رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
بشير خان جي ياد ۾
جيءَ کي ڏيئي وئين جهوري لنو اندر ۾ تنهنجي لوري
سور ڏي ٿو يار صدمان هي حياتي ڏک ۾ ڏوري
موت بر حق آ مڃا ٿو تنهنجي سنڌ کي هئي ضرورت
ديس دشمن پيهي آيو هر گام ۽ هر وک تي ويري
خون ناحق هن ڪيو مقصود جو ۽ ........جو
لاش ساڙي جسم ڳاري ڳاله هن ڪئي آهي ڳوري
اڳواڻ اهڙو ڪين لڀندو سنڌ جي سڪ ساڃاه وارو
سا ڪڍي هن هئي ڇڏي ديس تي جا اک هئي ميري
وارو وارو نينهن ۾ نارو هو هيو هر وقت تيار
موت دشمن کي ملي شل هن وطن تي جان گهوري