• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

20855373602_a584d3e294_o.jpg


جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون
آيَلِ ! ڍولِئَي ساڻُ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِيُون ڪَرِيان


سُرُ سامُونڊِي

هاڻِ = هاڻي، هينئر
رُوحَ رُچَندِيُون = روح رهاڻيون، روح ۽ دل کي فرحت ۽ سڪون ڏيندڙ، روح ريجهائيندڙ ڪچهريون
آيَلِ = جيجل ماءُ، امڙ، امان
ڍولِئَي = محبوب، پرين
ڳَرِ = ڳل، ڳل ۾، ڳچيءَ ۾، وٽ، ڀرسان
لَڳِي = ويجهو ويهي، ڀاڪر پائي
ڳَرِ لَڳِي = ڳل ڳل تي رکي، ڳلي سان لائي، ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي
ڳالِيُون = ڳالهيون، احوال

بيت جو پس منظر

~ هو جي موٽي اچي تہ ساڻس روح رهاڻيون ڪريان.
~ او جيجل ! جيڪر پرينءَ سان ڳل لڳي ڳالهيون ڪنديس.

سمجهاڻي

محبوب ڪاوڙجي وڃن، رُسِي وڃن، لڏي شهر ڇڏي وڃن يا روزگار سانگي هليا وڃن تہ پيار ڪندڙ دلين لاءِ هي جدايون ۽ وقتي وڇوڙا بہ جيءُ جهوريندڙ ۽ هنيانءَ ۾ وڍ وجهندڙ هجن ٿا. محبوب جي جدائي هڪ وڏو ڪربناڪ ۽ اذيتناڪ صدمو آهي، جيڪو برداشت ڪرڻ ٽياس تي ٽنگجڻ جهڙو آهي.
هن وڻجاريءَ جو محبوب شايد ڪاوڙجي، رسي هليو ويو آهي يا ڪنهن پراهين ڏيهه ڪمائڻ ويو آهي. وڻجاري چئي ٿي:
جڏهن محبوب موٽي ايندو تہ سندس جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپي گذاريا اٿم. سي سڀ اندر جا احوال، اوجاڳا، اوسيئڙا، ڏوراپا، ميارون هڪ هڪ ڪري ڏينديس ۽ پوءِ روح رهاڻيون ڪنديس.
او جيجل ماءُ ! پنهنجي پرينءَ جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي، ڀاڪر هڻي جيڪا سڪ لڳي اٿم سا لاهينديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
[QUOTE="سليمان وساڻ, post: 1
ڍولِئَي = محبوب، پرين
ڳَرِ = ڳل، ڳل ۾، ڳچيءَ ۾، وٽ، ڀرسان
لَڳِي = ويجهو ويهي، ڀاڪر پائي
ڳَرِ لَڳِي = ڳل ڳل تي رکي، ڳلي سان لائي، ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي
سمجهاڻي
محبوب ڪاوڙجي وڃن، رُسِي وڃن، لڏي شهر ڇڏي وڃن يا روزگار سانگي هليا وڃن تہ پيار ڪندڙ دلين لاءِ هي جدايون ۽ وقتي وڇوڙا بہ جيءُ جهوريندڙ ۽ هنيانءَ ۾ وڍ وجهندڙ هجن ٿا. محبوب جي جدائي هڪ وڏو ڪربناڪ ۽ اذيتناڪ صدمو آهي، جيڪو برداشت ڪرڻ ٽياس تي ٽنگجڻ جهڙو آهي.
____[/QUOTE]
سليمان وساڻ
بابل سائين گستاخي معاف ٿئي ت عرض ڪيان

هن بيت ۾ ڪاوڙجي وڃڻ جو ذڪر ڪونهي، وڻجارو پنهنجي ڪاروبار سان ويل آ

اون ڪي سال گذرڻ جو ب معاملو ڪونهي

ڳر جي معني آهي ماس
ڳر لڳي معني لڳي ويهي، صفا ماس ماس سان ملائي ويهي
 
Back
Top