انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو / انصاف ملندو؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو / انصاف ملندو؟؟؟

    وحيد رزاق مستوئي

    اسان جي هن سماج ۾ ڪارو ڪاري هجي يا ڪنهن پلاٽ جي معمالي تي تڪرار، گهر مان ٿيل چوري هجي يا فصلن جي ڀيل زمين تي قبضو هجي ذاتي حسد انا هجي يا اندر جي باف هجي اسان وٽ اهڙا تڪراري واقعا هر روز نئون رخ موڙي سامهون اچن پيا جهڙي ريت سنڌ ڌرتي مسئلن جي حل ٿيڻ بجاءَ وڌيڪ مسئلن جي ور چڙهيو وڃي ۽ سنڌ جا مسئلا عالمي دنيا ۾ جيئين جو تيئن سفيد ورقن جا ڪار اکر بڻجندا پيا وڃن، سنڌ جيڪا امن محبت ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي ۽ هميشھ رهندي پر ڪجھ وحشي صفت درندن ان امن محبت ڀائيچاري واري ڌرتي کي ٽامو بڻائي ڇڏيو آهي جتي وڏيرن جاگيردارن سرمائيندارن جي ڪيل فيصلن تحت ڌرتي جي نياڻين جي عزت آبرو پائمال ڪئي وڃي اتي اهڙا واقعا ضرور پيش ٿيندا جهڙي ريت هن ڌرتي تي وحشين جا ڪردار بدفعل ۽ وحشيت ۾ وڪوڙيل واقعا ڏسون ٿا، اهڙو واقعا ڪيترن جاين تي سامهون آيا جنهن ۾ معصوم نياڻين کي وحشيت جو نشانو بڻائي پنهنجي حَوس جو نشانو بنائي پاڻ آزاد ٿيو وڃن پر اهي قانون جي ڪٽهڙي تي پهچڻ بجاءَ وڏيرن جاگيردارن سرمائيندارن جي آشيرواد سان انهن جي بنگلن تي عياشون ٿا ڪن اهڙا واقعا ڪافي جاين تي ٿيا آهن جتي ڪنهن کي اڄ تائين انصاف ناهي ملي سگهيو اهڙو واقعو وري ڏهرڪي جي ڳوٺ مينهون مهر ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پورهيو ڪندڙ ماءُ الهه وڌائي پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ شيما سولنگي کي ساڻ ڪري رِليون کپائڻ لاءِ ڳوٺ مينهون مهر ۾ موچين جي گهر ۾ پهتي ته ان وقت تيز برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو جتي ڳوٺ ۾ موجود وحشي صفت جوابدارن نور حسن، گل حسن ۽ هاشم موچي پاران پنهنجي وحشي پن جو خيال رکندي برسات جو بهانو ڪندي پورهيو ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيءَ کي زبردستي روڪيو ويو ته جئين پنهنجي ذهن ۾ آيل شيطاني سوچ واري منصوبي ۾ ڪامياب ٿي سگهون پورهيو ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيءَ وحشي صفتن جو ذهن پڙهي ورتو ته هنن وحشي صفتن جي من ۾ ڪا شيطاني منصوبو سمايل آهي جنهن تي ماءُ ۽ ڌيءَ سخت انڪار ڪندي چيو ته اسين ڀر واري ڳوٺ ۾ سولائي سان پهچي وينداسين پر هنن مظلوم ۽ بي سهارا حوا ڄائين جي هڪ به نه ٻڌي ۽ زبردستي رليون کسي لڪايون ويون ۽ رات رهڻ لاءِ زور ڀريو ويو آخرڪار اهي پنهنجي شيطاني ۽ ناپاڪ منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پورهيو ڪندڙ الهه وڌائي سندس معصوم ڌيءَ کي هڪ جھوپڙي ۾ ترسايو ويو جتي ٻنهي کي رات جي وقت ٽنهي وحشي صفتن پنهنجا ناپاڪ ارادا جھوپڙي طرف وڌايا ۽ معصوم نياڻي شيما سولنگي ماءُ جي آغوش ۾ اگهور ننڊ پيل کي ٽنگو ٽالي ڪري جھوپڙي جي اوٽ ۾ جنسي لڄالٽ جي ڪاروائي ڪرڻ لڳا جتي پاڻ سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي تي معصوم نينگري شيما کي هوش اچي ويو هوش اچڻ شرط ئي رڙيون ڪيون، رڙين تي ڀر ۾ ستل ماءُ الهه وڌائي کي به هوش اچي ويو ڪمزور ۽ لاچار حوا ڄائي الهه وڌائي پنهنجي ٻچي کي وحشي صفتن کان بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر جوابدار ڏاڍا ۽ طاقتور هئا جنهن جي طاقت جي آڏو ماءُ الهه وڌائي بيوس بڻجي وئي ۽ پنهنجي اکين سان پنهنجي معصوم ڌيءَ سان ٿيندڙ لڄالٽ ڏسندي رهي، وحشي صفتن ايترو نه پر اڳتي هلي شيما جي لڄالٽ ڪرڻ بعد سندس اڌڙوٽ امڙ طرف به شيطاني خيال لاءِ وڌڻ لڳا ۽ الهه وڌائي سان به جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. انهن