نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! آءُ جڏهن سنڌ سلامت تي پهريون دفعو آيس، ته سنڌ سلامت هڪ ننڍڙي ڄاول ٻار جيئان هئي، موجود دوست نوان ۽ سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ تمام گهڻيون غلطيون ڪرڻ وارا هئا، سندن لکڻيون پڙهي، حيرت ٿي ته دوستن نئين اوطاق تي تمام سٺي ٺاهي آهي پر، موجود دوستن جي سنڌي لکڻ جو معيار تمام هيٺاهين وارو هو ... (ڪن پراڻن دوستن جو ته چوڻ هو ته اهڙي قسم جي دوستن جي موجودگي فورم ٻه مهينا به نه هلي سگهندو ... )

    پر جڏهن هن اوطاق تي دعوت ڏئي گهرائڻ واري نثار ناز کي موجود ڏٺم، ادي رشيد سمي کي دوستن جي وچ ۾ پاڻ پتوڙيندي ڏٺم ته مونکا رهيو نه ٿيو ۽ سوچيم ته دوستن جو ساٿ ڏجي ۽ هن ڪچي پڪي فورم کي هڪ سگهارو فورم ٺاهڻ ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿجي ... بس پوءِ مون سائين نثار ناز ۽ ادي رشيد سمي جي ساٿ سان پوئتي ورائي نه ڏٺو ۽ ڪيترن ڪچائين ڦڪائين جي باوجود، پنهنجو پاڻکي اها آٿت ڏيندو رهيس ته سڄڻ دوست موجود آهن ته مونکي ڪهڙي فڪر ...

    خئير ڳالهه کٽائڻي ته اڄڪلهه ، سنڌ سلامت جو سرپرست اعلا، دوستن جو دوست، دوستن جي خوشين ۾ خوش ۽ ڏکن ۾ دوستن کان وڌيڪ ڏکاري ٿيندڙ نثار ناز کي سنڌ سلامت جي اوطاق سان ڪجهه نالان ڏٺو آهي، سندس ڪجهه لکڻين مان ۽ سندس ڪجهه جوابن مان لڳي ٿو ته کيس ڪو ڏک رسيو آهي .... ڏک رسڻ جا ڪارڻ به آهن ۽ ڪيتري حد تائين نثار ناز جي ڪاوڙ بي سبب به ناهي ۽ اسانجي هن وفا شعار دوست، حساس دل رکندڙ دوست، پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري اسانکي به ڏکارو ۽ فڪرمند ڪري وڌو آهي ...

    آءُ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين طرفان سائين محترم نثار ناز کي عرض ڪندس ته ٻيلي ڏاهو ٿي، وڏن واري نظر رک پنهنجن ننڍڙن ڀائرن سان ڪاوڙ ختم ڪر ۽ اهڙيون ڏک واريون ڳالهيون نه ڪر جو اسين سڀ همٿ هاري ويهون.

    اوهان کان ته اسين اجتماعيت جا سبق سکندا آهيون، اوهان کان ئي ته اسين ٻڌيءَ جي برڪت جا دوهيڙا ٻڌاندا آهيون، اوهانکان ئي اسان همٿ ۽ مردانگي جا گيت ٻڌندا آهيون، اڄ وري اهان ئي فرديت جي ڳالهه ڪري، پنهنجن ئي لفظن کي ڌڪاريو ٿا، اڄ وري پنهنجن ئي لفظن کان منهن موڙي اسانکي سچ جي سنيهن تي ويساه ڪرڻ کان روڪيو ٿا ....

    ائين ڪرڻ هرگز نه ڏينداسون، اسين به اوهان سان گڏ آهيون، پاڻکي اڪيلو نه سمجهو، جي اوهان ڪٿي ڏکارا ٿيا آهو ته اسانجي خاطر، اسان دوستن خاطر، اسان پوئلڳن خاطر، اسان ڀائرن خاطر ڪاوڙ ختم ڪري هن اڱڻ ۽ هن اوطاق کان منهن نه موڙيندا ... اسين سڀ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه جا ساٿي آهيون، اسين اوهان واري ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ناکئو ئي وچ سمنڊ ۾ چپو اڇلائي ته مسافرن جو ڇا ٿيندو؟

    آءُ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي عرض ڪندس ته پنهنجي هن پرخلوص دوست کي ، پنهنجي سفر جي ساٿيءَ کي فردن فردن عرض ڪن ۽ کيس پنهنجي اوطاق تي، پنهنجن ڀائرن کان ڪاوڙ ختم ڪري، ۽ دل کي صاف ڪري، اڳ جيئان اسانجي رهنمائيءَ لئه موجود رهي ...

    مونکي خبر آهي ته منهنجي ڪا غلطي ناهي، پر تنهن هوندي به آءُ انهن دوستن طرفان جن کان اوهانکي ڪو ڏک آهي ته آءُ معافي وٺان ٿو ۽ مونکي اميد آهي ته اوهانجي دل ايتري ڪشادي آهي جو اوهان معاف ڪرڻ به ڄاڻو ٿا ...

    رب العالمين اسان سنڌين کي اجتماعي سوچ سان همڪنار ڪري ۽ پنهنجن مقصدن خاطر قربانين ڏيڻ جي توفيق عطا ڪري ... آمين
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت



    حق موجود

    سدا موجود

    سائين چوندا آهين ته جتي پيار ۽ محبت هوندي آهي اتي ڪجه ناراضگيون ۽ رسڻ پرچڻ جو کيل هلندو رهندو آهي ۔

    ان ۾ سڀ کان وڏي ڳاله جنهن تي اسان سڀني کي غور ڪرڻ گهرجي ته هي اوطاق سڀني دوستن جي محنت ۽ محبت سان بڻي آهي ۽ ان تي جيترو هڪ نئي ايندڙ سنڌي ڀا۽ جو حق آهي اوترو ئي پراڻن مهربانن جو آهي ۔ ان ڪري ڪوبه وڏو يا ننڍو نه آهي ۔ پر ڪجه اهڙآ ماڻهون جن ۾ خاص ڪري سائين نثار ناز جن آهين انهن جو پيار ، شفقت، محبت ، ۽ اخلاق ۽ انهن جو هر ڪنهن جو خيال رکڻ اسان ڪنهن کين به ڳجهو نه آهي ان ڪري انهن جي ناراضگي يا انهن جي رنجش جو مطلب اهو آهي ته اسان يتيمگي واري حالت ۾ آهيون ڪي جن جي مٿي تان شفقت جو هٿ نه هجي ۔ سائين نثار ابڙي جي ڳاله جيان ته اسان جڏنهن هن اوطاق جي ابتدا کئي هئي ته ان وقت ۽ اڄ جي وقت ۾ ڪافي تبديلي پڻ آهي
    بلڪه ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان اها سوچ رکي ڪري هڪ ٻئي جو احترام ۽ هڪ ٻي جي ڳاله جو احترام ڪيون ته اسان هڪ ئي مٽي جا ۽ هڪ ئي ماء جا ڄاول آهيون نه ڪو اسان ۾ پرايو آهي ۽ نه ئي ڌاريو آهي ۔
    بحرحال مون کي ڪا تفصيلي خبر ته نه آهي ته اسان جي سر جو سائين اسان
    کان ڇاجي ڪري دل آزار ٿيو آهي پر پوء به هن اوطاق جو ميزباني هئڻ جي ناتي سان
    هي جهونو پهنجو پٽڪو اوهان جي پيرن ۾ رکندي اانهن دوستن کان معافي جو طلبگار آهي ۔
    ۽۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين منهنجي خيال ۾ ته سائين نثار ناز صاحب ناراٍض نه آهن۔۔۔ سندن سان لوڊشيڊنگ وڏو ويڌن ڪيو آهي۔۔۔
    سائين نثار ناز صاحب! ڪٿي منهنجي مستي وارن جوابن مان ته ڏکويل نه آهيو۔۔؟
    سائين جي ڏوهاري مان آهيان ته پليز ۔۔۔۔ پليز مون کي بزرگن وانگر تڙي ضرور پَٽيو پر ناراضگي نه ڪيو۔۔۔
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    محترم سائين نثار ناز صاحب اسان سڀني سنڌ سلامت وارن جو شفقت ڀريو سايو آهي۔۔۔۔۔ اسان سائين جن کي نهايت ئي ادب سان عرض ٿا ڪريون ته پنهنجي ناراضگي ختم ڪري اسان جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکن۔۔۔۔ هي سنڌ سلامت جو اڱڻ سائين بنا ٻوساٽيل لڳندو سائين هن محفل جو مور آهي۔۔۔۔۔۔

