سچ ته ماڻهن کي آزاديءَ سان دلچسپي ئي ڪانه هئي. گانڌي ۽ جناح کي گهٽ وڌ گالهائيندا هئا. جناح کي ته سڏيندا ئي هئا مائي جَنان. انگريزن کي ڪو لهر لوڏو ئي ڪونه هو پر بين الاقوامي ۽ اقتصادي حالتون اهڙيون ٿيون جو هو ازخود هليا ويا. اسانجي تاريخ ۾ اهڙا ڪوڙ سٽيا ويا آهن جو الله جي پناه. انهن جي اپٽار به پي_پي_سي موجب ڏوه. ماڻهو ڪيترو وقت انهن ڪوٽن ڪڙولن ۾ رهندو. جناح صاحب ته بددل ٿي هندوستان ڇڏي وڃي لنڊن ۾ مقيم ٿيو هو. پوءِ 39_1938 ع ۾ نوابن جو ٽولو وٽس لنڊن ويو ۽ کيس وٺي آيا ته هل پاڪستان ملي ٿو تون اسانجي وڪالت ڪر. گانڌي ۽ جناح کي مؤدبانه سلام. باقي کيڏ ته سڄي انگريز سرڪار جي هئي نه ته ڪير ٿو ڪنهن کي پليٽ تي رکي ملڪ ڏئي. ڪانگريس جو بنياد به انگريزن پاڻ وڌو. مفڪر پاڪستان جو اعزاز علامه اقبال کي ڏنو ٿو وڃي جنهن جهڙو وڏو ڪوڙ مون ڪونه ٻڌو. خود علامه اقبال 1934ع ۾ سر ٿامس کي لکيو ته، “نظريه پاڪستان لنڊن جي ڪئمبرج يونيورسٽي جي هڪ شاگرد جي ذهن جي پيداوار آهي ۽ هو يعني علامه اقبال ان نظرئي جو خالق نه آهي”. اهڙي صاف انڪار کان پوءِ به اسانجا تاريخ نويس علامه اقبال مٿان اهو نظريو مڙهيندا ايندا ته ڇا ٿو ڪري سگهجي. پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ۽ حقيقتون لڪن ڪون ٿيون. مسلم ليگ جي الھ آباد وارو ساليانو اجلاس جنهن ۾ علامه اقبال اها تقرير ڪئي هئي سو ٿيو هو ڊسمبر 1930ع ۾.ان کان اڳ نومبر 1930ع تي لنڊن ۾ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس منعقد ٿي هئي ان ۾ به اهي ئي مسئلا زير بحث آيا. پر ان کان اڳ چوڌري رحمت علي پنهنجو ڪتابڙو “پاڪستان جي اسڪيم” شايع ڪري چڪو هو. قائد اعظم به مسلم ليگ جي جلاس دهلي منعقده 1943ع ۾ صاف چيو ته لنڊن ۾ رهندڙ ڪن نوجوانن ۾ “اهو خيال پيدا ٿيو” ته اتر هندوستان جو هڪ حصو هندوستان کان الڳ ڪري ان کي پاڪستان نالو ڏنو وڃي. باقي هروڀرو علامه اقبال کي پڳ ٻڌائڻي آ ته ڀلي، پر حقيقت جي اظهار ڪرڻ کان جهليو ۽ روڪيو ته نه. پاڪستان جا مفڪر خود انگريز هئا. اچو وچور ڏسون؛ 1. جان برائٽ 24 جون 1858ع _ پنج يا ڇھ صوبا مڪمل اختيارين سان هڪ جدا رياست ٿي ويندا. ڏسو جنگ آزادي 1857ع ۾ ٿي آهي ۽ هڪ سال اندر مسلمانن کي آزاد مل جو آسرو يا رشوت آڇي وئي آهي. 2. 1868ع سر سيد احمد خان؛ انگريزن جو ٻولڙيو فرمائي ٿو ته هندوستان ۾ ٻه قومون آهن جي ڪڏهن به گڏ رهي نه سگهنديون. 3. ڊبليو ايس بلنٽ 1883ع؛ هندوستان کي ٻن حصن ۾ تقسيم يو وڃي اتر ۾ مسلمانن جي حڪومت ۽ ڏکڻ ۾ هندن جي. 4. ٿيوڊور بيڪ1887ع؛ مسلمان هڪ عليحده قوم آهن.