درندن خدا جو خوف نه ڪندي پنهنجي شيطاني مقصد ۾ ڪامياب ته ٿيا پر بعد ۾ به انهن ماءُ ۽ ڌيءَ کي ائين ڇڏڻ تي انڪار ڪندي ماءُ ڌيءَ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد جھڳي ۾ اندر باهه ڏئي ڇڏي ته جيئن ڪيل انسانيت لڄائيندڙ پاپ ڌوپجي سگهي پر خدا ان جوابدارن جي قهري منصوبي کي ناڪام بڻايو ۽ باهه لڳڻ بعد ڳوٺ وارا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتي جھڳي ۾ اندر سڙي زخمي ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ کي ڳوٺ جي وڏيري مينهون خان مهر پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال پهچايو ته جيئن ٻنهي حوا ڄائين جي حياتي بچي سگهي افسوس جو اسپتال نيئندي معصوم نينگري شيما سولنگي ان وحشين جي وحشيت جا درد نه سهندي زندگي جي جنگ هارائيندي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺي، جڏهن ته سندس جيجل امڙ الهه وڌائي زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ زير علاج رهي مسلسل هڪ مهيني تائين الهه وڌائي اسپتال ۾ ڪوما ۾ رهي ۽ هڪ مهيني بعد هن کي هوش اچي ويو۔ الهه وڌائي جو هوش ۾ اچڻ هڪ معجزو ٻڌايو پيو وڃي ڇاڪاڻ جو جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ الهه وڌائي کي هوش ۾ اچڻ قدرت پاران لکيل هو ته جيئن متاثر عورت جي زباني جوابدارن جي پت وائکي ٿي سگهي الهه وڌائي جي هوش ۾ اچڻ بعد هن پاڻ ۽ سندس معصوم ڌيءَ شيما سان ٿيندڙ قيامت خيز منظر پنهنجي گهر ڀاتين کي ٻڌايو، ماءُ ۽ ڌيءِ سان ٿيندڙ ظلم جي داستان ان کان وڌيڪ ڇا هجڻ کپي جو وحشي صفت جوابدارن جنسي لڄالٽ به ڪئي ۽ آخر ۾ ٻنهي بيوس ۽ لاچار ماءُ ۽ ڌيءَ کي اذيت ڏئي ساڙيو ويو. هي واقعو انتهائي شرمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ آهي شيطاني سوچ رکندڙ وحشين کي ايترو به خيال نه آيو ته تڏي تي ايندڙ مظلوم عورتن سان اهڙو ورتاءُ اختيار ڪيو ويندو آهي ڇا اهي وحشي حيوان ٻچڙي وال ۽ گهر گهاٽ وارا نه هئا سندن گهر ۾ ماءُ ۽ ڀيڻ نه هيون ته هڪ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ سان ڪهڙو ورتاءُ اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اهي سوچين ها ته ٻين تي قهري ڪاروائي ڪرڻ ڪيترو آسان آهي اهڙي قسم جي ڪاروائي وحشي صفتن جي ماءُ ۽ ڌيءَ سان ڪوئي ڪري ها ته پوءِ ان وقت ڇا منظر هجي ها هن وقت هڪ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي پر افسوس هن وقت تائين ڪنهن به هن واقعي جو نوٽيس نه ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ٻين معاملن جو نوٽيس وٺي ٿي پر ڏهرڪي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف نوٽيس نه ورتو آهي پنجاب جي مختاران مائي جو ته نوٽيس ورتو ويو پر ڏهرڪي جي غريب حوا ڄائين سان ٿيندڙ ان کان به وڌيڪ ظلم ۽ زيادتي جو نوٽيس هن وقت تائين نه ورتو ويو آهي شايد اهي سنڌ جون غريب حوا ڄايون آهن جو ان ڪري کيس انصاف نه ملي سگهيو آهي. اسان جي سماج ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آهن ۽ ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهن ڇا انهن کي الهه وڌائي ۽ معصوم شيما وارو واقعو ياد نه ٿو پوي ته ان مظلومن جي لاءِ آواز اٿارجي۔ انساني حقن جون تنظيمون ته ڪافي موجود آهن جيڪي پاڪستان جي وڏن وڏن هوٽلن ۾ ۾ سيمينار ڪرائن ٿا جتي لکين روپيا هوٽلن جا خرچ ڀرين ٿا پر الهه وڌائي ۽ سندس معصوم ڌيءَ شيما سميت سنڌ جي ڪيترن ئي معصوم نينگرين سان زيادتيون ٿيون آهن ڪيترن ئي معصوم نينگرين سان وحشي صفت جوابدارن جنسي ڏاڍائي ڪري انهن معصوم نياڻين جو ڳلو ڌٻائي ڪري بي رحماڻو قتل ڪيو ويو اتي انسساني حقوق جون تنظيمون ڇو خاموش آهن انهن انساني حقن واري تنظيم کي آواز نه اٿارڻو آهي ته ڀلي نه اٿارين پر هن وقت الهه وڌائي ۽ سندس معصوم ڌيءَ شيما سان ٿيندڙ زيادتي جي لاءِ هنن معصومن جي دانهن صرف هڪ در ضرور ٻڌي ويندي ۽ اهو در آهي خدا جو در ڀلي جوابدار ڪيترا نه بااثر ڇو نه هجن اگر هڪ ماءُ جي دانهن عرش تائين وئي ته پڪ سمجهجو قدرت وارو ان مظلوم ماءُ جي فرياد ضرور ٻڌندو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ان بااثر جوابدارن کي قدرتي پڪڙ ضرور ٿيندي. پر پوليس جتي ا وحشين جي ساٿاري بڻجي غريبن مسڪينن کي انصاف ڏيڻ بجاءَ پنهنجي پيٽ جو پوڃا ڪري اتي اهڙن ظلم ۾ گهيريل مظلوم کي انصاف نه ملي سگهندو سنڌ جي نياڻين سان اهڙو ظلم ۽ ستم آخر ڪيستائين هلندا رهندا، ڪٿي نياڻين کي وڏيرن جي جرڳن ۾ چٽي ۾ ڏنو ٿو وڃي، ڪٿي نياڻين جي عزت آبرو ملھ لڳائي وير ورتا ٿا وڃن، ڪٿي نياڻين کي ڪارو ڪاري جو الزام مڙهي قتل ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي نياڻي کي ڏاج جي ڏوڻ ۾ ساڙيو ٿو وڇي، ڪٿي نياڻي کي وٽا سٽا جي درد ڌڪيو پيو وڃي آخر اهو قصو ڪيستائين جاري رهندو. اهڙي انسانيت کي لچائيندڙ واقعي خلاف اڄ پوري سنڌ ۾ احتجاج پڻ ڪيا ويا ان سلسلي ۾ مورو ۾ به احتجاج ڪيو ويو آل پاڪستان سولنگي جي اڳواڻ سردار غلام شبير سولنگي جي سڏ تي مورو ۾ سولنگي رابطه ڪاميٽي، سياسي، سماجي، قومپرستن تنظيمن ۽ مورو جي سول سوسائٽي جي اڳواڻي مورو ٻانڌي روڊ کان ڏھرڪي ۾ وحشي جوابدارن پاران مسمات الھوڌائي سولنگي ۽ نينگري شيما سولنگي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد باھ ڏئي ساڙن واري عمل ۽ شيما سولنگي جي ساڙي قتل ڪندڙن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي سولنگي رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ دوست علي سولنگي، امام بخش سولنگي، عطر سولنگي، نور سولنگي، ساگر شبير سابقي، اشرف سولنگي، علي نواز سولنگي، جمن سولنگي، جاني مورائي، وحيد مستوئي، آفتاب سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جڏهن ته احتجاج ڪندڙ جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي واقعي جي قاتلن خلاف نعرا تحرير ٿيل هئا، احتجاجي مظاهرو شهر جو گشت ڪندو مورو ميڊيا سينٽر وٽ پهتو جتي سخت نعري بازي ڪري واقعي خلاف ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي سولنگي رابطه ڪاميٽي جي اڳواڻ دوست علي سولنگي چيو ته ڏهريڪي واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي جنهن سان هر هڪ انسان جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آهي هن چيو ته سنڌ جي حوا ڄائي سان بنا ڏوھ جي اھڙو حيوانيت وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي جو حيوانن انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن ان عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گھٽ آھي هنن چيو ته سنڌ جي نياڻين سان پنھنجي ڌرتي تي حيوانيت صفت انسانن جو اھڙو سلوڪ ڏسي دل رت جا ڳوڙھا ٿي روئي ڇاڪاڻ ته هڪ ماءُ ۽ ڌيءَ کي بنا ڪنهن ڏوھ جي لڄالٽ ڪرڻ بعد زنده باھ ڏيڻ وارو عمل افسوس سان گڏ شرمناڪ عمل آهي هنن حڪومت سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهڙن درندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر ڪرڻ کان پهرئين هزار ڀيرا سوچي، هنن اعليٰ اختيارين انساني حقوق جي تنظيمن کان پڻ پرزور مطالبو ڪيو ته نياڻين سان زيادتي ڪندڙ شيطانن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ۽ ھي ڪيس فوجي ڪورٽن ۾ ھلايو وڃي ته جيئن متاثر خاندان سان انصاف ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو