ڪجه تاريخ تي نظ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    انگريز آيا ته هتان جي جوڌن انهن کي نيڪالي ڏيڻ جي جنگ شروع ڪئي پو اها ڇاپا مار جنگ حر مجاهدن جي صورت ۾ به ته هوش محمد جي صورت ۾ به ۽ ٻين انيڪ انسانن جي جدوجهد به جن ۾ منهنجا مانا وارا سائين وڏا پاڳارا صاحب ،تاج محمد امروٽي ،محمد صديق کڏي وارا ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا سنڌي هنن ڪافرن کي سنڌ نيڪالي لاءِ سر سان ڪفن جون فتوائو ڏنيو جنهن ۾ وطن يا ڪفن جو نعرو ڏنو جيڪو اڄ به جوڌن جي زبان تي حوصلي جو سبب بڻجي ٿو ...

    هي سڀ1947 کان اڳ جو منظر آهي ...پر1940 ۾ سوچ کي طلسمي طور بدلائيو ويو اهي جيڪي انگريزن جا پٺو هيا جيڪي انهن جي يس سر ڪندڙ هئا اڳتي آيا ۽ ملڪ کي هندو مسلم گهڻائي جي بنياد تي ٻه حصا ڪيو جنهن سبب هندو جيڪو هن خطي ۾ ڪڏهن به حڪمران نه ٿيو هو سو گانڌي اگهاڙي بدن واري جي ور چڙهي ويو ۽ نهرو نڀاڳو هن مسلمان حڪمراني ڪندڙ ايريا تي مسلط ٿي ويو ۽ اسان جا اڪابر بي عقلائي ڪندي جتي صدين کان سنڌي مسلمان حڪمراني ڪندا آيا کي آخري حد سمجهي ڪجه حآصل ڪرڻ جي روپ ۾ اصل ۾ هارائي ويٺا انگريز جي چال کان ۽ هندن جي پليت پاليسي کان .....1947 تي اهيو بانور ڪرايو ويو ته اسان پاڪستان ان ڪري ٺاهيون ٿا ته هڪ اهو ملڪ جتي اسلام جي بالا دستي ۽ اسلام جا احڪام بلند هوصلي سان لاڳو ڪيا ويندا ....پر اسان جو اهو جذبو جوش شروع کان آهستي آهستي بدلائڻ شروع ڪيو ويو پهرين ئي سٽ ۾ لياقت علي هن ملڪ جو بنا اليڪشن جي وزير اعظم ڪيو ويو جنهن بي حودا طرز حڪمراني ڪندي هن ملڪ ۾ مائگريشن جو بنياد وجهي پنهنجي انهن انگ اگهاڙن ڪافرن کي گهرايو جنهن جي ڪا ضرورت ئي نه هئي ...جنهن تي هن جا قائد اعظم سان اختلاف به ٿي پيا ...

    ۽ پو انهن جي هندي ٻولي جيڪا آواز ۽ انداز ۾ هندي ٻولي ئي هئي هن ملڪ تي رائج ڪرائي ۽ سنڌي ٻولي جيڪا هڪ صدين جي ٻولي شاندار ٻولي تنهن کي زور جا بند وڌا ويا جيڪي اڄ ڏينهن تائين وڌندا وڃن پيا پر ختم نه ٿيا ...

    وري انهن هندن کان نفرت ته ٺيو اڄ انهن جي پوءِ واري ڪندي انهن جي شين سان پيار انهن جي فلمن جي نمائش انهن جي هندي ڌرمي فلمن جو پاڪستان جي هر گهر ۾ پهچ کي يقيني بڻائي ڇڏيائون ۽ هندستان جي هر پراڊڪٽ ۽ انهن جي بي حوده شيون پان گٽڪو ...تلسي وغيرکيهتي آڻي هتان جي آبادي کي نقصان ڏيڻ جو مهلڪ نشو واپرائڻ تي مجبور ڪيو ..جو اڄ ٿر ۽ ڪاڇي جو هر فرد هن نشي ۾ وٺجي ويو آ

    وري هنن هندستانين جي اثر ڪري هاڻي ڪا به جڳه واندي نه آهي جتي هنن جي معاشري جي تباهي ڪندڙ اگهاڙين فلمن جي نمائش نه ٿي ٿي ۽ هنن جي اثر هيٺ ڪيبل آپريٽر هندي ڊراما جن ۾ صرف هندي مذهب جي پرچار آهي عام آ ...

    مونکي ان تي اعتراض نه آهي ته ڪو پنهنجي مذهب جي پرچار ڪهڙي نموني ڪري ٿو پر ان تي اعتراض ضرور آهي ته جنهن کي سبب چاڻائي هي ملڪ ٺاهيو ويو اڄ انهن کي اڌارڀاءُ ڪندي انهن جي شين جي نمائش سر عام آهي ۽ بي هودگي ڪندي جيڪو هندو چاهي ٿو اهو اسان جي مسلمان کان پو اهو ڪو سروس ۾ هجي يا پڻ فوج ۾ ڪم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن جنهن ۾ اسلام کي رائج ڪرڻ واري تي بمباري ۽ اگهاڙِون فلمون هلائي معاشري کي بيمار ڪندڙ جي حوصلا افضائي هي سڀ اڌ صدي جي سفر ۾ بدلجي ويو سڀ ڪجه جنهن لاءِ هي ملڪ سبب ڄاڻائي ورتو ويو ...اڄ هو ڪتو سراعام الطو هندستان کي سڏي رهيو آهي انهن جي ڊائيس تي انهن جي ڪم ڪرڻ جي پڪ خاطري ڏيئي رهيو آهي ۽ اسان جا حڪمران کدڙا انهن کي پرچائڻ ۾ لڳا پيا آهن ...ڇا چئجي ڪنهن کي چئجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو