اَچِين جَي هَيڪارَ، مُون سارَيندَي سُپِرِين پَيرَين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌَ وِڇايان وارَ ساڄَنَ ! سَڀَ ڄَمارَ، هُندَ گولِي ٿِي گذارِيان سُرُ بَرِوو سنڌي هَيڪارَ = هڪڙو دفعو سارَيندِي = ياد ڪندي پَيرَين = پيرن هيٺان، جنهن رستي تي تون قدم رکين ڌَرِيان = رکان، وڇائي ڇڏيان پِنبِڻيُون = اکين جا ڇپر، ڪناريون يا اکيون ساڄَنَ = سڄڻَ، محبوبَ، پِرين هَنڌَ = هوند, جيڪر گولِي = ٻانهي بيت جو پس منظر ~ او محبوب ! منهنجا سڏ ٻڌي جي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين. ~ تہ اکيون دڳن ۾ ۽ وارَ هنڌ ڪري وڇايان. ~ او پرين ! سڄي حياتي تنهنجي ٻانهي ٿي گذاريان. سمجهاڻي محبوب جي جدائي بہ نهايت اذيتناڪ ۽ ڪربناڪ هوندي آهي. هڪ هڪ پل صدين جيان روئندي، تڙپندي ۽ محبوب کي ساريندي گذرندو آهي. توڙي جو روزاني ڪيترن ماڻهن سان ملاقاتيون ٿينديون رهنديون آهن، پر جيڪو سڪون ۽ سرور محبوب سان ملڻ ۾ آهي سو مزو ٻين سان ملڻ ۾ ڪٿي آهي. او محبوب مان توکي پل بہ ناهي وساريو، هر وقت اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ توکي ياد ڪندي ٿو گذري. تون جَي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين تہ پنهنجيون اکيون تنهنجي راهن ۾ وڇائي ڇڏيان. وک وک ۽ قدم قدم تي تون پنهنجا پير منهنجي اکين مٿان ڏئي اچجان. هي ريشمي, ڊگها ۽ ڪارا وار جن کي سنواريندي زلف سڏيندو هئين سي تولاءِ هنڌ ڪري وڇائينديس. سڄي زندگي توکي پنهنجي هنج ۽ ڀاڪر کان پري نہ ڪيان ۽ زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن تنهنجي ٻانهي ٿي رهان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____