• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شمشير کي سڏ ڪريو

نثارابڙو

نائب منتظم
11202848_10153500803438948_2831586360857346950_n.jpg

جيتوڻيڪ بابا شمشير الحيدريءَ جي وڇوڙي کي 3 سال گذريا آهن پر سندس وجود جي موجودگي اڃان به محسوس پئي ٿئي ... منهنجي گهر جي ڊائننگ ٽيبل جنهن کي هو لکڻ جي ٽيبل طور استعمال ڪندو هو، گهر جو باغيچو ۽ آس پاس جو ٻيو سامان ۽ ماحول سندس موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا آهن ... پر پوءِ به موت ته موت آهي ... سندس دانشورانه ڳالهين مان جيڪا اسانجي ذهني اوسر ٿيندي هئي ۽ سنڌ جي معلومات جو جيڪو ذخيرو ملندو هو سو اڄ نٿو ملي ...

سندس جو موت مون لاءِ ائين آهي جيئن سخت اڃ ۾ وات تي آندل پاڻيءَ جي ڪٽوري مان ڪي ڍڪ مس پيتا هجن ته هٿن مان ڪري پيو هجي ۽ مٽيءَ ماءَ حوالي ٿي ويو هجي ...

ڪمال جو انسان هو ...!!! جنهن سان ويهندو ان جو يار ٿي ويندو هو ... ٻار، جوان يا ٻڍا ... عورتون يا مرد ... دانشور يا سياستدان ... انقلابي يا ترقي پسند سڀ سندس جي صحب مان فيض پرائيندا هيا ... روئڻ مهل کلائي وجهندو ۽ کلڻ مهل روئاري وجهندو هو ...

مولائي، مولا تي ننگ آ ... مطلب حالتون ڪهڙيون به هجن هار کائڻي ناهي ... سندس قلم زماني جي ظالمن لاءِ حيدر جي تلوار جيئان هيو ۽ دوستن لاءِ امرت ڌارا ...

سندس موت جي انگريزي تاريخ ته ڏهين آگسٽ آهي پر عربي تاريخ 21 رمضان آهي جنهن ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت ٿي هئي ... انڪري حيدري هجڻ جو حق جيئري ته ادا ڪيائين پر مرڻ ۾ به حيدري ئي رهيو ...

خودداري اهڙي جو ڪنهن شهنشاه جو فرمان مٿس ڪون هلندو هو ۽ انڪساري اهڙي جو سونهن وارن جي سلامت تي اچيو حاضري ڀري ...
سنڌ سان محبت اهڙي جو شل نه ڪا سنڌ کي ڪوسي واءُ لڳڻ جي واردات ٿئي بس پوءِ ته هٿن پيرن ۾ جنبش هوندس ... قلم ۽ عمل سان انجي خلاف پيو وڙهندو ...

شمشير ڪون سڏاوي ... اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات ..
شمشير الحيدريءَ کي ٽوپي لاهي، نياز ۽ نوڙت مان جهڪي سلام ڪجي ٿو ...​
 
آخري سالن ۾ سندس گهڻو ويجهو رهياسين، سندس اسپتال وارن آخري ڏينهن ۾ به گهڻو ملڻ ٿيو .... ملنگ ماڻهو ۽ واقعي ئي حيدري هو، دل جو صاف، عوامي ماڻهو، ڏسڻ جو ڪمزور پر هماليه جيترو حوصلو رکندڙ شخص هو. سنڌ سندس سنڌ سنڌ ۾ سمايل هئي، ڄڻ ته هو پاڻ ئي سنڌ هو.

غزل
دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليون
هر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪو
ڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

دل خام خياليء ۾ ، اکين کي ڌتاري پئي
هيء ان تي هريل آهي، ، من ڪوئي اچي نڪري

هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

j7HZH2nk9AUEr.jpg
 
Back
Top