پريم نگر جون گهٽيون گھمائيندڙ صوفي راڳي سهراب فقير جي وڇوڙي کي 6 سال گذري ويا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    ماڻهن کي پريم نگر جو سير ڪرائيندڙ ناليواري صوفي راڳي سهراب فقير جي وڇوڙي کي 6 سال گذري ويا آحن. ٽالپر وڏا ۾ 1934ع ۾ حمل فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ سهراب فقير ڳائڻ وڄائڻ جي شروعات تقريباً 11 سالن جي ڄمار ۾ يڪتاري، چپڙي ۽ باجي سان ڪئي. پهرين رڪارڊنگ 1985ع ۾ خوش خير محمد جي ڪلام ”پرين الله آڻي“ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان نشر ٿيو، جيڪو ڪلام سنڌ ۾ جهر جهنگ مقبول ٿيو. سهراب فقير صوفي فنڪارن جي دنيا جو هڪ روشن ڏيئو هو. هن جي آواز ۾ سوز هو، سرور هو، جستجو هئي، امن هو، تسلسل هو، ميٺاج هئي. هن جي آلاپن ۾ عشق جو طوفان سمايل هو. سهراب فقير سنڌ جي ڪافي وڏن وڏن ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي، انهن ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، سخي الهيار، خوش خير محمد فقير، غمدل فقير، در محمد فقير، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪرم ٽالپر، علي محمد فقير ۽ ٻيا شامل آهن. فن جي حوالي سان هن جو استاد عاشق علي خان هو. استاد خورشيد علي خان، استاد منظور علي خان ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن مشهور فنڪارن سان هن طبلي تي وڄت ڪئي هئي. صوفي فنڪار سهراب فقير پنهنجي فن ذريعي سنڌ جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي. هن جرمني، هالينڊ، برطانيا، ناروي، بيلجئم، فرانس، اٽلي، ڊينمارڪ، آسٽريليا، سئيٽزر لينڊ، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. سهراب فقير جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ڳائڻ ويهندو هو ته رات کٽي ويندي هئي، مگر هن جا عارفاڻا ڪلام نه کٽندا هئا. هونئن ته هن جا سمورا ڪلام مقبول هئا پر سهراب فقير جي ڳايل ڪلامن ۾ ”ميڏا روح منگندا، محبوب آوي“ ۽”گليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گهمايم“ گهڻي مقبوليت ماڻي. سهراب فقير سنڌ جي صوفي راڳ جو مست الست آواز، نرالو انداز هو. هن (ٻه ڀيرا سچل ايوارڊ ، قلندر ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا . صوفي فنڪار سهراب 23 آڪٽوبر 2009ع تي وڃي محبوب حقيقي سان مليو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو