2011ع کان پوءِ سنڌو ڊائون اسٽريم ۾ لاڳيتو پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌو سُڪل رهيو ۽ هيل 2015 ۾ هڪ ئي وقت ڪوٽڙي ۽ سجاول تي پاڻي جا وهڪرا 5 کان 6 لک ڪيوسڪ هُئا. سچل ڳوٺ جي سنگت مان ڪراچي ٺٽو بدين روڊ کان ڏکڻ پاسي ويندڙ لنڪ روڊ وٺي سمنڊ تائين پُهچڻ جو تجربو ڪنهن کي به نه هُجي تنهنڪري صلاح بيٺي ته سڀ گڏجي هلي درياءُ جي گجگوڙ سمنڊ لڳ ڏسي اچجي. هميشه جيان پروگرام آخر تائين غير يقيني صورتِحال جي ور چڙهيل رهيو پر 16 آگسٽ واري صبح گاڏي اچي بيٺي ۽ ڪيئي سنبريل رهجي ويا ته ڪيئي وري ايئن ئي اچي بيٺل گاڏي ۾ چڙهي پيا ۽ سفرِ خير 8.30 بجي شروع ٿي ويو. دوستن مان جيڪ هليا انهن جا نالا هي آهن. تاج محمد وساڻ، ڪرم الاهي چنا، ربنواز ڀٽو، محمد سليمان وساڻ، صاحبڏنو ارباب، الهداد گوپانگ، عبد الڪريم چانڊيو، محمد سليمان آگرو، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ، سيد ارشاد شاهه، غلام شبير ميمڻ، رفيق ڀٽو، پنهل لاکو، حميد جويو، نويد آگرو. هن دفعي مزي جي ڳالهه اها هُئي ته اسان سان گڏ سچل ڳوٺ جو معروف شخص ڪريم چانڊيو به هو جنهن اڄ تائين اهڙي ڪنهن به ٽوئر تي هلڻ جي صلاح نه قبولي هُئي. پر هن دفعي جڏهن چاچي الهداد گوپانگ کيس نسوريون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٻُڌائي گهُمڻ جي جاءِ بابت اهڙا دلڪش نظار ٻُڌايا جو چاچي پاران سدائين ٻُڌايل معاشي، گهريلو ۽ طبعي عُذر هڪ پاسي ٿي ويا ۽ چاچا ڪريم ٺهي سنبري اسان کان اڳ اچي گاڏي تي پُهتو هو. گاڏي جيڏي سُٺي ته ڊرائيور اوترو ئي ٿڪل هو پر ڊرائيور کي جيڪا فون جي پِٽ پيل هُئي تنهن اهڙو بيزار ڪيو جو سڀ گڏجي اعتراض ڪريون ۽ ٻُڌايونس اسان کي رات سمنڊ ڪناري ڪونهي رهڻو، اڄ ئي واپس به اچڻو آهي پر همراهه فون تي مصروف اسان جي ٻُڌي ئي نه. ڪراچي کان گهارو ۽ پوءِ ڏکڻ طرف لنڪ روڊ مير پور ساڪرو تائين ته روڊ گُذاري لائق هو پر ان کان پوءِ روڊ ۽ ڊرائيور ڄڻ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ورتي ۽ اسان جو سفر جونءَ وِک هلڻ لڳو. رڙيون ڪري ڪري ٿڪاسين پر ڊرائيور هڪ نه ٻُڌي ته روايت موجب لطيفن جو دؤر شروع ٿيو ۽ سراج ميمڻ جي ڪَمي سموري سچائي سان پُنهل لاکو پوري ڪئي ۽ ساڻس سنگت ۾ حاجي صاحب ڏني ارباب به هٿي وٺرائي. ٻنهي جهونن وس ڪري ڪو هڪڙو به اهڙو لطيفو نه ٻُڌايو جيڪو ڪافي سينسر کان پوءِ به هتي لکي سگهجي. بس اهو سو ٿيو جو انتهائي سست رفتاري جي سفر جي بيزاري کي دور ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيا. مزي جي ڳالهه ته ڪنهن کي به خبر نه