    اسان ناچيزن کي اهابه خبر ناهي ته سائين جن پنهنجي لکڻين ۾ ايڏو پرائوپن ڇو رکيو آهي۔۔۔ ڇا ڳالهه آهي جو سائين هن فورم تي پنهنجون آخري تحريرون سمجهي ڪري اهو لکي موڪليو اٿن۔۔۔۔ بس جيڪو به ڪجهه ٿيو آهي ان ڳالهه کي هڪ طرف رکي ڪري اسان جي هن وشال اوطاق کي ٻيهر مهڪايو۔۔۔۔ مان غريب حقير به اوهان کان هٿ ٻڌي معافي ٿو گهران۔۔۔۔ متان ڪٿي مون کان ڪا ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ گستاخي ٿي هجي۔۔۔۔ ان لا به معافي جو طلبگار آهيان۔۔۔۔۔

    هن فورم جا وڏا آهيو۔۔۔۔۔۔۔ ۽ وڏي نظر سان هن فورم تي نظر وجهو اسان تي پنهنجي شفقت ڀريو هٿ رکو۔۔۔۔ اسان کي نا اميد نه ڪجو پنهنجين لکڻين کي لکندا رهو۔۔۔۔

    وري به سڀني دوستن جي طرفان معافي جو ٿو گهران۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    ادا نثار نا ز بس هاڻي ڪاوڙ ڇڏيو.۽ اچي وڃو.ايترن دوستن اهڙي سهڻي طريقي سان معافي ورتي آهي جو هاڻي توهان کي معاف ڪرڻو ئي پوندو.سڀ توهان جا ڀائر آهيون ۽ ڀائرن سان ايڏي ڪاوڙ سٺي ناهي هوندي.
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    اسان جا بزرگ سڄڻ سائين محفلن جي رونق ۽ شاعرن جي پڳ مان وارن پياري استاد ناز صاحب جن کي آءُ‌به عرض رکان ٿو ته خدارا اسان کي يتيم نه ڪيو
    مس ته وڃي ڪي دٻيل خواهشون جذبا ۽ صلاحيتون نکرڻ شروع ٿيون هيون اوهان جي نگراني ۾ وڌيڪ نکرن پيون
    وري اهي دٻجي ويندا منهنجا خواب
    سڀ جي طرفان آءُ به معافي ٿو گهران
    واپس اچو
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت



    سائين ضرور جهوني جي پٽڪي جو خيال ڪندو
    منهنجو به اهو خيال آهي جيڪو مست جو آهي سائين ناراض نه آهي بجلي هڙي اسان جا ٽيئر ئي ڪڍي ڇڏيا آهن

    سدائين گڏ
     
  8. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين، بابا، قبلا نثار ناز،
    ننڍڙن ڀائرن سان اوهان جهڙن وڏن ڀائرن جي ناراضگي ڪا مناصب آهي!
    اگر جي اوهان مون ننڍي ڀاءُ عامرضياءُ چارڻ سان ناراض آهيو ته آئون اوهان جي اڳيان پنهنجا گنهگار هٿ جوڙي اوهان وڏي ڀاءُ جي سِر اڳيان تيستائين جوڙي بيهندس جيستائين اوهان مون تي پنهنجي شفقت جو هٿ منهنجي مٿي مٿان نه رکندا ۽ جي پوءِ به اوهان جي ناراضگي ختم نه ٿي ۽ مونکي پنهنجي ننڍو ڀاءُ سمجهي هٿ هٿ نه وٺي هليا ته پوءِ اوهان اڳيان پنهنجي سِر جهڪائي اوهان جي قدمن اڳيان ويهي رهندس جيستائين اوهان سڀ رنجشون ختم نه ڪيون
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    =))
    يار نثار ناز، سچ پڃين ته ايترن سارن پيارن دوستن جي ٻاڏائڻ تي آ ته روئي ويهان هان، ۽ روئيندي اچي دوستن کي ڳلي لڳائي ۔۔۔ جيئي سنڌ چئي چميون ڏئي سنڌ سلامت ساٿ سلامت ٻولائي ناراضگي ختم ڪيان هان ۔۔۔ ڏسجي ته اوهان ڇا ٿا ڪريو ۔۔۔ مونکي يقين آهي ته اوهان به اسانکي ڳلي ضرور لڳائيندا ۔۔۔ انتظار رهندو ۔۔۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    يار مان ڪيڏانهن ويندس، مرڻو جيئڻو گڏ آهي، ڪالهه به مان توهان سان گڏ هُئس، اڄ به توهان سان گڏ آهيان، مان ڪنهن سان به ناراض ناهيان، ۽ نڪو هڪڙي سنڌي جي حيثيت سان مونکي ڪنهن سان ناراض ٿيڻ جو حق آهي، افسوس اهو ٿو ٿئي ته اسان جون لکڻيون به هاڻي سموريون جون سموريون گُم ٿيو ٿيون وڃن، مان پندرهان سئون پنهنجون لکڻيون پوريون ڪيون ڪالهه صُبح سوير ڏٺم ته 14 سئو اٺانوي ٿيون پيون هيون، جڏهن منهنجي لکڻين سان هٿ چُراند ٿي سگهي ٿي ته عام دوستن جي لکڻين ته اسان سڀني ائڊمنسٽريشن جي اڳيان ڪا ڳالهه ئي ڪانهي توهان سڀئي دوست منهنجي لا انتهائي پيارا آهيو، انهي کان اتم مونکي هي سنڌ سلامت جو فورم آهي، اسان ڏينهن رات هڪ ڪيا آهن هن محبتي اڱڻ کي يقين مان ڀلا ڪيڏانهن ويندس ، حقيقت ۾ ڪالهه منهنجي ماما سائين جي طبيعت تمام گهڻي خراب هُئي بس ائين سمجهو ته هُو موت  زندگي جي ڪشمڪش ۾ آهي ڪري ايتري دير ٿي وئي ۔ باقي نثار ابڙا ير تون به درويش آهين ڪٿي اڪيلائي ۾ مل مون سان، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔ هاڻي ته خوش في الحال مان ماما سائين جي تيمارداري لا اسپتال پيو وڃان باقي خبر ون پو ڪبيون ۔۔۔۔۔۔ ٺيڪ آهي چارڻ هاڻي في الحال تون به وڃي ڪم سان لڳ هٿ ٻڌيو ويچارو بيٺو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين الله تعالي اوهان اوهان جي ماما سائين ۽ سڄي سنگت ڏي خير ڪري
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    يار نثار ناز! لک ٿورا جو اوهين اسان سان گڏ آهيو، سچ پڇو حيانءُ وڏو ٿي ويو آهي، باقي حقيقت پڇين ته اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جي مونکي به ڏاڍي خواهش آهي پر چوندا آهن نه ته هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري ۔۔۔۔ سو خئير نينگر به ننڍي جمعا به گهڻا ۔۔۔۔ پر يار مامي سائينءَ جي تيمارداريءَ کانپوءِ ڀلا هن ننڍي ڀاءُ چارڻ کي ته پيار ڪجو، ننڍڙا ڀائر آهن انگل ته ڪندا نه،

    مونکي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون ننڍي ڌيءَ کي ڪنهن ڳالهه تان دڙڪا ٿي ڏنا ته رني وري وڏي ڌيءَ، ڪنول کي روئيندو ڏسي ڪومل به روئي ويٺي ۔۔۔ آءُ حيران ٿي ويس ته هي ڇا آءُ دڙڪا ڏيان پيو ڪومل کي ۽ اول روئي وري ڪنول پئي ۔۔۔ سو مون کائنس پڇيو ته ڪنول تون ڇو ٿي روئين ته سڏڪا ڀريندي جواب ڏنائين ته مون سمجهيو ته اوهين ڪومل کي مار ڪڍندا، جڏهن ته غلطي منهنجي آهي ڪومل جي ناهي، سو مونکا کل نڪري وئي ۽ ٻنهي کي پيار ڪيم ته منهنجي جان ڇڏيو ۽ روئڻ بند ڪيو مون دڙڪن ڏيڻ کان بس ڪئي ۽ کين ڪلو آئسڪريم جو وٺي ڏيڻو پيو ۔۔۔

    سو ادا ناز، اسين توکي سنيها ڪرڻ ۾ هياسين ته ادو چارڻ وري ان ۾ ته شايد هن سبب اسين ناراض ٿيا آهيون، سو کيس سمجهائيندا ته ايئن ناهي ٿيندو ۔۔۔ ڀائرن ۾ ڪڏهن پرچڻ پرچائڻ پيو ٿيندو آهي ۔۔۔

