سنڌ ڌرتيءَ جي سپوت ۽ سَن جي سپاهي طور سڃاتو ويندڙ عبدالواحد آريسر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    سنڌڌرتيءَ جي سپوت ۽ سَن جي سپاهي طور سڃاتو ويندڙ عبدالواحد آريسر

    وحيد رزاق مستوئي/ مورو

    عبدالواحد آريسر جسماني طور کڻي ڪيڏو به ڪمزور ٿي پيو هو پر سائينءَ جي گفتگو وارو انداز ۽ سنڌ سان عشق واري معاملي تي بلڪل جوان لڳو پيو هوندو هو. هن وٽ هميشھ سنڌ ڌرتي جو درد ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر سميل رهندو هو هن هميشھ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي ۽ ڪڏهن به انهي تان دستبرادار نه ٿيو، سائين جي ايم سيد کانپوءِ عبدالواحد آريسر ئي شايد سينئر اڳواڻ هو جيڪو ان نظريي کي کڻي اچي جسماني معزوري باوجود پهچائڻ ۾ ڪوشان رهندو هو مونکي ياد آهي ته ڪجھ وقت اڳ مورو جو بهترين استاد ۽ آريسر صاحب جي پارٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ سڪندر علي ميمڻ اچانڪ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي عيادت جي لاءِ عبدالوحد آريسر صاحب مورو پهتو ان کان سيد فتح علي شاھ وٽ آيو جتي پهچڻ ۾ مونکي ڪجھ ليٽ ٿي ۽ بعد ۾ ڪامريڊ سڪندر جي اوطاق تي دعا گهرڻ بعد ڪجھ سوال ڪيا جن جو جواب جسماني معزوري باوجود همت وارا ڏنائين ڪجھ وقت کانپوءِ عبدالواحد آريسر بيمار ٿي پيو پر ان جي باوجود ساين جي ايم سيد جي سالگرھ تي پنڊال ۾ پهتو جتي هڪ ڪڙڪي دار خطاب پڻ ڪيائين ۽ ٻيهر بيماري اچي ورتو جنهن سبب آريسر صاحب کي حيدرآباد بجاءِ ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو جتي ڪجھ ڏينهن گهارڻ بعد (سائئين جي ايم سيد جي ورسي) ۾ شريڪ ٿيڻ جو چياين پر بيماري ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو جو بستري تان اٿڻ بجاءَ هميشڳ هميشھ جي لاءِ ڌرتي ماءُ جي هنج موڪلي ڇڏيائين جيڪو پوري سنڌ لاءِ هڪ ڏک ڀريو وقت هو، هر پاسي ڏک جا ميسيج پئي آيا هر طرف تعزيتي ميڙاڪا ڪيا پيا وڃن. سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب ۽ جسقم (آريسر) جو چيئرمين عبدالواحد آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو آريسر ھو، جيڪو ڳوٺ ۾ ھارپو ڪندو ھو، عبدالواحد آريسر عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، ان بعد مختلف مدرسن جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحئي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رھيو آھي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو، ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ”ھمدرد“ ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن مخدوم غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو، آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو آھي، سندس پھريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ”جواھر آزاد“ 1970ع ۾ اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ جاري ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾“ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمين رھيو. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمين رھيو ۽ هن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ حصي جو چيئرمين آهي. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا وڃن ٿا. آريسر صاحب جا ھيٺيان ڪتاب اھم آھن: ”پرھ جو پيغام“ (1975ع)، ”صدين جون صدائون“ (1975ع)، ”جي ايم سيد“ (1976ع)، ”سر ۾ سانجھي وير“ (1979ع)، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (1983ع)، ”ترم ياترا“ (1985ع)، ”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“ ”قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“، (1990ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (1998ع)، ”روح جا ريلا“ (1999ع)، ”سر جي صدا سر ۾“ (2000ع) ۽ ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“: (مخدوم بلاول جي تحريڪ بابت: 2006) وغيرھ، عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا ھو پھريون ڀيرو 11 اپريل 1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 آگسٽ 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. ٿر جي ھن غريب پورھيت جي پٽ سياستدان، سياست ۾ پنھنجو وقار ۽ عزت بحال رکي آھي. عبد الواحد آريسر 3 مئي 2015ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ اه هميشھ هميشھ جي لاءِ اسان کي الوداع ڪري وڃي سنڌ ڌرتي جي هنج پيو.

    [​IMG][​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين جي ايم سيد جي فڪر کي جيڏو ڇيهو ان ملان آريسر رسايو هو، ڪنهن ٻئي نه ڏنو آهي.
     
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    آريسر جهڙي عظيم انسان تي الزام؟ افسوس ،ڀلا سا.ين آريسر کانسواء ٻيو ڪهڙو ماڻهو سيد ۽ سنڏڌ سان عهد وفا ۾ ساهه جي آخري هچڪي تا.ين قائم رهيو؟؟
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    توهان ڏٺوئي صرف مُلو آ، سائين جي تاريخ سائين سان مخلص ۽ ويجهڙا جيڪي هيا اهي سڀ ڪنڊائتا آهن يا هن دنيا ۾ ئي نه آهن. مجيدي، قريشي، منشي، مهيسر،ڪاڪيپوٽو، جتوئي، لغاري، شيخ، دربدر، ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    دربدر ماما جمن اڃان حال حيات آهن، باقي سڀ پاڻ رياست جي خوف ۾ ڪنڊائتا ٿي ويا ان ۾ سائين آريسر جو ڪهڙو قصور باقي سائين آخري دم تائين بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي فڪر سيد سان سلهاڙيل رهيو ان کي سائين سان ايترو عشق هو جيترو خود سائين ،کي سنڌ سان هو باقي توهان ماڻهن سدائين الزامن کانسواء سائين آريسر کي ٻيو ڏنو به ڇا؟۽ سائين کانسواء ٻيو ڪير آهي جيڪو فڪر سيد کي سڄي زندگي سلهاڙيل رهيو؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو