڪڏهن ڪراچي اوهان هاڻ نه کنئي ته اڳتي هلي اوهان ڪراچي سولو حاصل ڪري نه سگھندا ـ
درحقيقت ذوالفقار واهوچيءَ هر شي سنڌي قومپرستن جي نالي ڪري ۽ غير قومپرستن خلاف توهين آميز رمارڪس لکي، عام سنڌين جي توهين ڪئي آهي جو سچائي لکندڙن کي هن وطن فروش ۽ عوام دشمن سڏيو آهي ـ
درحقيقت کيس تاريخ جي عام طور خبر ڪانهي ۽ سندس ڪوشش عام سنڌين کي سياسي مقصدن خاطر گمراهه ڪرڻ جي هوندي آهي ـ اهڙي ريت هن عام سنڌين جي توهين ڪئي آهي، جنهن جو کيس ڪو حق ڪونهي ـ
منهنجي کيس هڪ ڀيرو وري صلاح آهي ته مهرباني ڪري نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ وارو پنهنجو پراڻو ڌنڌو ڇڏي ڏئي پر جيڪڏهن کيس تجزيو ڪرڻو آهي ته غيرجانبردار ٿي ڪري، رڳو پنهنجي پارٽيءَ جا نظريا سڀني تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري ته مهرباني ٿيندي ـ
Zulfiqar Wahoocho لکي ٿو:
قومپرستن جون ڪامياب تحريڪون
هڪ اهو تاثر آهي ته قومي سياست ڪي به نتيجا نه ڏنا آهن رڳو اسان وقت ضايع ڪيو آهي ، اهو تاثر بلڪل درست ناهي قوم پرست ڌرين جيڪي به تحريڪون هلايون آهن انهن مان اڪثر تحريڪون ڪامياب ٿيون آهن ،
ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو ، ڪوٽڙي ۽ غلام محمد بئراج تي ڌارين کي زمينون ڏيڻ خلاف هلايل، نيلام بند ڪريو تحريڪ ، ون يونٽ تحريڪ،ڪالاباغ ڊيم، ٻٽي مڪاني نظام خلاف هلايل سڀ تحريڪون ڪامياب ٿيون آهن ، تنهن ڪري سنڌ جي دردن جو درمان رڳو قوم پرست ڌرين وٽ ئي آهي ، اسان جي عوام کي وطن فروش ، عوام دشمن طاقتون ڀنڀلائي ۽ ڀلائي،مايوس ڪري رهيون آهن ،
اچو ته اسان سڀ پنهنجي ڪامياب تحريڪن جي آڌار تي پنهنجن وطن ۽ عوام جي خوشحالي واري جدوجھد جاري رکو