• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوفي روحل فقير

روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو. اندازًا 1734ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾، مومل جي ڪاڪ لڳ، “پدما جي ڀٽ” ۾ ويٺل هئا. سندس والد شاهو خان، ميان نور محمد وٽ ملازم هو. هن روحل فقير کي سنڌي، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏياري. ان بعد روحل فقير به ميان نور محمد وٽ ملازم ٿيو. پر جلد ئي ملازمت کان بيزاري ڏيکاري فقيري ويس ڍڪي، جھوڪ شريف ۾ پنهنجي مرشد (شاه عنايت شهيد رح جي فرزند ۽ سجاده نشين) عزت الله شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو. ڪجهه وقت بعد، جھوڪ شريف ڇڏي، سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخرڪار موجوده ڪنڊڙي واري مڪان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو، جتي 1219ھ مطابق 1804ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پارسي ۾ ڪلام چيائين. روحل فقير نه فقط شاعري ۾ نالو ڪڍيو، پر سندس درويشيءَ جو ذڪر پڻ پري پري تائين پهتو.
ڪلام
پوءِ پروڙيم پنڌ وو، جيجان جوڳيئڙن جا،
نڪي ڊاهي هليا، نڪي جوڙيائون هنڌ،
نڪي وڄايائون مرليون، نڪي چوريائون چنگ،
نڪي ڌوتائون ڌوتيا، نڪي ڌوتائون لنگ،
نانگا نڪتا ننگ مان ، تن نانگن ڪهڙو ننگ،
لڳو لاهوتين جو، “روحل” توکي رنگ
 
Back
Top