هُجي ته ڪهڙي پوائنٽ ڏسجي ۽ ڪهڙو روڊ وٺجي ۽ ظاهر آهي ڊرائيور کي به خبر نه هُئي نه ڪا فون مان فُرصت به هُيس جو کڻي لهي ڪنهن کان خبر وٺي ها. ميرپورساڪري کان پوءِ هڪ هوٽل تي پاڻ سان آندل ناشتو ۽ هوٽل جي چانهن پيتيسين جنهن جي مالڪ (ڪراچي پاسي جي هڪ گبول) ٻُڌايو ته اوهان هتان سِڌو ٻگهاڻ شهر وڃو اُتان جنگيسر وڃو اُتي دريا ۽ سمنڊ گڏجن ٿا. هوڏانهن فيس بُڪ تي اپڊيٽ ڪيل اسٽيٽس تي حفيظ ڪنڀر به اها صلاح ڏني. ميرپور ساڪري کان ٻگهاڻ شهر تائين 41 ڪلوميٽر جو سفر اسان ڪو ٻه ڪلاڪ ۾ ڪيو هوندو. وچ ۾ ڪٿي ڪٿي سارين جو فصل ته ڪٿي وري بر پٽ ۽ سم ڪلر واري زمين. رکي رکي ڪڪڙين جا فارم، پان جي پنن جا فارم ۽ هتي باقي بچيل وڻن کي وڍي ساڙي ڪوئلي ٺاهڻ جا کورا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. جنهن مان لڳو ته هتي محدود ٿي ويل ڪمائي جي ذريعن مان اهي ئي ٽي مُک ڪم وڃي بچيا آهن. ٻگهاڻ شهر ۾ داخل ٿيندي ئي کاٻي پاسي وارو رستو وٺي جنگيسر ڏانهن روانا ٿياسين جيڪو ايترو پري نه هو ۽ رستو به ڪنهن قدر ٺيڪ هو. جنگيسر دراصل هڪ جي ٽي آهي ۽ ڪافي سُٺي ٺهيل آهي. جتي رستو دنگ ڪري ٿو اُتي هڪ وڏو لوهي ڇپرو آهي جيڪو ڪُجهه مٿڀرو ڪري ٺاهيل آهي. ان تي چڙهي بيهه ته سامهو هيٺ سلوپ ۾ ٺهيل ٽريڪ جي ٽي طرف وڃي ٿو جيڪا ڪاٺ ۽ لوهه جي روايتي جي ٽي بجاءِ پلاسٽڪ تي ٿُلهن دٻن سان ٺهيل هُئي جيڪي نه فقط ٻُڏا نه ٿي پر هڪ ٻئي سان ايئن جوڙيا ويا هُئا جو الڳ به نه ٿين. انهن کي ڪُنڊن تي لوهي رنگون وجهي زمين تائين کُپيل لوهي پلرس ۾ اهڙي نموني ڦاسايو ويو هو جو جي ٽي جو اهو اسٽيج پاڻي جي لاهي ۽ چاڙهي دؤران پاڻ مُرادو هيٺ مٿي ٿيندو رهي. اسان جي ٽي تي پُهتاسين ته سمنڊ جي پاڻي جو ته ڪو ڦُڙو به نه بس رڳو دريائي پاڻي جنهن جو تيز وهڪرو ۽ پاڻ سان آندل وڻن جا ٿُڙ ۽ ٻيو ڪچرو جنهن هتي جي مُهاڻن جا رڇ ئي ٽوڙي وِڌا هُئا ۽ هو ايڏي پاڻي هوندي به بيوس ٿيا ويٺا هُئا. مقامي ماڻهن ٻُڌايو ته هن وقت دريا ۾ چاڙهه آهي پر جڏهن پاڻي نه هوندو آهي ته سامونڊي پاڻي جنگيسر تائين به اچيو پُهچي. جنگيسر جي جي ٽي تي بيهه نيري آسمان، اڇن ڪارن ڪڪرن جي ميلاپ ۽ تار وهندڙ سنڌوءَ جي ڇر جي سنگم هڪ اهڙو دلڪش منظر پيش ڪيو ٿي جو دل چاهيو هڪ وڏو وقت اُتي گُذارجي. پر اسان کي اڃان به اڳتي وڃڻو هو تنهنڪري سنگت تڪڙ ٿي ڪئي ته جلدي هلو. پر پُنهل لاکو کي اڃان وڌيڪ تڪڙ هُئي ته پاڻي ۾ لهي ڏسجي ته ڪيترو گهرو آهي. وٽس ڪو اضافي ڪپڙو نه هو جو گوڏ ٻڌي لهي ها. اُتي بيٺل مقامي ماڻهوءَ کان ننڍو ٽوال وٺي جسم جو ضروري حصو تڪڙ ۾ ڍڪڻ جي جزوي