ذوالفقار دولتاٹی
سينيئر رڪن
ڪاش سائين جي ايم سيد پاڪستان لاء ٺھراء پاس نه ڪرائي ھا ؟،
ته شايد اڄ جيڪي ھي سنڌي ۽ بلوچن جا چچريل لاش ملن پيا، نه ملن ھا
سنڌي ۽ بلوچن مٿان پنھنجي ئي ڌرتي ۾ پنجاب سامراج ھي ظلم نه ڪري ھا
سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ٿيڻ:
تاريخ 14 آڪٽوبر 1942ع ۾ الهه بخش سومري وزيراعظم سنڌ، انگريز سرڪار جا ڏنل خطاب احتجاج طور واپس ڪيا. گورنر کيس وزيراعظم جي عهدي تان برطرف ڪيو ۽ غلام حسين هدايت الله وزارت ٺاهي، جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي تنظيمي ڪم ۾ مشغول هو، هو مسلم ليگ کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪري رهيو هو. سر غلام حسين جي وزارت مسلم ليگ جي مدد سان حاصل هئي، هُو مرڪزي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو منظور نظر هو.
”تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ موقعو اهڙو به آيو جو انگريزن قائداعظم کي چيو ته هو مسلم اڪثريت واري صوبي جي ڪنهن به اسيمبليءَ مان پنهنجيءَ اڪثريت جو ثبوت ڏئي. انهيءَ نازڪ مرحلي تي پير عبدالرحمٰن ڀرچونڊي جيڪو روحاني پيشوا هو، تنهن اهو ڪم ڪيو. پير صاحب سڀني مسلمان ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن مان ڪيترا هن جا معتقد هئا، پر انهن جي اڪثريت ڪانگريس سان هئي، پر صاحب هڪ هڪ ميمبر کي چيو ته اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ تحريڪ پاڪستان جي تائيد ۾ ووٽ ڏين“ - - - -(1)
تاريخ 3 مارچ 1943ع تي جي. ايم. سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي تاريخي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هندستان جا مسلمان الڳ قوم آهن ۽ الڳ قوميت تحت الڳ وطن جو مطالبو ڪن ٿا. (2) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس چيئرمين مسٽر جي فريزار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، مسٽر جي. ايم. سيد اجلاس ۾ هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو هو:
هيءُ اجلاس حڪومت کي سفارش ٿو ڪري ته هو پنهنجي شهنشاهي حڪومت کي عزت ماب وائسراءِ جي وسيلي، هن صوبي جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشات کان آگاهه ڪري: جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ الڳ قوم آهن، جنهن کي الڳ مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي نظريات آهن. انهيءَ لاءِ هو حق بجانب آهن ته هو هڪ الڳ قوم آهن. هو هندن کان بلڪل مختلف آهن، مسلمانن کي اتي پنهنجي جدا آزاد قومي رياست هجي، جتي اهي هندستان جي اڪثريتي علائقن ۾ آباد آهن. انهيءَ لاءِ هو ظاهر ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي اهڙو ڪو به آئين قبول نه هوندو، جنهن ۾ مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت ٻي قوم جي زير اثر رکيو وڃي...... انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ڌار قومي رياست هجي. جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته، حڪومت انهيءَ لاءِ ذميوار رهندي، جنهن جو نتيجو خانه جنگي ۽ بي گوروڪفن وانگر هوندو.
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ قرارداد جي حمايت ۾ تقرير ڪئي ۽ اجلاس آڏو ٻه ترميمون پيش ڪيون. نهچلداس وزيراڻي اعتراض ڪيو مگر اهي ترميمون به اجلاس ۾ منظور ڪيون ويون. ترميم ۾ چيو ويو ته:
”ترميم آندي ويئي ته آخري سٽ نمبر 3 ”پنهنجي“ لفظ جي بدران لفظ ”اقليتن جي سلامتيءَ لاءِ“ جملو شامل ڪيو وڃي ۽ آخري سٽ جو لفظ خانه جنگي ۽ بي گورو ڪفن وانگر“ جي بدلي لفظ ”خوفناڪ“ آندو وڃي“ - - - - - (1)
اجلاس ۾ ڪل 27 ميمبر هئا، جن ۾ 24 ميمبرن قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ ٽن ميمبرن مخالفت ڪئي. حمايت ڪندڙ هئا:
1- شيخ عبدالمجيد سنڌي 2- خانبهادر الهه بخش گبول
3- خانبهادر حاجي امير علي لاهوري 4- ارباب توڳاچي
5- مير بنده علي ٽالپر 6- مير غلام علي ٽالپر
7- سر غلام حسين هدايت الله 8- خانبهادر غلام محمد اسراڻ
9- سيد غلام مرتضيٰ شاهه 10- خانبهادر غلام نبي شاهه
11- پير الاهي بخش 12- نواب ڄام جان محمد
13- مسز جينا ٻائي جي، الانا، 14- سردار بهادر سردار قيصر خان
15- سيد محمد علي شاهه 16- خانبهادر محمد ايوب کهڙو
17- حاج محمد هاشم گذدر 18- محمد عثمان سومرو
19- محمد يوسف چانڊيو 20- سيد نور محمد شاهه
21- رئيس رسول بخش خان انڙ 22- علي گوهر خان مهر
23- شمس الدين خان بارڪزئي 24- خان صاحب سهراب خان سرڪي
مخالفت ڪندڙ هئا:
1- راجه صاحب گوڪلداس 2- ڊاڪٽر هيمنداس آر- واڌواڻي
3- لعلو مل آر- موٽواڻي - - - -- - (1)
هندو ڪانگريسي ۽ ٻين آزاد هندو ميمبرن هن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.