سنڌ جي قومي ڪارڪن؟؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪو زمانو هو ته سنڌ جا قومي ڪارڪن سياست کي عبادت سمجهندي سماجي بُراين کي روڪڻ ء سماجي بُراين کان پرهيز ڪرڻ کي پنهنجو جو فرض سمجهندا هئا. اهڙن آدرشي قومي ڪارڪنن جي سنڌ جي قومپرست سياست مان ڪنارا ڪشي بعد مفاد پرستن جي قومپرست سياست ۾ پير پائڻ بعد قومپرست سياست کي پنهنجي جاگير سمجهي غليظ تر غليظ قسم جا ڌنڌا قومپرستي جي نالي تي ڪرڻ شروع ڪيا ،اسان کي ڪنهن جي ذاتي زندگي تي تنقيد ڪرڻ جو ڪو حق ته ناهي. پر ڪنهن به مطلب پرست کي پنهنجي ڪنهن غلط عمل جهڙوڪ لينڊ مافيا ،چوري ، ڦر ،منشيات جي ڪاروبار ِيا ٺڳي جي ڪيس ۾ جيل وڃڻ کي سنڌ جي عشق سان منسوب قرار ڏيڻ جي ڪنهن کي اجازت ڪونه ڏينداسين
    جنهن سنڌ جي عشق ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي سموري حياتي توڙي شهيد ڪمال راهمون ، شهيد نظير عباسي ،شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد مظفر ڀٽو ، شهيد قربان کهاوڙ ،شهيد بشير خان قريشي سميت ٻين پنهنجو ريٽو ڏيئي امر ٿيا، ان سنڌ جي مقدس عشق جي نالي جي اوٽ ۾ ڪنهن مفاد پرست کي لڪڻ ، لڪائڻ سنڌ دوستي ناهي.
    سنڌ جي قومي ڪارڪنن ، شاعرن ، اديبن ، قلمڪارن ، دانشورن صحافين سميت تمام ساڃاھ وند حلقن کي سنڌ جي عشق جو واسطو آهي ته اهي اهڙن عنصرن تي پردو وجهڻ بدران انهن کي وائکو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واقعي اها حقيقت آهي ته ڪافي قومپرست ليڊر سنڌ کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن ۽ نئين نسل کي پڻ تباهي جي طرف وٺي وڃي رهيا آهن!
     
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور

هن صفحي کي مشهور ڪريو