مسلمان ڪڏهن به هندو اڪثريت جي ماتحت رهڻ قبول نه ڪندا. 5. ٿاٿيو ڊور موريس189ع؛ آزاد متحده هندوستان جو قيام نا ممڪن آهي. مسلمان الڳ قوم آهن ۽ پاڻ کي هندوستاني تسليم نه ٿا ڪن. 6. ڀائي پرمانند؛ هندوستان کي ٻن هندو ۽ مسلمان خطن ۾ ورهايو وڃي. 7. لويٽ ويزر 1914ع؛ مسلمان اتر هندوستان کي وچ اوڀر سان ملائن ان ۾ انهن جي بقا آهي. 8. چوڌري رحمت علي 1915ع؛ اتر هندوستان کي مسلمان مملڪت بنايو وڃي. 9. لارڊ ڪرزن 1917ع؛ هندوستان ڪڏهن به واحد مملڪت رهي نه سگهندو تقسيم جا واضح امڪانات آهن. 10. اي _ بي ڪينيٿ؛ مسلمان هڪ اهڙي رياست جو سوچي رهيا آهن جو اتر اولھ هندوستان ۽ افغانستان تي مشتمل هجي. 11. اي _ ايس مانٽيگو 1917ع؛ هندوستان جو انجام خودمختيار صوبن يا ملڪن ۾ ٿيندو. 12. پيٽرڪ فيگن 1925ع؛ مسلمان اتر هندوستان ۾ پنهنجي تسلط لاءِ جدوجهد ڪن. 13. سر آغا خان 1928ع؛ اتر اولھ هندوستان کي مسلم مملڪت ۾ شامل ٿيڻ کپي. اهڙي طرح ٿيوڊور مريسن ۽ مسٽر مانچيسٽر گارجن به گل افشاني ڪئي آهي. سر آغا خان مشهور معروف انگريزن جو ٻولڙيو هو، جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي. ان ئي مسلم ليگ جو بنياد وڌو. ڪي _ ڪي عزيز جي ڪتاب “هسٽري آف آئڊيا آف پاڪستان” ۽ جنگ اخبار مجريه 23 آگسٽ 1991ع تان ورتيون آهن. ٻيو ته ٺهيو شريف الدين پيرزادي صاحب پنهنجي ڪتان اووليوشن آف پاڪستان ۾ گهڻا انڪشاف ڪندي لکي ٿو ته 1904ع ۾ لارڊ ڪرزن بنگال جي اهم مسلمان شخصيتن سان ڳالهيون ڪري کين ذهن نشين ڪرايو ته هو الڳ ٿي اسلام جي بالادستي قائم ڪري اهڙو اوج حاصل ڪن. جو قديم بادشاهن جي وقت ۾ به ڪونه ڏٺو هوندن. صاف ظاهر آهي ته پاڪستان جا مفڪر ۽ خالق خود انگريز هئا. علامه اقبال ته ايئن ئي پنجاب کي هڪ هيرو کپندو هو سو ٺاهي ڇڏيائون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سر اسٽيفورڊ ڪرپس صوبن جي آزاديءَ جون تجويزون حڪومت برطانيه طرفان آنديون هيون جي تمام چڱيون هيون ۽ جناح به قبول ڪيون هيون. پر پنڊت نهروءَ جي هڪ فاش غلطي ۽ اٻهرائي سبب گڙٻڙ، بدمزگي ۽ بداعتمادي جي فضا پيدا ٿي وئي ۽ معاملو وڃي تقسيم تي پهتو. مٿئون ڪارو منهن ٿيو ڪميونسٽن جو، جي اسٽالن جي چوڻ تي تقسيم جي حق ۾ ٿي بيٺا. اسٽالن ته چاهيو ٿي ته انگريز نڪرن ۽ هندو بارت سندن دشمن بڻجي ۽ رشيا سان دوستي ڳنڍي وڻج واپار توڙي سياسي ناتا وڌائي ۽ تاريخ اهو ثابت ڪيو. پءِ ته تقسيم جا ڪلور ٿيا. نفرت، قتل، گهيراءُ، جلاءُ ۽ قانون شڪني ۽ منافقي اسانجو قومي ڪردار بڻجي ويا. گهر گهر کان جدا ٿي ويو. لڏپلاڻ، مارڌاڙ، عزتون لٽجي ويون ۽ ليڊر صاحب وڃي صدارتي ڀَوَن (محلن) ۾ ويٺا. جمال ابڙي جي ڪٿا ”ڏسي ڏوه اکين سين“ تان ورتل.