ڇا ٿو ڀائين! (استاد بخاري)

'استاد بخاري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    منهنجي باري ۾ او سائين،
    ڇا ٿو ڀائين!

    توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو،
    ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو،
    پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين،
    ڇا ٿو ڀائين!

    تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو،
    لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو،
    پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين،
    ڇا ٿو ڀائين!

    غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي،
    جان جلي ٿي جاني منهنجي،
    پر جي تن جو کائين، پائين،
    ڇا ٿو ڀائين!

    واقف آ استاد بخاري،
    تو فرمائي دلڙي ٺاري،
    پر جي منهنجو يار سڏائين،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو