”آزاد ملڪ جي عوام کي آمريت پسند سازشن کان ڇوٽڪارو ملڻ گهرجي“ (جشن آزادي مبارڪ) وحيد رزاق مستوئي اڄ اسان 68هون جشن آزادي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اسان قائد اعظم محمد علي جناح جي مدبرانه ڪوششن ۽ برصغير جي مسلمانن جي آزادي جي هلايل تحريڪ ۽ ڏنل قربانين جي ڪري اسين آزاد ملڪ اندر بنا خوف ۽ خطري جي ساهه کڻي رهيا آهيون، اسان نهايت ئي خوش قسمت آهيون جو پنهنجي تقدير، وسيلن، ثقافت، تمندن، ڌرتي جا مالڪ پاڻ آهيون، اسان پنهنجي ترقي يا تباهي جا ذميوار خود آهيون، اسان کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ يا ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جا ذميوار خود بڻيل آهيون. اڄ اسان تمام گهڻو خوش آهيون، اهڙين ملهائجندڙ خوشين ۾ اسين برابر جا نه رڳو شريڪ آهيون پر ملڪ جي عظمت جي سلسلي ۾ ڳايل قومي گانن تي جهومي رهيا آهيون. ملڪ اندر جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جيان ذاتي طور تي، گروهي ۽ قومي ليول تحت سرڪاري پروگرام منعقد ڪري دنيا کي پيغام ڏيندا آهيون ته اسان آزاد قوم آهيون. الله پاڪ جي عطا ڪيل قومي آزادي جا لک لک شڪرانه بجا آڻيندي اسان جي ڳوڙهن جا بند تڏهن ٽٽي پوندا آهن، جڏهن بحيثيت هڪ آزاد قوم جي اسان هر قسم جي براين جهڙوڪ ڪرپشن، قتل ۽ غارتگيري، لاقانونيت، اقربا پروري سميت سماجي براين ور چڙهيل محسوس ڪندا آهيون، اسان آزاد قوم جي حيثيت ۾ فرنگي سڏجندڙ انگريزن جي ڏنل ادارن جهڙوڪ پاڪستان ريلوي، روينيو، ايريگيشن ، پوليس، سنڌي ٻولي جي الفابيٽ سميت ٻين ادارن جي تباهي ڏسندي سواليه بڻيل اکين منجهان وهندڙ گرم گرم ڳوڙهن جي لار کي روڪي نه سگهندا آهيون پر وري به دنيا آڏو بهادر بڻجي پنهنجي منهن جي پڪائي سان به چاهيندي به اهو پيغام ڏيندا آهيون ته اسان ترقي يافته ۽ خود غرض قوم آهيون. اسان جي قومي غيرت بلندين کي ڇهي رهي آهي، پر اسان جي ملڪ اندر آمريت پسند حڪمرانن جي تسلسل وارين حڪومتن سميت انا پرستي جي ور چڙهيل جمهوري حڪمرانن جي غلط پاليسين. ڪرپشن، اقربا پرورين سبب اڄ اسان پاڙيسري ملڪ هندستان جي به معيارِ زندگي کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهيون، اسان جي ملڪ جي آبادي جو گهڻو حصو ٽئين درجي نه پرچوٿين درجي واري زندگي گهاريندي به ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعاگو بڻيل آهن، اڄوڪي 68هين جشنِ آزاي واري موقعي تي اسان موجوده عوامي ۽ جمهوري حڪومت کي اها صلاح ڏينداسين ته ملڪ جي بدترين آمر پرويز مشرف سان مهاڏو اٽڪائيندڙ جمهوريت جي علمبردار ۽ شهيد جمهويت شهيد بينظير ڀٽو جي ڏنل قربانين جي صلي ۾ حاصل ڪيل جمهوري سسٽم اندر آمر پرويز مشرف جي جوڙيل ناظمي سسٽم جي خاتمي بعد وري ان ئي پرويز مشرف واري ناظمي سسٽم کي بحال ڪرڻ بعد پيدا ٿيل سنڌ واسين جي ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي وزن رکي ٿي، جڏهن ته پرويز مشرف جي ناظمي واري سسٽم کي ٽن صوبن ڪڏهوڪو