لاهِيان جَي نہ چِتان، اَلا ! اُنِ مَ وِسِران
مَڙهِئو مَنجَهاران، جِيءُ مُنهِنجو جَنِ سِين
سُرُ سامُونڊِي
لاهِيان = وساريان، ڀلجي وڃان
چِتان = دل تان، مَنَ تان
اَلا ! = آھَ ۽ دانهَن جو قِسِمُ - جيڪا اندر مان، دل مان پيڙا جي اظهار طور نڪري ٿي
اُنِ = انهن کان، هنن کان ( پرين کان )
مَ = نہ
وِسِران = وسري وڃان، دل تان لهي وڃان
مَڙهِئو = ڳنڍيو، جڙيو، هٿيڪو، ڦاٿل، سلهاڙيو
مَنجَهاران = اندران ئي اندران، لڪل، ڳجھ ڳوھ ۾
جِيءُ = روح، ساھ، مَنُ، دل
بيت جو پس منظر
~ جيڪي منهنجي دل تان نٿا لهن، شال انهن کان ڪڏهن نہ وسري وڃان.
~ منهنجو مَنُ اندران ئي اندران انهن سان ڳنڍيل آهي.
سمجهاڻي
ڪي ماڻهون ڪڏهن ڀلجي بہ ياد ناهن ايندا ۽ ڪي وري وسرندا ئي ناهن، دل تان لهندا ئي ناهن. هونئن ياد تہ انهن کي ڪبو آهي جيڪي وسري ويندا آهن پر جيڪي هر گهڙي، هر پل ۽ ساھ ساھ ۾ سمايل هجن سي ڀلا دل تان ڪيئن لهندا ؟
هن وڻجاريءَ جي دل مان هڪ آھَ نڪري ٿي جنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. پر هوءَ چئي ٿي:
جيڪي پرين منهنجي دل تان ڪڏهن لٿا ئي ناهن. جن کي پل پل ۾ ۽ ساھ ساھ ۾ ساريندي رهان ٿي. شال اُهي بہ مون کي ايئين ئي ياد ڪندا هجن. جن سان منهنجي دل جا، ساھ جا ۽ روح جا رشتا اندران اُڻيل، واڳيل، واڻيل، ڳنڍيل، سبيل ۽ سلهاڙيل آهن. سي محبت جا نفيس، نازڪ ۽ ڪومل جذبا ۽ رشتا پرينءَ سان سدائين جڙيل رهن.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____