تون ياد وري آئين – پيارا شمشير ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪالهه اظهر حيدري تنهنجي وڏي پٽ جو تڪڙو برقي نياپو مليو جنهن ۾ هن يادگيري ڏياري هئي ته 10 آگسٽ تي تنهنجي ورسي آهي ۽ ان سان گڏ اهو اصرار هو ته ڪجهه لکان. هڪ اهڙي دوست، ساٿي رهنما، سنگتي ۽ اتساهيندڙ لاءِ لکڻ ۽ ان جي وڃڻ کانپوءِ يادگيرين جي رڃ کي جهاڳڻ ڏاڍي پيڙا مان گذرڻو آهي. عبدالرحمان شوري سان گڏ آئون 29 ڊي پاڪستان ڪواٽرس جي اڱڻ تي توسان مليو هوس. ساڳي پاٻوهه مان تو ڀليڪار ڪئي هئي تنهنجي اکين ۾ ساڳي چمڪ ۽ اتساهه هيو پر اهي اسان کي ڏسي نه ٿي سگهيون. مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته تنهنجي نظر خراب آهي پر اها خبر نپٽ ڪانه هيم ته تون اسان کي صرف آواز وسيلي سڃاڻندين ۽ وڏي هيج مان سيني لائيندين. تنهنجي جراَت ۽ تنهنجي اعتماد کي شابس هجي تون ان وقت شفا اسلام آباد وڃي رهيو هئين. ان آس سان ته اتي اکين جا ماهر تنهنجي اکين جو نور موٽائيندا. پر ائين ڪونه ٿي سگهيو تنهنجي اندر جو سوجهرو سلامت رهيو. ڊاڪٽر ايوب شيخ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ هڪ وڏي تقريب جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ تون منچ تي مک ڪرسيءَ تي ويٺل هئين تنهنجا سوين چاهيندڙ اتي موجود هئا. هر هڪ محبتون کڻي آيو هو پر ڪنهن وٽ به تنهنجي دل جو درمان ڪونه هو ۽ ڪوبه تنهنجي حسن بانوءَ کي موٽائي نه سگهيو تو وٽ سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جا سوين سپنا هئا. ان کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ تو قلم وسيلي وڏي جنگ لڙي. هر اخبار تنهنجي تز ۽ تيز قلم جو جولان جهلي نه سگهي هئي پر تو ڪڏهين ڪنهن سان ڪابه شڪايت نه ڪئي پنهنجي مسڪيني حال ۾ هڪ پراڻي زخمي گهر ۾ زندگي جا پويان پنجاهه کن سال ڪيئن گذاريا ان جو احساس ٿيڻ به ڪنهن کي نه ڏنو. مون ان شام آرٽس ڪائونسل ۾ تنهنجي محبت جي داستان جا ڪئين قصا ويٺي ٻڌا. پر ”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.“ ڏاهپ جا ڏنگ تنهنجي روح تي سدا لڳل رهيا پر ڪوبه درمان ڏيڻ وارو ڪونه هو. گهڙي سوا لاءِ سڀڪو ساٿي آهي. استپال جي بستري تي آخري وقت تنهنجي جيون ساٿي به آخري سفر جي تيارين ۾ هئي ”تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا.“ خبر ڪانهي ته ان جهان ۾ اوهان ڪيئن آهيو. ضرور مليا هوندا جو ازلي پيار سدا سلامت آهي. اسان سڌڙيا پرت جو پڪون پي ڪونه سگهياسين اوهان اسان کي هر لمحي حوصلي ۽ همٿ جا سبق سيکاريا. شاعري هجي يا نثر هر سٽ ۾ ڪو اتساهه آهي ڪڏهين ڪڏهين سوچيندو آهيان ته ڪيڏو نه خوشنصيب هوس جو تنهنجي سنگت نصيب ٿي اهڙي جنهن ۾ آئون آڌي مانجهي تنهنجي گهر پهچي سگهندو هوس. ڪئين نراسايون، خوف ۽ خطرا کڻي تنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ ويهي وري تازو توانو ٿي ويندو هوس هڪ نئين صبح جي تلاش ۾ ته اوس رات کٽندي ۽ صبح ٿيندو صبح کي ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي پر يار ساٿي ڇڏي پيا وڃن. اڪيلائيءَ جو احساس شديد ٿيندو پيو وڃي. رات ڊگهي ٿيندي پئي وڃي. صبح ڪڏهين ٿيندو. گذريل رات سليمان وساڻ جو پيغام پئي پڙهيم ته موتي پرڪاش تنهنجو پيارو سڄڻ به توسان ملڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي. سڄي سنگت هاڻي تو وٽ سجي پئي. هتي اسان هڪ نئون سماج جوڙيو آهي جتي دهشت آهي. معصوم ۽ بيوس انسانن جا اڻ سڃاتل لاش رستي جي پاسي ۾ ليٽيل آهن. دڙڪا آهن سنڌ کي اڌو اڌ ڪرڻ جا ۽ بيوس بااختيارن جا هيڻن تي حملا آهن ۽ طاقتور ”ٿلها ٿو ٿونا هڻي“ پاڻي ڪنار وهي پيو اڇ ئي اڇ آهي. پر تو مايوسي نه سيکاري آهي ”مولا تي ننگ آهي“ هي سڀ جيڪي ڊيڄاريندڙ ڊوهه آهن سڀ کان سگهارو سدا ساهه ۾ وسي ٿو. تون هردم ياد اچين ٿو تنهنجي ڪچهريءَ جو هڳاءُ ذهن ۾ ٻري ٿو اڄ توکي ڪهڙن اکرن جي ڀيٽا ڏيان؟ منهنجي ڪمزور قلم ۾ طاقت ڪانهي. حق موجود سدا موجود
سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ڀيٽا اکڙين ۾ ڳوڙها تاري ڇڏيا ... سهڻي جاکوڙي انسان جي ڀيٽا هڪ سهڻي ۽ سنڌ پرست جاکوڙي انسان لاءِ .... سنڌ جا روح رليل هجن .. سدا سلامت هجن ...