عيد جون خوشيون اسان کان وسري ويو ڏکن جي ڪري... وحيد رزاق مستوئي/ مورو رمضان المبارڪ ۽ عيد اسلام ۾ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهن، رمضان شريف جو چنڊ مسلمانن کي عبادت ۾ مشغول ڪري ڇڏيندو آهي ۽ الله پاڪ جي وحدانيت کي مڃيندڙ الله پاڪ جي حضور پنهنجي گناهن جي معافي ۽ ان جي رحمت جا طلبگار ٿي ويندا آهن. آهستي آهستي رمضان شريف عيدالفطر جي ويجهو ٿيندو آهي ۽ مسجدن سان گڏ بازارن ۾ به رش نظر اچڻ لڳندي آهي تاريخ جا جيترا به پنهنجا ورق ورائي ڏسون، مون کي اها سن، هجري يا عيسوي سال نٿو ملي، جنهن ۾ عيد تي نون ڪپڙن ۽ نون جوتن ۽ سڀ ڪجهه پنهنجو نئون نئون ٺاهڻ جو رواج پيل هجي، نه ئي ڪنهن حديث مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته عيد تي اهو اهتمام ضروري آهي. چند چپن تي مرڪون ۽ ڪيترين ئي اکين ۾ لڙڪ اها آهي عيد جي حقيقت ۽ اهو اڄ کان ناهي پر اسان جي ننڍي هوندي کان ائين ئي آهي بس ان وقت اسان جي سمجهه ۾ اهي ڳالهيون نه اينديون هيون ۽ هاڻي اهي ڳالهيون سمجهه مان نٿيون نڪرن، ڪيتريون مائرون ۽ ڪيترائي پيءُ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ پنهنجي ٻچڙن جي سڪايل اکين ۽ نه ئي اڻپورن سوالن جا جواب نه ڄاڻ ڪيئن ڏيندا هوندا، پر اسان جي صحت تي انهيءَ ڳالهه جو نه اثر پهرين به ٿيو ۽ نه هاڻي به ٿيندو. اسان جو شمار ته انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪي مختلف جڳهن تي ويهي پنهنجي علمي قابليت جون ٻٽاڪون هڻندي ملڪي سياست تي پنهنجي راءِ ڏيندا آهن ۽ پيا گندن ۽ ڪرپٽ سياستدانن تي تنقيد ڪندا آهن ڇو ته اسان مان گهڻن ئي ماڻهن جو تعداد نوڪري جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. جيڪي ڪم ڪن يا نه ڪن پر انهن کي هر صورت ۾ هر مهيني جي پهرين تاريخ جي پگهار ملي ٿي ۽ انهن جي ٻارن جا ڪپڙا ته هيستائين تيار ٿي چڪا هوندا ۽ جن جي ٻارن جي سڪايل اکين جي ڳالهه پئي ٿي ته اهي ويچارا اخبار به خريد نٿا ڪري سگهن. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا عالم سڳورا انهيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهن ۽ اهي ڪڏهن به نٿا چون ته عيد نماز پراڻن ڪپڙن ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ پراڻا جوتا يا چپل پائي ايندئو تڏهن به الله پاڪ توهان جي سجدن کي قبول ڪندو. مون ڪنهن دانشورن جي ڪچهري ۾ ٻڌو هو ته اهي مسڪين ۽ فقير اسان جي لاءِ اسباب مغفرت آهن اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان انهن کي حقير ۽ ذليل ٿا سمجهون. پئسي جي اوقات ۽ حيثيت اها آهي ته اگر الله پاڪ چاهي ته انهيءَ پنندڙ ٻار جي جاءِ تي منهنجو يا اوهان جو ٻار هجي ۽ انهيءَ ٻار جي غريب ماءُ ۽ پيءُ جي جڳهه تي آئون يا توهان هجو…! ڇو ته جيڪو منهنجو ۽ توهان جو خدا پاڪ آهي انهن جو به اهو ئي خدا پاڪ آهي. سڄو رمضان شريف توهان قرآن ۽ حديثن جون تلاوتون حوالا ٻڌا هوندا، آئون توهان کي ڪنهن آيت يا ڪنهن حديث جو ڪوبه حوالو نٿو ڏيان پر ايترو چوندس ته ڪڏهن وقت ملي ته اکيون بند ڪري پنهنجي ٻارن کي انهن ڀٽڪندڙ ڌڪا کائيندڙ پنندڙ ٻارن جي روپ ۾ محسوس ڪجو. ڪڏهن پنهنجي ماءُ، ڀيڻ يا زال کي گندن ميرن ڪپڙن ۾ عام ماڻهو جي سامهون هٿ ڦهلائيندي محسوس ڪجو ۽ انهن تي پوندڙ هر گندي ۽ غليظ نظر به محسوس ڪجو ۽ ڪڏهن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڪنهن مسجد جي اڳيان ويٺي نمازين جي سامهون روئندي محسوس ڪجو ۽ انهيءِ کي ملندڙ اهي دڙڪا به محسوس ڪجو جيڪي آئون ۽ توهان پينو فقيرن کي ڏيندا آهيون. مون ڏٺو آهي ته مورو شهر ۾ ڪافي ڏينهن کان مورو ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم احتجاج ڪري ويٺل آحن جن جو مطالبو آهي ته اسان کي 8 مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن جيڪا سان سان نا انصافي آهي انهن اهو پڻ چيو ته آهي مورو ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ هڪ ڪروڙ 60 لک رپيه آهي پر ان جي باوجود اسان کي پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن جنهن جي ڪري اسان جا ٻچا فاڪا ڪشيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ اسان سخت تڪليف کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون هنن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان کي پگهارون نه ڏنيون ويون ته اسان عيد جي ڏينهن پنهنجي مٿان تيل هاري ٻارن سميت باھ ڏئي ڇڏينداسين، انهن جو اهو پڻ چوڻ هو ته انتظاميه پنهنجي من پسند ماڻهن کي نوازي رهي آحي پر اسان ڏانهن ڪو به ڌيان نه ٿي ڏئي ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي ته آخر انهن ملازمن کي پنهنجي محنت جو اجورو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي آخر انهن غريب مسڪينن کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي ان کان علاو هر هنڌ تي غريب مسڪين بي سهارا لاچار ماڻهن مٿان ظلم ڏاڍ جبر جاري آهي اهي غريب عيد جون خوشيون وساري ويٺل آهن انهن جا ٻچا عيد جي خريداري کان محروم آهن جتي اميرن جا ٻاچر هڪ وڳو هزارين روپين جو خريد ڪري رهيا آهن اتي غريب جو ٻار ڦاٽل جوڙو به نه ٿو پائي انگ اگهاڙي رهي ٿو، ڇا عيد صرف الله پاڪ اوهان جي ۽ منهنجي لاءِ موڪلي آهي..! ڇا اسان الله پاڪ جا گهڻائي متقي ۽ پرهيزگار ٻانها آهيون، ڇا اسان جهڙي محنت ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي يا اسان کان وڌيڪ ڪو تعليم يافته ٻيو ڪونهي، يا اسان کان ڪو وڌيڪ هوشيار ٻيو ڪونهي، يا اسان کان وڌيڪ حسين ۽ خوبصورت به ٻيو ڪونهي..؟ پوءِ الله پاڪ اسان کي ڇو پيو نوازي؟ ۽ آخر ڇو اها سوچ مون کي آئي ۽ توهان کي نه..؟ ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جو حق آهي اهو ته اسان کي ملڻو آهي هر حال ۾… پر اهو سچ ناهي جيڪو توهان به ڄاڻون ٿا ۽ آئون به ڄاڻان ٿو ته پوءِ ڏئي ڇڏيو، انهن جو حق جيڪو الله پاڪ توهان جي کيسن ۽ ٽجوڙين ۾ محفوظ رکيو آهي. ڇو ته منهنجو ايمان آهي ته پئسو فضول خرچي سان گهٽ ٿيندو آهي پر خيرات سان ڪڏهن به گهٽ نٿو ٿي سگهي توهان جي ڏنل خيرات هن عيد تي ڪنهن جي چهري تي مرڪون کڻي اچي، بلڪل اهڙيون مرڪون جيڪا اوهان جي گهرن ڀاتين ۽ ٻارڙن جي چهري ٿيندي آهي جيڪا اوهان جي ڀيڻن ۽ بزرگ والدين جي چهري تي مرڪ ٿيندي آهي اميد آهي ته سرندي وارا انهن غريب مسڪين بي سهارا لاچار خاندان جي مدد ڪندا ۽ انهن جي چهرن تي به مرڪون آڻيندا... آمين