ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
محترم جناب بشير خان قريشي صاحب جي شخصيت۽ انٽرويوز۔
سنڌ ڌرتي پاڻ سان محبت ڪندڙن کي ازل کان جنم ڏيندي رهي آهي، جن پاڻ کي ڏکيو رکي ڪري به سنڌ جي محبت کي ثابت ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيو آهي، انهن اڏول ماڻهن مان محترم بشير خان قريشي به هڪ آهي۔محترم بشير خان قريشي ولد غلام مرتضه قريشي صاحب ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رتي ديري جي محلي موٽڻ پور ۾ 10 آگسٽ 1959ع ۾ پيدا ٿيو۔ شروعاتي تعليم پهرين کان پنجين ڪلاس تائين پڻ پنهنجي شهر رتي ديري ۾ حاصل ڪيائين۔ تنهن کانپوء ميئٽرڪ جو امتحان 1974ع ۾ پڻ رتي ديري مان پاس ڪيائين، تنهن کاپوء انٽر سائنس جو امتحان شڪارپور مان پاس ڪري 1976ع ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي ۽ اتي شاگردي سياست ۾ حصو وٺڻ جي ڪري يونيورسٽي مان 1981ع ۾هڪ سال لاء محترم بشير خان قريشي صاحب کي ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو بشير خان جي ذاتي زندگي ۽ سياسي زندگي جي باري ۾ هت ڪجهه وڊيوز پيش ڪيان ٿو ( جنهن جي خاص فرمائش محترم دوست رشيد سمون صاحب جن ڪئي هئي ) اميد ته پسند اينديون ، توهان جي راء جو انتظار رهندو۔
""(((((( مسٽر بشير خان قريشي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز شاگرد سياست کان ڪيو ۽ سال 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو صاحب تنظيم م انتهائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن عهدي جي ڪم شروع ڪيو. ٿوري عرصي ۾ قريشي صاحب جي سچائي محنت ۽ عمل کيس جساف جي مرڪزي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو. اهڙي طرح هن سڄي سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ رهنمائن سان رابطه مهم شروع ڪري منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪئي. جوش، جذبو وڌايو، تنظيم ۾ شامل ورڪرن کي مسٽر بشير خان جي محنت سادگي ۽ نظريي سان محبت گهڻو متاثر ڪيو ۽ جساف وڌيڪ قوت سان ميدان عمل ۾ نروار ٿي. جساف جي هر احتجاج، جلسي، جلوس ۽ جدوجهد ۾ بنا ڪنهن عهدي جي ذميواري نڀائيند بشير خان سرواڻي ڪندي نظر آيو. هر سياسي محاذ تي جنگ جوٽيائين. مقصد خاطر مورچو سنڀاليائين. هن بي لوث شخصيت جي جهاد کيس جساف ۾ هڪ هيرو بڻائي ڇڏيو.
کيس 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام جساف جو صدر چونڊيو ويو. سال 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ٿيو. پوءِ سال 1983ع کان 1985ع تائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر به رهيو. اهڙيطرح سال 1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. جتي لڳاتار ٽي دفعا بحيثيت صدر جساف سنڌ سال 1988ع تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيائين. وري 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو انوقت پاڻ جيل ۾ هيو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1996 ۾ قومي محاذ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين هئڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائين. )))))
(ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون ليکڪ عبدالستار ڀٽي)
بشير خان قريشي جي ذاتي زندگي جا انٽرويوز
http://www.youtube.com/watch?v=8nZMFuLIdtE
http://www.youtube.com/watch?v=zOoQvRoiwek&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=5uTM76ycDFU&feature=related
بشير خان جا ڪجهه سياسي انٽرويو وڊيوز
http://www.youtube.com/watch?v=Fe2nEVfPAaE&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=G4W28M0_L3c&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=Gd8AZi5Kt6w&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=0h03a149USQ&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=g7P_trNBWXE&feature=related
بشير خان قريشي جا تقريري وڊيوز
http://www.youtube.com/watch?v=nGGzzLW9OVY&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=U9_OL8EjmQ4&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=fxYylnTM_jU&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=l1nAt7vX8bk
http://www.youtube.com/watch?v=LfAFFSOx9B0&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=eU-A3Wfy0Tw&feature=related
مهراڻ، ۽ ڪي ٽي اين ٽي وي جي ٿورن سان