نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَههَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ رِي
سُرُ سامُونڊِي
نَنگَرَ = جهاز، وڏا ٻيڙا، لنگر
ناڙِيُون = چم جون ٿيلهيون- جن ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي ڀريو ويندو هو، سمنڊ جو پاڻي کارو آهي.
پَڳَھَ = رسا، نوڙيون
پَنڌِ ٿِئا = هليا ويا، روان ٿيا
سُڃا = ويران، سنسان
سامُونڊِيَنِ = سمنڊ ذريعي سفر ڪندڙ وڻجارا يا پورهيت
بيت جو پس منظر
~ جهاز ۽ ٻيڙا سامان کڻي روانا ٿي ويا آهن.
~ وڻجارن وڃڻ کان پوءِ بازاريون ۽ بندر ويران ٿي ويا آهن.
سمجهاڻي
بندر تي هر وقت ماڻهن جا ميڙ ۽ ميلا متل هوندا هئا هڪڙا جهاز ۽ ٻيڙا سامان سان ڀرجي روانا ئي مس ٿيندا هئا تہ مٿان ٻيا پرڏيھ مان آيل ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا. جهازن ۽ ٻيڙن تي ڪم ڪندڙ عملي جي مٽن مائٽن، ٻارن، زالن ۽ سندن محبوبائن، جيڪي وڃڻ وارن کي الوداع ۽ اچڻ وارن کي ڀليڪار ڪندا هئا، جِي رش لڳل هوندي هئي. سامان جي خريد فروخت ڪرڻ وارا واپارين، گراهڪن ۽ بندر گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن جي بہ پِيھَ متل هوندي هئي.
هيترن سارن ماڻهن جَي کاڌي پيتي لاءِ هوٽلون، چائي خانا، خريداري مرڪز، بازارون ۽ دڪان بہ رات ڏينهن کليل
هوندا هئا.
پر اڄ....!!!!!!
بندر ۽ بازاريون ويران، سنسان لڳيون پيون آهن ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي.
اڄ وڻجارن جي زالن ۽ محبوبائن جَي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن. لڙڪن لارون، پرين پچارون ۽ پڪارون، سڏڪا، آهون
۽ دانهون آهن. هر طرف سناٽو، سانت ۽ ويراني ڇانيل آهي ڇو تہ وڻجارا ٻيڙا هڪلي ڏيساور روانا ٿي ويا آهن.
اچو سوچيون تہ ڀٽائي جنهن ويراني، تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالھ ٿو ڪري ان جو ڪير ذميوار آهي...!!؟
اسان آخر ڪڏهن پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي مالڪي ڪري اهيي آسودگيون ۽ خوشحاليون بحال ڪنداسين...!!؟
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____