هڪڙو شمشير هو زماني ۾ تحرير : سليمان وساڻ 10 آگسٽ جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاء هڪ ايڏي ڏکائتي خبر کڻي آيو جو اکيون اشڪبار ٿي ويون. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري ڊگهي علالت کانپوء آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين: شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو. شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، 15 سيپٽمبر 1931 ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ان دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري 1950 ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين. روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ 1950 ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو 11 سال ايڊيٽر 1977 تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ 19 رھيو ۽ 20 گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان 1991 ۾ پاڻ رٽائر ٿيا. شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. 50 پئسن جي اخبار 50 رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان. شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي. حيثيتون: سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، 3 سال سيڪريٽري : سنڌي ادبي سنگت، 11 سال ميمبر : فلم سينسر بورڊ، 3 سال ميمبر : اردو ڊڪشنري بورڊ، 3 سال باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ميمبر : آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ميمبر : پريس ڪلب ڪراچي ميمبر : پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل سرپرست : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڇپيل ڪتاب : انسان ڪامل (شخصيتون) 1953ع ڪاروان ڪربلا (تاريخ) 1954ع لاٽ (شاعري) 1962 ع تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) 1961ع تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) 1963ع سوکڙي (ترتيب) 1964ع آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع بهترين سنڌي ادب (افسانا) 1669ع سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : 1984ع سنڌي شاعريء جو اڀياس تاريخ جو ڪچرو : شاعري 1995ع سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) 2003ع Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو) ڪاڪ محل (ڊرامو) Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب) ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام) لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ) ٽيليويزن لاء 150 کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس. مليل اوارڊ : پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ سنڌي ادبي سنگت سنڌ سنڌي اڪيڊمي : دهلي مارئي : دهلي سمبارا ٽاپ ٽين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل عوامي آواز سٿ ماهوار نئين زندگي بزمِ جنگ پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل 2 اوارڊ صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس) شمشير اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ 10 آگسٽ 2012ع تي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ اسان کان موڪلائي ويو. سندس تدفين ڪراچي جي تاريخي قبرستان چوکنڊي ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي. _____ __
اوهانجو مضمون پڙهي اکڙيون روئڻهارڪيون ٿي ويون ، شمشير الحيدري واقعي عظيم انسان هيو ، الله پاڪ سندس جنت ۾ جايون عطا فرمائي
غزل شمشير الحيدري تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو وقت جي سينڌ کي سنواري ويو تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي جام امرت جا ڪيئي هاري ويو اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو هڪڙو شمشير هو هزارن ۾ سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو