موبائل جو استعمال هاڻي اسان جي معاشري ۾ عام ٿي چڪو آهي جيڪا ٻار کان وٺي جوان ۽ پوڙهي تائين ان کي استعمال ڪيو ٿو وڃي هنئن ڏٺو وڃي ته ان جو استعمال اسان جي ضرورت به آهي جيڪا اسان جي قيمتي وقت کي بچائي ٿي ، پر ان موبائل اسان کي هڪ اهڙو مرض به ڏنو آهي جنهن کي اسان هڪ فوبيا جي بيماري به چئون ته ايهو ڪو غلط نه آهي اسان موبائل هن وقت ايترو ته استعمال ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن ڪنهن بس ۾ سوار آهيون يا ڪنهن پبلڪ پليس تي ويٺل آهيون پر اسان کي پنهنجي آس پاس جي به خبر نه ٿي پوي ته اسان جي آس پاس ۾ ڪير ويٺو آهي يا ڇا پيو ٿئي، جو پنهنجي لور سان ايترو ته تيز ڳالهائينداسين جو ٻڌڻ وارو جيڪڏهن مون وانگر شرميلو هوندو ته اهو صرف ايهو پيو سوچيندو يار بس اسٽاپ اچي ته مان ته لهي وڃا، ان مان هاڻي ايهو ثابت تو ٿي اسان هاڻي صفا بداخلاق ٿي ويا آهيون ، اسان کي هاڻي پنهنجي معاشري ۾ سٺي ڪم ڪرڻ جي بجاء ايهو ئي ڪم بچيو آهي جو اسان پراون نگن سان موبائل تي گالهائي ڪري ايهو ثابت ڪيون ته اسان هڪ وڏا ڪامبو خان آهيون ، اهڙن ماڻهن جي سوچين کي ڏسي ڪري اسان کي هاڻي ايئن ٿو لڳي ته اسان ترقي ڪرڻ بجاء هاڻي تمام گهڻو پوئتي وڃي رهيا آهيون ، ڇو جو اسان جو نئون نسل به اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن نسل کي ڪتاب پڙهڻ ، ٽڪينيڪل ٿيڻ، هڪ تخليقي سوچ رکڻ، پنهنجي سٺي مستقبل تي سوچ ويچار ڪرڻ بجاء صرف موبائل تي فيس بڪ ، ٽويٽر، واٽس اپ استعمال ڪرڻ ئي رهيو آهي ، ان کان سواء ڪجه ٻيو ڪرڻ تي دل ئي نه ٿي چوي ۽ مون ايهو به ڏٺو آهي ته ان موبائل کي گهڻي استعمال ڪرڻ سان ماڻهون اوترو ئي مايوس به رهي ٿو ، پهريان موبائل تي صرف مسيج چيٽنگ يا ڪال ڪئي ويندي هئي هاڻي ته بس دنيا ئي هٿ ۾ آهي ، مان سمجهان ٿو دنيا کي هٿ ۾ رکڻ هڪ وقت جي ضرورت آهي پر اصل ڪم ايهو ئي آهي جو اسان پنهنجو پاڻ کي اهڙا بڻايون جو دنيا ۾ رهڻ وارا اسان جي تخليقي سوچ جا محتاج ٿين ۽ پاڻ وٽ گهرائي ڪري اسان کي هڪ آڌرڀاءٌ چون ، سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ سان به سچين ڪوڙين خبرن جي معلومات ملي ٿي وڃي پر ڏٺو وڃي ته اسان پاڻ ڇا ٿا ڪيون صرف انهن خبرن پڙهڻ تي ئي پنهنجو وقت ضايع ٿا ڪيون يا اسان کي ڪا ترقي به ملي ٿي سگهي ، ترقي ان ۾ ڪڏهن به نه ملندي جيڪڏهن ڪجه ٿيڻ ٿا چاهيو ته پوء ڪتابن سان دل لڳايو ، فضول وقت ضايع ڪرڻ بجاء ڪجه اهڙو سٺو عمل ڪيو هن معاشري جا ماڻهون توهان کي سٺي نالي سان ياد ڪن باقي پوري رات ، پورو ڏينهن موبائل ۽ واٽس اپ استعمال ڪرڻ سان ڪجه نه حاصل ٿيندو جنهن ماڻهون جي لاء توهان ايترو ٽائيم وقف ڪيو ٿا ته ايهو به ياد رکو ته اهو ماڻهون به صرف توهان سان ٽائيم پاس ٿو ڪري ۽ ذهني تسقين جي تلاش ۾ توهان سان تو چيٽ ڪري باقي هن بيوفا جهان ۾ ڪوئي ڪنهن جو نه آهي هر هڪ پئسي ۽ اسٽيٽس جو بکيو آ سو ان لاء پنهنجي پاڻ کي هڪ سٺي منزل تي رسايو ۽ هن معاشري ۾ سٺي هئڻ جو ثبوت ڏيو جيئن ايندڙ وقت توهان کي هڪ سٺي نالي سان ياد ڪري ۽ توهان جو نالو روشن ٿي ” ٿورو لکيو گهڻون سمجهندا“ (سعيد احمد مڱريو)