ڪامياب ڪوشش ڪيس ۽ هڪ دفعو وري رني ڪوٽ ۾ ڪيل تڙ ياد اچي ويو جڏهن نواز سانگي گنجي مان ڪڇو ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي سنڌ جو نعرو هڻي الف ٿي پاڻي ۾ ٽِپ ڏنو هو. . . . . پُنهل لاکو بهترين تارُو آهي کيس پاڻي جي گهرائي جو ڪو ڊپ نه هو ۽ ٽُٻي هڻي ويهه فُٽن تائين به هيٺ ويو پر پاڻي گهڻو گهرو هو. اسان کي ته اهو سڀ ڏسي مزو آيو ۽ سڀني ان انداز سان ٺهيل جي ٽي جي واکاڻ ٿي ڪئي پر چاچا ڪريم اهي سڀ نظارا ڏسي به نه ٺريو. چئي ”سڀ صحيح پر انڊلٺي رنگ ۽ حسين و جميل تصوراتي پرين جا ڏيک ڪٿي آهن جن جي آسري مون کي سنگت سنبرايو.“ ”اُهي اڃان اڳتي آهن“. چاچا منهنجي ڳالهه ٻُڌي کڻي ها ته ڪئي پر تاثرات مان ئي لڳو ته سُر سمجهي ويو آهي ۽ وڏي رازداري مان ٻُڌائڻ لڳو ”اسان ته رُڳو ٿا ڳالهيون ڪريون اصل مزا حڪمرانن جا آهن جن جي سنگت هتي هن ماڳ تي به ريسٽ هائوس ٺهرايا آهن ۽ عياشيون ڪرڻ اچن ٿا“. چاچا ڪريم ڇپري کان ٿورو پرڀرو ٺهيل ريسٽ هائوس طرف اشارو ڪيو. پر مون تي ڪو فرق نه پيو ته هتي ڪير ڇا ٿو اچي ڪري پر چاچا ڪريم کي الائي ڇو ڪا خاص دلچسپي هُئي. هاڻ اسان جي منزل هُئي کارو ڇاڻ جي پتڻ تي وڃڻ لاءِ ٺهيل جي ٽي. ان لاءِ به پهريان ٻگهاڻ طرف وڃي پوءِ کاٻي پاسي مُڙڻو هو. اهو رستو به انتهائي ٽُٽل فِٽل هو تنهنڪري ساڳي هلڪي رفتار برقرار رهي. هاڻ لطيفن ۽ ڀوڳ ٺڪائن جو دؤر به هلڪو ٿيڻ لڳو. سنگت مان رکي رکي ڪنهن نه ڪنهن پاڻ سان آندل بسڪيٽ، ڳڙداني، اگم حلوو ۽ ٻيون شيون ٿي ڪڍيون جيڪي کائيندا اڳتي وڌياسين. سنڌين جي ڪسم پرسي ۽ علائقي جي اجڙيل حال تي ترس ۽ تبصرا ٿيڻ لڳا. ڪڏهن حڪمرانن کي ست سريون ته ڪڏهن مقامي ماڻهن جي اٻوجه هجڻ بابت قصا پئي هليا ته هڪ همراهه چيو ”اسان لاءِ ڪنهن صحيح چيو آهي ته جيڪا قوم اڄ به چانهه ۾ بسڪيٽ ٻوڙي ٿي کائي سا ڇا سُڌرندي؟“ سُليمان وراڻيس ”يار جيڪي اهو چون ٿا انهن اهو مزو وٺي ناهي ڏٺو. هڪ دفعو ڇڙو پاپو چانهه ۾ ٻوڙي کائن ته اصل روز اهو ڪم ڪن“. ڳالهه سڀني کي دل سان لڳي ۽ ڪافي دير کان سست ٿي ويل محفل هڪ دفعو وري تازي ٿي ڳالهين ۾ لڳي وياسين. الله الله ڪري کاري ڇاڻ واري جي ٽي تي پُهتاسين جتي پڻ اهڙو ڪجهه نه هو جيڪو جنگيسر تي نه ڏٺو هوسون. رهندو هڪ حيرت اها ٿي ته جنگيسر تي ٻيڙين جو تعداد گهٽ هو پر هلڻ لاءِ تيار هيون. هتي ڪناري تي ٻيڙيون قطار ۾ هُيون پر هلڻ لاءِ هڪ به صحيح يا وري تيار نه هُئي. اُتي بيٺل هڪ همراهه چيو ته اوهان انتظار ڪريو هڪ ٻيڙي کارو ڇاڻ ويل آهي جيڪا اجهو آئي. پر نه آئي. نيٺ فون ڪيائين تڏهن به نه آئي. ڪافي