• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛مخدوم طالب المولي

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
وڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.
اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.
ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.
پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.

نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.

جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.

پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
 
مخدوم صاحب رحه جي بيت جو اهو بند مونکان اڃان تائين ناهي وسريو، سال 2008 ۾ نائين ڪلاس جي سنڌي سبجيڪٽ ۾ پڙهيو هئم..
پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
 
Back
Top