ڪَي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪَي ڏُورِ بِہ اوڏا سُپِرِين
ڪَي سَنڀرِجَنِ نہ ڪَڏِهِين، ڪَي وِسِرَنِ نہ مُورِ
جِنءَ مَينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِنءَ دوسَ وَراڪو دِلِ سِين.
سُرُ بَرِوو سنڌي
اوڏا = ويجها
ڏُورِ = پري، گهڻو پري، تهائين پري
سَنڀرِجَنِ = ياد پون، ياد اچن
مُورِ = بنھ، هرگز، اصل
جِنءَ = جيئن
ڪُنڍِيءَ = وريل سڱن واري مَينهِن
پُورِ = سڱن جو وَرُ - وريل سڱن وارين مَينهُنِ جا سڱ هڪ ٻئي جي سڱن ۾ ڦاسي اٽڪي پوندا آهن ۽ ڇڏائجي ناهن سگهبا.
هتي اهيا محبوب سان دل اٽڪيل هجڻ جي تشبيھ ڏني وئي آهي.
تِنءَ = تيئن
دوسَ = دوست، پرين، محبوب
وَراڪو = وَرُ، پيچ، ڳانڍاپو
دِلِ سِين = دل سان ڳنڍيل، جڙيل، سلهاڙيل هجڻ
بيت جو پس منظر
~ ڪي ماڻهون ويجهو هوندي بہ پري ۽ ڪي پري هوندي بہ ويجهو لڳندا آهن.
~ ڪي ڪڏهن ياد ئي ناهن ايندا تہ ڪي وسرندا ئي ناهن.
~ محبوب سان محبت جو پيچ بہ ڪُنڍِي مَينهِن جي وَرَ جيان اٽڪيل رهي ٿو.
سمجهاڻي
هن دنيا ۾ شين جا معيار، ماڻَ، ماپا ۽ درجا بنديون مختلف ٿينديون آهن. ڪي شيون عام، معمولي ۽ روائتي آهن تہ ڪي وري اوچيون ۽ اعلي' درجي جون آهن. ايئين ئي رشتن، ناتن ۾ بہ ڪي هٿ ملائڻ ۽ ڪي سلام دعا وارا عزيز دوست تہ ڪي وري سر ساھ جا مالڪ ٿين ٿا جن کان سواءِ پل بہ ناهي سرندو. ڪي گهر، پاڙي ۽ شهر ۾ هوندي بہ پراوا ۽ اوپرا لڳندا آهن. ڪي وري اکين کان سوين ڪوهن جي مفاصلي تي هوندي بہ صفا ويجهڙا ، دل ۾ رهندا آهن.
ڪي ڪڏهن ڀلجي بہ ياد ناهن ايندا تہ ڪي وري ڪڏهن وسرندا ئي ناهن. سدائين سندن تصور ۽ تصوير مَنَ جي مندرَ ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ پئي جهلڪندي آهي.
اهي سر ساھ جا مالڪ محبوب، جن جو نالو تسبيح جَي داڻن جيان هر وقت دل ۽ چپن تي رهندو آهي. تن سان جڙيل محبت جو هي ازلي ۽ ابدي پيچ بہ ڪُنڍيءَ مَينهِن جي پُور جيان ڪڏهن ڇڄي ناهي سگهندو.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____