ختم ڪري ڇڏيوپرآمريت جي هنج ۾ پليل ايم ڪيو ايم اهڙي نظام کي وڃائڻ جي موڊ ۾ هرگز ناهي، تنهن ڪري ان جي پاليسين کي سمجهڻ ڪو ڏکيو ناهي تنهن ڪري ڪراچي جي امن کي بنياد بڻائڻ وارين سازشن کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته جمهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪندڙ ايم آر ڊي واري تحريڪ دوران سنڌ واسين جي ڏنل قربانين کي نظر ۾ رکندي جمهوري انداز ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن. ان کان سواءِ ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ لاءِ پائيدار معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن ۽ ملڪ اندر ٿيندڙ خودڪش بم ڌماڪن کي روڪڻ لاءِ مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ آرمي آپريشن کي جاري رکيو وڃي ان سان ئي دهششتگردي جو خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ ڪراچي ۾ امن امان بحال ٿي سگهي ٿو ٻئي پاسي اسان جي حڪومت جي بي ڌياني سبب اڄ آزادي جي ڏينهن تي سنڌ ماروئڙا ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي رهيا آهن انهن جي سار لهڻ بجاءَ بندن تي وڏين وڏين ڪيمرائن سان تصويرون ڪڍرايون پيون وڃن براءِ مهرباني ائين نه ڪريو هن ڌرتي ملڪ پاڪستان جي ماروئڙن تي رحم کائو ۽ انهن جي حقيقي مدد ڪريو ڇاڪاڻ ته انهن بي يارو مددگار بڻيل ٻوڏ متاثرين جي ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه رهيو آهي اهي پنهنجي مدد پاڻ پنهنجي جان مال جي حفاظت ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي دعائن ۽ انهن جي قربانين سان ئي پاڪستان جو سبز پرچم اڄ وڏي بلندي تي لهرائي رهيو آهي اڄ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي جيڪي حالتون سنڌ ڌرتي جي رهندڙ حقيقي مالڪن جي آهي شايد اها ساڳئي حالت پاڪستان جي آزادي واري وقت انهن پاڪستانين جي هئي جن ربانيون پاڪستان کي آزاد ڪرائي هڪ آزاد وطن ملڪ بڻايو، اسان کي ماضيءَ جي تڪليفن کان سبق سکڻ گهرجي پارليامينٽ ۾ ويٺلن کي هاڻي سوچڻ گهرجي ته جن اسان کي ووٽ ڏئي چونڊي ايوانن جي ڪرسين تي ويهاريو آهي اهي ٻيا ناهن بلڪ اهي هن پاڪستان ٺاهڻ ۽ آزاد ڪرائڻ وقت قربانيون ڏيندڙن جو اولاد آهن جيڪي ڪافي وقت کان هن ئي پاڪستان ۾ دربدري جي زندگي ۾ گهاري رهيا آهن ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته آخر اسان جي پاڪستان ملڪ ۾ ايتري ڪرپشن ڇو وڌي وئي آهي هر پاسي هر شهر، هر ملڪ ۾ صرف ۽ صرف پاڪستان جي بدنامي پئي ٿئي ته پاڪستان ڪرپشن ۾ پهرئين نمبر تي آهي ۽ پاڪستان ۾ ئي ڪرپشن ڦرلٽ چوري ڌاڙن جو رواج پيل آهي باقي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آهي اڄ اسان جي شهر مورو ۾ به هر پرائيويٽ توڙي سرڪاري آفيسن ۾ جشن آزادي جا احتمام ڪيل آهن ۽ معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن ۽ هن ملڪ جي باشعور عوام جي چپڙن تي اهي نعرا گونججي رهيا آهن ته ” پاڪستان زندهه آباد.