ٽائيٽل ؛ بڪيرا شريف شاخ : ڳوٺ بُڪيرا شريف: تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار، جي ديهه ”بُڪيراڻيءَ“ ۾ هڪ مشهور ڳوٺ آهي. هيءَ ڳوٺ نصرپور جي اوريان -ٽن- ڪوهن ۽ ٽنڊي الهيار کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف شيخ ڀرڪيي روڊ تي واقع آهي. هتي غوث -بهاءُ الدين ذڪريا- جي اولاد مان قريشي پيرن جي درگاهه آهي. لفظ بُڪيرا، ”بُڪيءَ وارا“ جي بگڙيل صورت آهي، روايتن مطابق اندازاً اٺين صدي عيسويءَ ڌاري سنڌو درياهه جو وهڪرو، انهيءَ جڳهه کان هوندو هو ۽ درياهه هتان ئي موڙ کائيندو هو. -ان- موڙ وٽ مُهاڻا -آباد- هوندا هئا، جيڪي درياهه جي -ان- موڙ کي ’بُڪ‘ يا ’بُڪي‘ ڪري سڏيندا هئا. بعد ۾ اهو موڙ مهاڻن جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ اهي ”بُڪيءَ وارا مهاڻا“ سڏجڻ لڳا. ائين اهو ڳوٺ ”بوڪيل“ سڏجڻ لڳو، جڏهن ته نائين صدي هجريءَ ڌاري بزرگن جي اچڻ ڪري ’بُڪيرا شريف‘ سڏجڻ لڳو. هن شهر ۾ 35 فوٽ اُوچو هڪ دڙو آهي، جنهن تي شهر جي آباديءَ جو چوٿون حصو رهي ٿو. مذڪوره دڙو انتهائي قديم آهي، پر دڙي جي موجوده صورت ۾ اچڻ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. ڪن روايتن مطابق اهو دڙو دشمن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ڪن جو خيال آهي ته اهو دڙو، مُهين جي دڙي جيان ڪو تباهه ٿيل شهر آهي. ڪجهه سال اڳ هن علائقي مان چانديءَ جا پُراڻا سڪا مليا هئا ۽ ڪيترين ئي جاين جو بنياد کوٽيندي ڦلهيار، ڪوئلو، مٽيءَ جي ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا، هڏا ۽ ٻيو سامان پڻ مليو هو، جنهن مان هن شهر جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت ”بُڪيرا شريف“ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار جو اهم شهر آهي. هتي جي پرائمري اسڪول جي پهرين عمارت 1906ع ۾ ٺهي، جڏهن ته ڊسپينسري 1940ع ۾ قائم ٿي. 1960ع ۾ بوائز مڊل اسڪول ٺهيو. هن شهر کي، 1974ع ۾ بجليءَ جي سهوليت ڏني وئي، جڏهن ته 1978ع ۾ حبيب -بئنڪ- هن شهر ۾ شاخ کولي. 1988ع ۾ صحت مرڪز ۽ هاءِ اسڪول قائم ٿيا، 1995ع ۾ -ٽيليفون- ايڪسيچينج ۽ 1999ع ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو. تاريخي روايتن موجب، جنهن هنڌ هن وقت اهو ڳوٺ -آباد- آهي، اتي 951هه/ 1544ع ڌاري غوث -بهاءُ الدين ذڪريا- جي اولاد مان شيخ فاضل شاهه اچي ويٺو. لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت شيخ شهرالله نالي هڪ بزرگ (جيڪو پڻ غوث -بهاؤالدين- جي اولاد مان هو) نصرپور ۾ اچي رهڻ لڳو. شيخ فاضل شاهه پنهنجي نياڻي شيخ شهرالله کي ڏني. ائين آهستي آهستي ملتاني پير انهيءَ هنڌ -آباد- ٿيندا ويا. مٿين بزرگن مان پوءِ شاهه سراج الدين، شاهه قائم الدين قلندر، مهر شاهه ۽ فاضل شاهه (ثاني)، جئي شاهه ۽ -امام- بخش شاهه پالڪيءَ واري جهڙا بزرگ پيدا ٿيا، -جن- پنهنجي علم ۽ فضل جو ڌاڪو ڄمايو ۽ وڏو نالو ڪڍيو . ( انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)