ونڊوز 10 ۾ ڊسپلي لينگويج يا سسٽم لينگويج جا فونٽ ڪيئن تبديل ڪجن؟ ڊيفالٽ فونٽ ڪجھه عجيب پيا لڳن. فونٽ سائيز جي تبديلي جو آپشن ته آهي پر فونٽ جي نمونن جي تبديلي جي طريقي جي خبر ناهي. ڪنهن دوست کي خبر هُجي ته ٻڌائي...
وري هڪ ٻيو مسئلو اهو آهي ته سنڌي ۽ انگريزي جو مجموعي طور سٺو فونٽ نه پيو ملي، جنهن کي ڊسپلي فونٽ طور استعمال ڪري سگهجي. سنڌي جا ڪجھ بهترين فونٽ مليا پر انهن ۾ استعمال ڪيل انگريزي جا فونٽ هڪ ته بلڪل ننڍا ٿي ٿِئي پيا ٻيو ته نارمل به ڪونه هُئا (مطلب ته ڊزائين جي استعمال جا هُئا)، پڙهڻ ۾ ڪافي مشڪل پئي لڳا...
ان سلسلي ۾ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم هڪ فونٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.. جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي ... کيس هتي ٽيگ ڪندي تفصيل آڇجن ٿا...
فونٽ تيار آهي، آئون چاهيان ٿو ته پهرين اهو فونٽ سنڌسلامت تي امبيڊ ڪجي ۽ پو لانچ ڪجي. فونٽ ڏِسڻ لا هيٺين لنڪ تي وڃو. http://qadriahasania.com/ubaid/SS_font_viewer/