انتظار ڪيوسون ته به نه آئي. . . سنگت وٽ به ترسڻ لاءِ ٽائم نه هو تنهنڪري سامهون نظر ايندڙ کارو ڇاڻ وڃي نه سگهياسين. اڳي مون ٻُڌو هو ۽ سمجهيو ٿي ته کارو ڇاڻ سمنڊ اندر هڪ ٻيٽ آهي پر ايئن نه هو. اصل ۾ دريا جي ٻي پار اهو اڪيلو ڳوٺ آهي جيڪو اڪثر دريا سُڪل هوندي ان جي پيٽ ۾ اچي ويل سامونڊي پاڻ جي ڪري سمنڊ جو هڪ ٻيٽ لڳندو آهي. دراصل دريا جي ٻي پار اوڀر طرف ڪافي اڳ ئي آبادي جو سلسلو رُڪجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکيل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ موجب چوهڙ جمالي کان سڌو اڳتي ڏکڻ طرف غلام شاهه ڪلهوڙي شاهه بندر ٺهرايو ۽ ڪلهوڙا دؤر ۾ بندر جو بول بالا هو پر اڳتي هلي اهو قديم بندرگاهه به اُجڙي غير آباد ٿي چُڪو ۽ هاڻ چوهڙ جمالي شاهه يقيق ۽ ڇڇ جهان خان کان سواءِ هيٺ مڙئي خير آهي بس رُڳو ڌُٻڻ ٿيندڙ زمين آهي جيڪا سمنڊ سالن کان تباهه ڪندو اچي. انهن آبادين کان اولهه پاسي سنڌو درياء تائين ڪا وڏي آبادي نه ٿي سُجهي سواءِ سوين ميل پري کارو ڇاڻ جي. دريا بادشاهه سجاول کان هيٺ لهي نانگ وارا وڪڙ کائي جڏهن ڪُجهه هيٺ هلي ٿو ته پوءِ ان جو رُخ ڏکڻ کان مُڙي اولهه طرف ٿئي ٿو ۽ ان اولهه طرف هلندي سڀ آباديون اوريان اُتر پاسي رهجيو وڃن ۽ اڪيلو کارو ڇاڻ پريان رهجيو وڃي. کارو ڇاڻ جي اُتر ۾ دريا جو وڏو ويڪرو پيٽ آهي جيڪو دريائي پاڻي يا وري سمنڊ جي ڌوڪي اچڻ سان سامونڊي پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. باقي ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر ۾ سوين ميلن تائين ڌُٻڻ ٿي ويل زمين ۽ ٻيٽ آهن ۽ پوءِ سمنڊ. چون ٿا ته کارو ڇاڻ ۾ به بُنيادي سهولتن نالي ڪُجهه ناهي. هُجي به ڪيئن جو انتهائي خراب روڊ کان پوءِ وري رُڳو ٻيڙي رستي رسائي هوندي ته ظاهر آهي اهي ئي حال هوندا. چاچا ڪريم اڃان تائين تصوراتي پرين ۽ انڊلٺي رنگن جي ڳالهه ٿي ڪئي جيڪي کيس هن جي ٽيءَ تي به نه مليا بلڪه ويتر وڌيڪ سُڃ ڏسڻ ۾ آئي. هاڻ اسان کي واپس ٻگهاڻ ۽ پوءِ ڪي ٽي بندر وڃڻو هو جنهن لاءِ سوائي دلچسپي هُئي ڇو ته هن مهل تائين اسان دريا جو ڪپر ٻه دفعا ڏسي چُڪا هُئاسين پر سمنڊ کان اڃان به گهڻو پري هُئاسين. واپس ٻگهاڻ پهچڻ ۾ به ڪافي وقت لڳو جو کارو ڇاڻ واري ڪي ٽي انتهائي خراب رستي هوندي ٻگهاڻ کان 26 ڪلوميٽر آهي جتي ڪلاڪ لڳي ويو اچڻ ۾ ته واپسي ۾ به اوترو لڳو. هاڻ اسان جي منزل هُئي اڃان به ڪنهن حد تائين سلامت بيٺل ڪي ٽي بندر طرف جيڪو پهرين سمنڊ لڳ هو پوءِ اُهو ختم ٿيو ته ٻيو نمبر ڪي ٽي بندر ٺاهيو ويو پر جڏهن سمنڊ اڃان اڳتي