• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمال درجي جو قرب آهي

ڪمال درجي جو قرب آهي
__________________
ڪمال درجي جو قرب آهي ،نه وسري سگهيو سڀ ياد آهي
ڏونگر ڏکن جو ڏوري ڏوري ،شڪوه شڪايت نه فرياد آهي...
سور سختيون سر تي سهندي، ڏوجهرن ۽ ڏکن ۾ رهندي
حياتي بي حد بيتاب ڪيڙو، بره ۾ نينهن ناشاد آهي ...
سڳي ۾ پوتل سڪ جون سوچون، چاهتن ۾ سدان چرن ٿيون
هل هنگامو حب ڪري ٿي، بره ڪيو برباد آهي...
محبتن ۾ مانڌاڻ آهن ،بي چين ايڏو بره ڪري پيو
حب جي هلچل اڃا هلي پئي، درياه کي ڄڻ کاڌ آهي
او سهڻا سائين جيئو سدائين، دعائن جا تولئه دوار آهن
اکين ۾ تنهنجو عڪس اڃا آ،اوهان وٽ نه ڪو داد آهي ....

رسول بخش دائودپوٽه
 
مانڌاڻ سائين پريشاني جو عالم ،ڏچو ،هل هنگامو ن .

سائين جڏهن کير ولوڙبو آهي ته چاڏيءَ ۾ اندر مانڌاڻي جو جيڪو عمل آهي ان کي مانڌاڻ سڏبو آهي
 
جي بلڪل پر هتي هي پريشاني ،ڏچي جي طرف اشارو اهي هر لفظ جو جملي سان ملائڻ کان پو معني! مطلب ڪجه مختلف ٿيندو آهي ۽ زبر زير يا پيش جو سهارو به معنيٰ کي بدلائي ٿو ڇڏي ....جيئن پت ،پت جي پي کي زبر ڏبي ته معني! هڪ ۽ جي زير ڏبي ته معنيا ٻي ....وري جيئن عورو معنيٰ گهٽ ...پر جي جملي ۾ چئبو ته توهان جا ٿورا ته معني! ٻي ٿي ويندي ....وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو سائين ......
 
اوهان بلڪل درست آهيو
جڏهن چاڏي ۾ مانڌاڻي جو عمل کير مان لسي ۽ مکڻ لاءِ ٿي رهيو هوندو آهي ته عين ان وقت به کير لاءِ پريشاني هوندي آهي کير کي ابتيون سبتيون ڦيراٽيون اينديون آهن، ننڍڙا ٻارڙا جڏهن کيڏيندي گول ڦرندا آهن ۽ ڦري ڦري رڪجندا آهن ته رڪجي نه سگهندا آهن ٿيڙ ٿاٻيڙ کائي ٿاٻڙجندا آهن، محبت ۾ به اهائي مانڌاڻ هوندي آهي
 
Back
Top