محمد بخش لغاري
سينيئر رڪن
اســان بــن ۾ جـيڪـي بـه راتـيـــون لــٽــايــون
اســان بــن ۾ جـيڪـي بـه راتـيـــون لــٽــايــون،
پـــرهه مـک تي جھـومڪ جـــيـــان سي سجـــايــون.
نه پــاتي اســان ڪــا بـه مــالـها نـه پــــاتي،
چنبيليءَ ولـــيون هـــر اڱـڻ تـي لــڳايون.
اها مـــاٺ مڪلي! چـــئي ڏي چـئي ڏي،
اســان تــو ۾ ڪيڏيــون ڪـهاڻيون لــڪـايــون.
تـــون اڄ بڻج ڪينجھر، مـان بڻجان ٿو ٻيڙي،
وري ڇــولــين ۾ سـمنـڊ ڪـــو ســمـايــون.
پـئي چــــنڊ تـــڙپـيو ســتارا پـئـي مـڇـــريـا،
اســـان تنهنجيون پلڪـون چـپن تــي گھمـايـون.
هي لـڙڪن جـا مـــوتي هي آسـن جا کـنڊر،
هـي پنهنجيون ڪمايــون هـي پنهنجيون لـٽـايـــون
اسين جــــوڳي نيريءَ نـگـر جي ڪـنڌيء تـي،
پـيــا جــوڻ ڪنهن چــنڊ چــمڻ لاءِ مٽايـَـــون.
حليم باغي