رڙهي آيو ته ڪُجهه اوريان ڪي ٽي بندر نمبر ٽي ٺاهيو ويو جيڪو هاڻ هڪ ننڍي ڳوٺ جي حيثيت رکي ٿو. ابوبڪر شيخ هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته انگريز دؤر ۾ هن بندر جي ڇا ته ڳالهه هُئي. هڪ ته آسپاس سارين جو ايڏو فصل هوندو هو جو ملتان کان مزدور اچي لهندا هُئا لڻڻ جي ڪم لاءِ ۽ ٻي طرف هتان وڏا بحري ٻيڙا اناج ۽ ٻيون شيون کڻي وڃي عرب ملڪن ۾ وڪڻندا هُئا. محترمه دؤر ۾ ورتل ڪوششن سان هي بندر کڻي هاڻ به سلامت آهي پر هن وقت جي عدم توجه روش ڏينهون ڏينهن هن جي زندگي گهٽائيندي پئي وڃي. ٻگهاڻ کان ڪي ٽي بندر به 23 ڪلوميٽر آهي. وري ساڳيو سست سفر ۽ بيزاري جيڪا وڌي ان نهج تي پُهتي جو صفا ڪا ڳالهه نه سُجهي جڏهن ڪي ٽي بندر شهر ۾ داخل ٿياسين. سڄي واٽ ڪنهن وقت ۾ رٿيل ۽ پوءِ اڌ ۾ رهجي ويل وڏي ويڪري رستي لاءِ ڀريل مٽي جي پاسي کان ڪچي رستي جو سفر ۽ جڏهن شهر پُهتاسين ته عجيب ۽ غير متوقع منظر ڏسڻ ۾ آيا. هن مهل تائين جيڪي ٻئي پوائنٽس ڏٺيوسين ان جو به مزو ئي خراب ٿي ويو. هڪ ته گند ڪچري سان ڀريل شهر ۽ ٻيو مري ويل مڇي جي ڍير ايڏي ته بدبو پکيڙي هُئي جو ساهه کڻڻ مشڪل هو. ڪي ٽي بندر جيڪو ڪنهن وقت ۾ ملتان تائين رسد ڪندڙ بحري جهازن جو وڏو بندر هو تنهن جي هن حال کي ڏسي سچ پچ ته دل ڀرجي آئي. ان وقت احساس ٿيو ته هي چؤ طرف ڌُٻڻ ٿي ويل سنڌ جو سونيون زمينون يقينن پنهنج حق ۽ حصي جي پاڻي کان محروم رهڻ ڪري ٿيون آهي جيڪو کين ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ملڻو هوندو آهي. هونئن ته ماضي جا مٽجي ويل نقش ڏسي به هڪ احساس پئدا ٿيندو آهي. ماڻهو تصور جي اک سان ماضي ۾ جهاتي پائي وٺندو آهي پر هتي ته هڪ عجيب ئي آلوده فضا هُئي جنهن سڀ حواس خطا ڪري ڇڏيا. ڪي ٽي بندر تي به هڪ جي ٽي هُئي جيڪا اڳ ڏٺل ٻن جيٽين (جنگيسر ۽ کارو ڇاڻ) کان ڪافي حد تائين گدلي ڏسڻ ۾ آئي. جي ٽي ڏانهن وڃڻ لاءِ ٺهيل ڇپري لڳ مري/سُڪي ويل مڇي جا ڍير ۽ انهن ماحول کي ڌپارو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هُئي. ايستائين جو چاچا ڪريم کان تصوراتي پريون وسري ويون ۽ اُتي ٻه همراهه غير مقامي لڳا ته پُڇا ڪرڻ شروع ڪيس ته ڪير آهن؟ هونئن به چاچا ڪريم کي هن مهل تائين اسان کان هن طرف ايندي ڪوسٽ گارڊس جيڪا سخت آڏي پُڇا ڪئي اُن تي اعتراض هو. پر حيرت ٿي ته اهي غير مقامي برما جا هُئا جن مڇي ويٺي صاف ڪئي. چوڻ لڳا اسان تبليغ لاءِ هتي آيا آهيون ۽ مڇي صاف پيا ڪريون ته جيئن پچائي کائي سگهون.