• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُندَرَ گاڏُئُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُندَرَ گاڏُئُون
اَگُنِ چاڙهَي اَڱُ، وِئو وَڻِجارو اوهِري.


سُرُ سامُونڊِي

سامُونڊِيڪو = سامونڊين وارو
سَڱُ = ناتو، رشتو، لاڳاپو
گُندَرَ = غم، ڏک، ڳڻتيون، پريشانيون، اوسيئڙا
گاڏُئُون = گڏيل، سلهاڙيل، ڳنڍيل
اَنگُنِ = سوري، ڦاسي
اَڱُ = بدن، جسم، عضوا
وِئو = هو ويو
وَڻِجارو = سامونڊي واپاري
اوهِري = هڪلي، ڪاهي

بيت جو پس منظر

~ سامونڊين سان سڱ سورن ۽ عذابن وارو آهي.
~ هو منهنجي جسم کي ڦاسي چاڙهي، ٻيڙي هڪلي ويو.

سمجهاڻي

اڄ جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ گهڻي ترقي اچي وئي آهي. تيز رفتار پاڻيءَ جا جهاز، هوائي ڪارگو سروس عروج تي آهي. پر تنهن هوندي بہ لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو وري بہ سمنڊ سان سلهاڙيل آهي. جن ۾ جهازن، ٻَيڙن، ٻيڙِين تي ڪم ڪندڙ ماڻهون ۽ مڇي ماريندڙ ملاح شامل آهن.
هيءَ وڻجاري چئي ٿي :
مون سامونڊي پرينءَ سان لنئون لائي سور، سختيون ۽ عذاب پِرايا آهن. منهنجو جسم تيرن، نيزن ۽ ڀالن جي تکين چُنهُنبُنِ جي مٿان ڄڻ ٽنگيل آهي. جيڪي هر پل جسم ۾ چُڀَندِيون رهن ٿيون. محبوب مون کي ڦاهيءَ ٽنگي هليو
ويو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top