• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
معزز دوستو !
سنڌ موجود
جيئن تہ اوهان دوستن کي ڄاڻ هوندي تہ ڪجه وقت پهرين هڪ فلاحي فورم جو بنياد وڌو ويوهو. جيڪو تمام سٺي طريقي سان ڪم ڪري رهيو هو ۽ دوستن طرفان به سٺي موٽ ملي هئي ۽ فورم طرفان ڪافي سٺا ڪم سرانجام ڏنا ويا هئا پر اڳتي هلي ڪجهه اهڙا معاملا پيش آيا جن جي نتيجي ۾ فورم کي ڪجه عرصي لاءِ غير فعال رکيو ويو هو ، ان وچ واري عرصي ۾ ڪافي ماڻهن پاران رابطو ڪيو ويو هو ، پر فورم جي غير فعال هئڻ سبب اسين انهن سان سهڪار نه ڪري سگهياسين ،
ڪجهه ڏينهن پهريان فورم جي ميمبرن رابطو ڪري فورم کي ساڳي طرح فعال ڪرڻ جو چيو ، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪجهه دوستن ۽ فورم جي ميمبرن گڏجاڻي ڪري هڪ ننڍي ڪميٽي جوڙي فورم کي ننڍي پيماني تي ڪراچي ۾ فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن جا بنيادي مقصد ڪراچي جي سنڌي آبادين ۾ تعليم ۽ صحت جي معاملن تي ڪم ڪبو .
رابطو نمبر ؛ 03162018477

سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم
 
Back
Top