سنڌ جي ثقافت ۽ ڀٽائي جو پيغام پهچائيندڙ (علڻ فقير)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    سنڌ جي ثقافت ۽ ڀٽائي جو پيغام پهچائيندڙ (علڻ فقير)

    وحيد رزاق مستوئي/ مورو

    علڻ فقير سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد نالو آهي جنهن سنڌي ثقافت ۽ ڀٽائي جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ نرالي انداز سان متعارف ڪرايو، علڻ فقير پنهنجي آواز ۽ انداز سبب نه رڳو ملڪ اندر پر ڏيساور ۾ به پنهنجي نرالي آواز ۽ لباس سبب سنڌي ثقافت جو هڪ اهم فنڪار ٿي گذريو آهي خدا تعالي هن جي شخصيت ۾ ڪيترائي فني رنگ ڀريا هئا پاڻ سٺو راڳي، لوڪ ناچ جو ڄاڻون هئڻ سان گڏ ڀلو اداڪار به هيوـ علڻ فقير 1932ع 25 شعبان جمعي ڏينهن ماضي جي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري جي تاريخي ڳوٺ آمريءَ ۾ ڌمالي فقير مڱڻهار جي گهر ۾ ڄائو، ڌمالي فقير پنهنجي دور جو مشهور دهلاري هو، علڻ فقير جو خاندان دهل ۽ شرناءُ وڄائڻ کانسواءِ راڳ رنگ سان به سلهاڙيل هيو، ائين کڻي چئجي ته علڻ فقير کي راڳ رنگ پنهنجي خاندان کان ورثي ۾ مليو. علڻ فقير جو اصل نالو ٽئونر فقير هو جيڪو نالو سندس ڏاڏي جو هيو، پر جڏهن علڻ فقير ڄائو هو ته سندس ڏاڏي زنده هئي جيڪا کيس پنهنجي مڙس جي نالي سان نه سڏيندي هئي ۽ سندس نالو مٽائي علي ڏنو ۽ پوءِ علي بخش ۽ آخر ۾ علڻ رکيو ويو، علڻ فقير پاڻ سان گڏ ڪشتو ۽ ڏنڊو ساڻ رکندو هو سندس ڏنڊي ۾ گهنگهرو ۽ مختلف ڳانڊيئڙا ٻڌل هوندا هئا، ۽ وڏن مڻين وارو ڪنٺو به ڳچي ۾ پائيندو هو، علڻ فقير مختلف وقتن تي لباس به تبديل ڪندو هو، جنهن ۾ ست رنگي ٽوپي، اجرڪ جو پٽڪو، وڏي شلوار، ڪارو جبو ۽ ڪڏهن پينٽ شرٽ پائي مختلف سوارين ۾ چڙهي ماڻهن سان چرچا ڀوڳ ڪري انهن ۾ مرڪون وکيريندو هو، علڻ فقير هٿ ۾ يڪتاو کڻي ڪن تي هٿ رکي جڏهن الو ميان ڪندو هيو ته ٻڌندڙن کي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، علڻ فقير لاکيڻي لطيف جي واين کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڳايو جو ميڊيا جي دنيا ۾ هن جي آواز کي وڏي پذيرائي ملي ۽ سندس آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٻڌو ويو ۽ ساراهيو ويو ـ علڻ فقير پنهنجي طبعيت ۾ سادو، سٻاجهو شخص هو هن جي منهن تي ڪارا شهپر، چاپهين ڏاڙهي ۽ اجرڪ جو پٽڪو ڏاڍو سهڻا لڳندا هئا، علڻ فقير جڏهن اسٽيج تي ويهي ڳائيندو هيو ته پنڊال وارا ٻڌندڙ به ساڻس گڏ بيهي نچندا هئا ۽ هي پنهنجي ڏات ۽ ڪلا سبب سڄي پنڊال کي جهومائي ڇڏيندو هيو، علڻ فقير کي فني دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ سنڌ جي چئن علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن جو وڏو هٿ هو، جن ۾ ممتاز مرزا، غلام حسين شيخ، ظفر ڪاظمي ۽ منصور ويراڳي شامل آهن. ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي سندس ڳوٺائي هئا، جڏهن ته ممتاز مرزا ۽ غلام حسين شيخ حيدرآباد ۾ رهندا هئا ـ ممتاز مرزا علڻ فقير کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آيو ۽ غلام حسين شيخ ان جي فن کي دنيا ۾ نروار ڪيو ان کان پوءِ ممتاز مرزا کيس پاڪستان ٽيليوزن تي وٺي آيو، جتي عبدلڪريم بلوچ هن کي ٽي وي تي متعارف ڪرايو ـ ممتاز مرزا صاحب سان علڻ جي پهرين ملاقات چوڏهين آڪٽوبر 1961ع ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪل سنڌ مزاحيا ڪانفرنس ۾ ٿي. اها ڪانفرنس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم طالب المولي جي ڪوشش سان ٿي. ان ڪانفرنس ۾ علڻ فقير به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيو هو. ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان جي نالي واري پروڊيوسر مرحوم شيخ ابراهيم جي شاديءَ ۾ ممتاز مرزا صاحب علڻ کي نچندي ڏٺو. پوءِ ڀلوا ڳوٺ ٿر ۾ ٿيندڙ مارئيءَ جي ميلي ۾ مرزا صاحب علڻ کي شاھ جا بيت ڳائيندي ٻڌو. ان کانپوءِ مرزا صاحب کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو ـ علڻ ريڊيي، ٽي وي ۽ اسٽيج کانسواءِ فلم لاءِ به ڳيو، هن سنڌي فلم طوفان جا نغما ڳايا، شاھ، سچل ۽ قلندر جي سالياني ميلي تي به ڳائيندو هو. هن سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ۾ ڳايو ، شاھ جي درگاھ تي ته روزانو يا هفتيوار ڳائيندو رهندو هو ـ علڻ ترڪيءَ، انگلينڊ، آمريڪا، جرمنيءَ، جپان، سنگاپور، دبئيءَ، منيلا، بيلجيم، اٽليءَ ۽ روس وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. علڻ فقير ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏجي ڳايو پر سندس جوڙي جيجي زرينه بلوچ ۽ محمد علي شهڪي سان گهڻي پسند ڪئي وئي، علڻ فقير کي فني خدمتن جي مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ به ڏنا ويا، جن ۾ پاڪستان سرڪار جو سهڻي ڪار گذاريءَ جو تمغو، شاھ لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ قلندر لعل شهباز ايوارڊ وغيره شامل آهن، علڻ فقير 4 جولاءِ 2000ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

    [​IMG]
     
  2. ڪراڙو ماڻهو

    ڪراڙو ماڻهو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻني ٻارو
    ماڳ:
    ابراهيم ڳوٺ
    اڙي چنڊ، اڙي، چنڊ پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
    سندس روپ، سندس رنگ، ائين آھھ جيئن تون!
    اڙي رات، اڙي رات، پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
    سندس وار، سندس ونگ، ائين آھھ جيئن تون!
    اڙي ڦول، اڙي ڦول، پرين تھ تو ڏٺو ناھھ!
    سندس رنگ، سندس انگ، ائين آھي جيئن تون!
    اڙي ھير، اڙي ھير، پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
    سندس ساٿ، سندس سنگ، ائين آھي جيئن تون!
    اڙي نانگ، اڙي نانگ، پرين تو تو ڏٺو ناھھ!
    سندم ڏاھھ، سندس ڏنگ، ائين آھي جيئن تون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو