تاريخ ۽ تجربو ٻڌائي ٿو تہ سنڌ اندر جتي بہ ڪنهن جاگيردار، ڀوتار يا رئيس وڏيري جو پاڇو پوي تہ اتي تعليم نه جي برابر آهي رڳو ”زور ۽ جبر“،” ڏاڍ ۽ ڏمر“ ، ”مڪر ۽ فريب“، ”مصيبت ۽ بيوفائي“ ۽ جهالت ، سستي ۽ غفلت، تسليم ۽ قهر، جهيڙا ۽ جهڳڙا ، بک ۽ بيماري،ڀينگ ۽ بيروزگاري عام جام نظر ايندي آهي. ”عدل ۽ انصاف“ ، ”غيرت ۽ شرافت“ اٽي ۾ لوڻ برابر هوندي آهي. هر طرف مايوسي ۽ نراسائي ڇانيل هوندي آهي. ڏٺو ويندو تہ سنڌي قوم جي گهڻائي وارو حصو هاري مزدور آهي. انهيءَ گهڻائي واري حصي جي ڳچيءَ ۾ مٺ جيترن ماڻهن جو ڦاهو پيل آهي. جن کي جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرو ۽ ٻيو الائي ڇاڇا سڏيو وڃي ٿو. حقيقت واري نگاهہ سان ڏٺو ويندو تہ اهي مفت خور آهن، جيڪي ڪک ڀڄي ٻيڻو ڪونہ ڪندا آهن. سي سنڌ ۽ سنڌي قوم مٿان چٽيون ٿيا پيا آهن. اهو رڳو هينئر نہ پر هزار سالن کان قصو هلندو پيو اچي، انهيءَ تي سوچي ويچاري ڏسبو تہ سنڌ سڄي تاريخ سنڌ جي قوم مٿان انهن هچائن ۽ عذابن جي تاريخ آهي. انهن سڀني جو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ترپاسي جي عام ماڻهن سان بلڪل برتاءُ اهڙو هوندو آهي، جهڙو ڪنهن دغاباز ۽ حرام خور دولتمند جو مالدار يتيمن سا،ن جيئن ته يتيمن کان تيستائين مال ڦري کائي سگهجي ٿو جيستائين اهي يتيم بي علم، بي سمجھ ۽ تابع هوندا آهن، ان ڪري دغاباز دولتمند هميشہ اهو چاهيندو آهي تہ اهي سدائين لاءِ بي علم ، بي سمجهه ۽ نابالغ هجن جيئن سندن مال ملڪيت هڙپ ڪندو رهان! اهڙي ريت سنڌ جي جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيري جي سوچ بہ ساڳي آهي تہ سندن ڳوٺ، تر ۽ اوسي پاسي جا ماڻهو سڀ جا سڀ نسل اڻ پڙهيل جاهل ۽ ڪورا ڄٽ هجن جيئن، آساني سان کين پٽيندو کائيندو رهان. جي منجهن علم اچي ويو تہ منهنجي وڏيرڪي ۽ دٻ دٻو نہ هلندو. انهيءَ ڪري خاص طرح ٻهراڙي جي تعليم کي ناڪام ڪرڻ ۾ جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيري جو خاص هٿ رهيو آهي. قديم وڏيري کان وٺي جديد وڏيري تائين سندن ساڳي سوچ رهي آهي، ٻهراڙي جي تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ اڪثر وڏيرو ۽ وڏيرڪي سوچ آهي. اوهان ڏٺو هوندو ۽ ٻڌو هوندو ته ڪنهن بہ وڏيري ڪنهن اسڪول ۾ ڪاليج ۾ ڪنهن ڪم ڪندڙ محنتي استاد جي گُهر ڪو نہ ڪئي هوندي پر پنهنجي ڀر واري ٿاڻي تي پنهنجي ڪنهن چاپلوس صوبيدار جي گهر ڪئي هوندي. پنهنجي ضلعي لاءِ ڪنهن پنهنجي پٽيوالي ايس پي جي گهر ڪئي هوندي. اهو سڀ ڪجهه پنهنجي دٻ دٻي قائم ڪرڻ خاطر ڪندو آهي. هڪ ڀيري مان هڪ وڪيل سان گڏجي پنهنجي ضلعي جي ايس پي سان وڃي مليس. خوش خيرعافيت کان پوءِ حال احوال ٿيا صاحب موصوف سٺي موٽ ڏني، اوچتو ضلعي جي هڪ ڊنگ وڏيري جو فون آيس جنهن ۾ هن هڪ ڏوهي ماڻهو کي ڇڏائڻ لاءِ بہ چيو ۽ دعوت کائي وڃڻ لاءِ بہ چيائين. موٽ ۾ ايس پي چيس تہ ڪم تمام گهڻو آهي دعوت تي نٿو اچي سگهان جنهن ماڻهوءَ لاءِ سفارش ڪئي اٿو سو تہ ڏوهي قسم جو ماڻهو آهي جنهن کي بغير جانچ جي ڇڏي نٿو سگهجي مهرباني! ائين چئي فون کڻي رکيائين ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين جيڪو سمجهه ۾ ڪون آيو. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ صاحب کان موڪلائي ٻاهر نڪتاسين. مهيني کان پوءِ خبر پئي ته اهو ايس پي بدلي ٿيو ويو. سو وڏيرن کي ذاتي مفاد مٺا هوندا آهن ۽ قومي مفاد گهٽ مٺا هوندا اٿن. اسان ٻهراڙي جي غريب ماڻهن جو تعليم جي زيور سان سنوارجڻ، سينگارجڻ، بلڪل پسند ڪونهي، هو اسان جي هٿن ۾ ڀنگ جو ڪونڊو، پن جو پيالو يا ڪلاشنڪوف ڏسڻ چاهين ٿا، يعني پاڻ ۾ وڙهي مرون، يا نشو ڪري پينو بنجي وڃون ۽ تعليم حاصل ڪري نه سگهون. اسان ٻهراڙي جي غريبن جو تعليم حاصل ڪري سڌرڻ پاڻ لاءِ سٺو سنئوڻ نٿا سمجهن. سندن تعليم دشمني جي ڪري اڳئي تعليم تباه هئي ويتر ضلعي حڪومتون ٿيڻ سان جڏهن ڪرتا ڌرتا جي مالڪ وڏيرا شاهي ٿي تہ ٻهراڙيءَ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيائون. سندن خود غرضي ، اقرباپروري ۽ رياڪاري سان ٻهراڙيءَ جي تعليم ۾ بيدادي ننگري، چرٻٽ راجا ! جهڙا ڪئي مثال اڳيان اچڻ شروع ٿا.(1) استادن جون نيون مقررريون ، جيڪي اهليت جي بنياد تي ٿيڻيون هيون سي وڏيرن جي حڪم تحت ٿيون جنهن ۾ سندن پسند جا ماڻهو اچي ويا، هي فلاڻي وڏيري جو ماڻهو آهي! هي فلاڻي وڏيري جو خاص پيارو آهي! اهي فلاڻي وڏيري جو سفارشي آهي! هي فلاڻي وڏيري جو ڪاسائي آهي! هن جي فلاڻي وڏيري وٽ وڏي پهچ آهي ! مطلب ته تعليم کاتي جا سڀئي ڪم ڪار وڏيري جي حڪم سان ٿيڻ شروع ٿيا مجال آهي جو ڪو تعليم کاتي جو آفيسر ڪنهن ڪم چور ماستر کي چئي سگهي ته تون اسڪول ڇو ڪو نه ٿو وڃين؟ پڙهائين ڇو ڪو نه ٿو ؟ آفيسر خاموش تماشائي بنجي ويا، مجال آهي جو ڪو ڪڇي! اهڙي ڇڙواڳي ڏسي ماستر اسڪول ۾ وڃي پڙهائڻ بجاءِ وڏيرن جي ڪمداري ، ڪوٽاري يا منشيگيري شروع ڪئي، اهڙي دجالي دور ۾ ڪافي سٺا استاد هن پهاڪي ته : ”مرسون مرسون ڊڀ نه چرسون“ تي عمل ڪري استادي شان برقرار رکيو ٿا اچن. آءُ انهن استادن کي جهڪي سلام ٿو ڪريا