چاچا ڪريم جو اعتراض واقعي جائز هو ته هڪ طرف مقامي ماڻهن تي ايڏي ڪرڙي اک ۽ ٻي طرف هن انتهائي حساس علائقي ۾ جتي مقامي ماڻهن کي به پُڇا ڳاڇا کان پوءِ ڇڏيو وڃي ٿو اُتي ايئن برمي تبليغي آزاد پيا گھُمن. مقامي ماهيگيرن ٻُڌايو ته هتان کان سمنڊ ايڏو پري ناهي جيڪو پوئي گوگل ميپ ۾ به ظاهر ٿيو ته ڪو ڏهه ڪلوميٽر کن جي ٻيڙي جي سفر کان پوءِ گهري سمنڊ تائين پُهچي سگهجي ٿو. ان وچ ۾ ايندڙ ٻيٽن تي تمر جا ٻيلا ۽ ڪُجهه آباديون به آهن. اهو سڀ ڏسڻ جو شوق اندر ۾ سانڍي واپسي جو سوچيوسين ڇو ته هاڻ سج لهڻ جو وقت پئي ٿيو ۽ ٽُٽل روڊ جي وڏي سفر کان پوءِ ڪراچي به پُهچڻو هو. واپسيءَ جي سفر ۾ سڀني جي زبان تي بس هڪ ئي ڳالهه هُئي ته هتي جيڪڏهن ڪُجهه خرچ ڪجي ته هي علائقو پڻ هڪ بهترين تفريحي ماڳ ٿي سگهي ٿو. سڀني جي پنهنجي راءِ هُئي ۽ ان جي الڳ اهميت پر جيڪو تت بيٺو اُن مان اهو لڳو ته سڀ کان پهرين ته گهارو کان ڪيٽي بندر جو سؤ کان سوا سؤ ڪلوميٽر رستو ٺهي وڃي جيڪو وڏي وقت کان اڌ ۾ رهيو پيو آهي. ڪافي ڪم ٿيل آهي تنهنڪري ان کي پورو ڪرڻ ۾ ڪا ايڏي وڏي بجيٽ به نه کپندي. ان کان پوءِ بندر تي تفريح لاءِ شهر کان ٿورو پاسي تي ڪُجهه جي ٽيون ٺاهجن جتان ٻيڙا (صاف سُٿرا ۽ محفوظ) سمنڊ تائين سير لاءِ وٺي وڃن ۽ وچ تي ايندڙ ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن جا نطارا ڪندي اُتي به ويهي لُطف اندوز ٿي سگهن. هڪ ڪينجهر آهي جتي ڪناري تي گدلاڻ، ڪا به سهولت نه هُجڻ ۽ واش روم هوندي به پاڻي جو انتطام نه هُجڻ باوجود رُڳو ڪراچي کان خلق اچيو لهي. ايئن ئي ڪي ٽي بندر تي به ڪو وڏي دولت ناهي لُٽائڻي. قدرتي طور هڪ ليند اسڪيپ اڳ ئي موجود آهي بس اُن تي ٿورو خرچ ڪرڻ سان هڪ بهترين تفريحي ماڳ بڻجي سگهي ٿو. اهي تبصرا ۽ قصا کڻي واپس قائد آباد ڪراچي پُهتاسين ۽ هڪ دفعو وري ڪروڙن جي آبادي واري شهر ۾ اچي گهڙيال جي ڪانٽي جي روٽين جهڙي زندگي جو حصو بڻجي وياسين جتي واندو ويهڻ ڪار ناهي. چُر پُر سان زندگي جي رواني مشروط آهي. گوگل ميپ نقشي موجب ڪراچي کان ڪيٽي بندر وايه گهارو جو رستو ڏکڻ طرف ايندي دريا جو اولهه طرف مُڙڻ ۽ کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر جي بيهڪ وڪيميپيا تان ورتل ماپ موجب ڪيٽي بندر کان وڏي سمنڊ تائين جو فاصلو وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لاءِ دوست سليمان وساڻ جي فيس بُڪ البم جو ڀيرو ڀڃيو
لک قرب تفصيلي سفر جو تذڪرو پڙهي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اسان به گهمي آياسين . ۽ اگر ڪو وڃڻ جو موقعو مليو ته روڊ رستي جو مونجهارو نه ٿيندو . مگر اوهانجي روئيداد پڙهي اڳ ۾ ئي وڃڻ تان روح ڪڄي ويو آهي