    دعا آهي ته؛ هن اوطاق جو هر رڪن سلامت رهي ۽ دوستن سان ساٿ نڀائيندو رهي ۔۔۔ آمين
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين اوهان جو رمزون اسان جهونن جي سمجه کان به چڙهيو ويون اڪيلائي ۾ ملڻ ۽ جمعا ڳڻڻ اهي به هن عمر ۾ ها ها ها :)):))
    بحر حال سائين نثار ناز جن جي تحرير پڙهي ڪري ايترو يقين ٿي ويو ته سائين جن جو دعائون اسان سان گڏ آهين ۽ اها اسان جي لاء فخر جي ڳاله آهي ۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    ابا علي علي پوڙها ملندا پوڙهن سان ته معرڪا ٿيندا، ٻيو وري ڇا ٿيندو، باقي سيل ته اڳ ئي سڙيل آهن، تون ڳڻتي نه ڪر، سنت کان ڪريل ڪم ڪونه ڪبو ۔۔۔

    علي علي، يار جي تون رشيد جي موڪل سبب پاڻ سان گڏ آهين ته ادي رشيد کي عرض آهي ته ڀل ڊگهي موڪل وٺي آرام ڪري ته پاڻ علي عليءَ سان مزا ماڻي وٺون ۔۔۔۔ ڪيئن؟

    يار علي علي ملڻ ته پنهنجو به نيٺ ته ٿيندو ۔۔۔ هتِ يا هتُ، وتائي جيئان پاڻ به اڳ وٺي بيٺا آهيون ۔۔۔

    سدائين جڙيل هجين
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين يقين ڪيو اوهان دوستن سان ڪچهري ڪندا آهيون ته تمام گهڻو مزو ايندو آهي اسان جي ٿڪاوٽ به دور تي ويندي آهي ۽ بيٽري به چارج ٿي ويندي آهي :d سائين باقي اوهان دڳ جهليون ويٺا آهيو سو اوهان سان گهٻرايو نه انشاالله حج ٿي حج کان پهريان ضرور ملاقات ٿيندي اسان جي اوهان سان ملڻ جي تمام گهڻي تمنا آهي مان رمضان جي عيد کان پوء ملتان جو هڪ گروپ عمري تي وٺيون پيو اچان انشا الله اوهان سان ضرور ملاقات ٿيندي ۔ باقي سائين ادي رشيد جي ڪري به ۽ ڪجه مون کا ڪم کان واند به ملي آهي سو اوهان پرين سان ڪچهري ڪرڻ اوطاق تي اچي ٺهڪو ڪندا آهيون اصل ٻي جاء تي هڪي پيئڻ جو سواد ئي نه آيندو آهي ۔ بس اوهان دعا ڪيو ته اوهان سان اهڙيو ملاقاتون جاري رهن
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    اسان جا بزرگو مولا اوهان سڀ کي سلامت رکي
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    ادا مهرباني اوهان جي دعا جي
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    يار علي علي، رمضان واري عيد انشاء الله سنڌ ۾ ڪبي، ۽ ٻن مهينن جي موڪل تي سنڌ گهمي ڦري سڪ لاهي حج کان ڪجهه ڏينهن اڳ واپس وربو، موڪل منظور آهي ٽڪيٽ بڪنگ آهي، بس رمضان کانپوءِ واري چڪر ۾ شايد نه ملي سگهجي ها جي حج ۾ آيا ته ملاقات ضرور ٿيندي ۔۔۔
    سدائين خوش هجين ۔۔۔ ۽ پاڻ سان چلم جا سوٽا هڻڻ ۾ ڀاڱيوار هجين ۔۔۔
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    سائين مانَ وارا اها ته اسان جي خوشنصيبي چئبي
    انهن ڏينهن ۾ توهان جو ديدار ٿي وڃي ته شڪر گذار رهندس
     
  20. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نثار ناز ۽ سنڌ سلامت

    انشاء الله سائين عيد جون خوشيون اوهان سان ونڊڻ جي ضرور ڪوشش ڪبي اسان جي ته ان ڏينهن ئي عيد هوندي جڏنهن اوهان جو روبري (اڪيلائي ۾ نه پر:)) ) دوستن جي روبر ملاتات تيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو