• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

clip_image004.gif


clip_image007.gif



هڪ نظر سان ئي ٻُڏي دل جي ڪشتي وئي هلي
تنهنجي نيڻن جي سنڌوءَ، جي جڏهن ڇولي لڳي

ٽهڪ ڏيندي مور جيئن، ٽلندي پرين جو تو ڏِٺو
رنگ وِکِرِي ويا فِضا ۾ ، عيد يا هولي لڳي

تنهنجي زُلفن جي ڪمندن ،جو رهيو جيڪو اسير
توکان ٿيندي ڌار تَنهنکي،دنيا سڄي کولِي لڳي

ڳالھ دل جي مان زبان سان، پئي ڪري سگهيس مگر
لڙڪ لاڙِيندي اکين سان، ڳالھ بس سولي لڳي

گيت غزل بيشڪ ڀلا،آهن چيا شاعرن مگر
شاھ ڀٽائي جي جا وائي،ماءُ سندي لولي لڳي

ياد ناهين پر اي خادمَ، چهرو ٿو ڄاتَل لڳي
ڳالھ تُنهنجي هيءَ اندر ۾، ڄڻ ته ڪا گولِي لڳي

سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com
 
گيت غزل بيشڪ ڀلا،آهن چيا شاعرن مگر
شاھ ڀٽائي جي جا وائي،ماءُ سندي لولي لڳي


بهترين ... لاجواب
 
Back
Top