• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي سامُونڊِي سارَي، مَٿَي تَڙَ گُذارِيان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

vGOcaM.jpg

سامُونڊِي سارَي، مَٿَي تَڙَ گُذارِيان
مُون کَي ٿِي مارَي، اُنِيَنِ سَندِي ڳالَڙِي


سُرُ سامُونڊِي

سامُونڊِي = سمنڊ ذريعي سفر ڪندڙ - واپاري يا پورهيت
سارَي = ياد ڪري
مَٿَي = تي
تَڙَ گذاريان = بندر تي گذاريان
اُنِيَنِ = انهن
ڳالِڙِي = ياد ، سارَ، گڏ گهاريل پل

بيت جو پس منظر

~ سامونڊين کي ياد ڪري پئي بندر تي گذاريان.
~ مون کي محبوبن جي ساروڻين هڻي ماري وڌو آهي.

سمجهاڻي

هڪ وڻجاريءَ جو محبوب پرڏيھ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي، تنهن اچڻ ۾ سالَ لڳائي ڇڏيا آهن. سندس ڪا خبر چار ئي ناهي تہ هو ڪٿي آهي. هيءَ وڻجاري صبح کان سانجهيءَ تائين بندر تي هر ايندڙ جهاز ۽ ٻيڙي کي لنگر انداز ٿيندي ئي پنهنجي پرينءَ کي تلاشي ٿي.
جڏهن سڀ سامان، مسافر ۽ عملي جا ماڻهو لهي وڃن ٿا ۽ سندس محبوب نٿو ملي تہ مايوس ٿي وري ڪنهن ٻئي جهاز يا ٻيڙي اچڻ جو انتظار ڪري ٿي. رات جو جڏهن سڀ سمهي ٿا پون تہ سندس سور جاڳن ٿا. پرينءَ سان گهاريل پل ياد ڪري سندس اکين بند ڀڄي پون ٿا. کيس ياد آهي محبوب جي ڪنڌ هيٺان ورايل ٻانهَن تي ننڊ ڪرڻ، ۽ رهاڻيون ڪندي پرھ جو ڦٽي پوڻ ۽ سج اڀرڻ.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top