مڙس جي ظلم جي ستايل هن نياڻي سان انصاف ٿيندو. وحيد رزاق مستوئي/0306.3421288 سنڌ ۾ هن وقت تائين ٿيل واقعن جي حوالي سان تازيون توڙي ماضي جون اخبارون کولي ڏسبيون ته هر اخبار ان درد ڀري داستان جي گواهي ڏيندي. جنهن ۾ سنڌ جي نياڻي سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم جون هر شهر مان اهڙيون خبرون ملنديون جن ۾ عورتن تي تشدد ڪري کين حوس جو نشانو عورت تي تشدد ڪري معزور بڻايو ويو هوندو. عورت ماءُ به هوندي آهي، عورت ڀيڻ به هوندي آهي، عورت زال به هوندي آهي ته عورت ڌيءُ به هوندي آهي. جيڪڏهن اسين اهو سمجهون ٿا ته اسين ڪنهن عورت جا پوٽا، پُٽ، ڀائر، مڙس ۽ پيءُ آهيون ۽ اسان جو انهيءَ عورت سان ڪو رشتو آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته اسان کي هر عورت سان عزت، احترام ۽ پيار سان پيش اچڻ گهرجي هميشه ملڪ اندر ان جي ابتڙ نظر ايندو آهي. اسين انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويهي رهندا آهيون. ۽ عورتن سان وحشياڻو طريقو اختيار ڪري انهن تي پنهنجو روب ڄمائي ڏينهن رات تشدد ڪندا رهندا آهيون. عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي معاملي ۾ اسان سڀ ناڪام ٿي چڪا آهيون. پهرين ذميواري حڪومت جي آهي، عورتن سان ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ بابت اسان جا ادارا به ناڪام ٿي چڪا آهن. عدالتي نظام ۾ به ڪيتريون ئي خاميون نظر اچن ٿيون. جنهن سبب عورتن تي جسماني ۽ جنسياتي تشدد جا جوابدار سزا کان بچي وڃن ٿا. عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظات لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي عدالتن کي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم، زيادتي، بدفعلي ۽ تشدد جا ڪيس مهينن ۽ سالن کان پوءِ نه پر ڏينهن ۾ اڪلائڻ گهرجن. عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم بابت سڄي سماج کي سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين معاشري ۾ جاڳرتا پيدا نه ڪئي ويندي، تيستائين عورتن تي تشدد کي روڪي نه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ صدين کان عورتن سان ظلم جبر ۽ ڏاڍ ٿيو آهي پر هن 21 هين صدي ۾ جنهن کي اسين ترقي پذير صدي چئون ٿا انهي ۾ اهڙا ڏاڍ ۽ ظلم آخر ڇو.؟ ڇا عورت انسان نه آهي عورت ته اها عظيم هستي آهي جنهن جي وجود سان ئي دنيا ۾ رونق آهي ۽ نياڻي کي رب پاڪ رحمت جو درجو عطا ڪيو آهي پر اسان جي سماج ۾ سڌارو ۽ شعور نه ڄاڻ الائي ڪڏهن ايندو.؟ عورت هميشھ گهر جي ظلمن سان زندگي گذاريندي رهي ٿي پوءِ اهي ظلم، والدين جا هُجن يا مڙس جا هُجن پر ظلم جا درد هميشھ سيني ۾ سانڍي رکي ٿي، جيڪا هڪ عورت نه پر هڪ ماءُ، هڪ ڀيڻ، هڪ نياڻي، هڪ زال سان گڏ هڪ انسانيت تي ظلم آهي درس روڊ جي ھڪ سرڪاري ڪواٽر ۾ بستري تي پيل بيوسي جا ڳوڙھا ڳاڙھيندڙِ پيءَ جي گھر رھندڙ نوجوان ناري شھزانه ميمڻ جيڪا پڻ هڪ وحشي مفاد پرست شخص جي ور چڙهي وئي جنهن سان هن شادي ته ڪئي پر ان شهزانه کي پنهنجي عزت ۽ وني نه سمجهيو ۽ ظالم مڙس شهزانه تي پنهنجي والدين جي چوڻ تي تشدد جو نشانو بڻائڻ لڳو جيڪو ڪافي وقت تائين شهزانه ميمڻ برداشت ڪندي رهي ۽ اهي سور صدما سهندي رهي پر ان جي باوجود ان ظالم مڙس کي ڪو به رحم نه آيو ۽ معصوم پٽ کي پڻ ان جيجل ماءُ جي آغوش کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ آواز اٿارڻ تي ڌمڪيون ڏيندو رهيو اهو ڪٿان جو قانون آهي ته هڪ عورت جيڪا پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي ڪنهن ٻئي گهر وڃي قدم رکي ان مٿان مڙس ۽ سس سهرو تشدد ڪرائي ۽ ان کي مجبور ڪري انهي سلسلي ۾ جڏهن شهزانه ميمڻ وٽ پهتاسين ته ان پنھنجي درد جي ڪھاڻي ٻڌائيندي چيو ته تقريبن 13 سال پھريان منھنجي شادي ڳوٺ قاسم کاھي جي رھواسي محمد علي ميمڻ سان ٿي ھئي جيڪو متحسب اعليٰ نوشھروفيروز ۾ ملازم آھي شادي کان پوءِ منھنجو مڙس ننڍي وڏي ڳالھ تي مونسان وڙھندو ھو ۽ تشدد پڻ ڪندو ھو پر مان عورت ۽ شريف خاندان سان تعلق رکڻ جي ڪري خاموش رھندي ھيس منھنجي خاموشي کي منھنجي بزدلي سمجھي منھنجو مڙس انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي مون مٿان مسلسل تشدد ڪندو ھو مسلسل تشدد ڪرڻ جي ڪري مان بيمار ٿي پيس پر منھنجي مڙس جو مون تي ڪو به ڪياس نه آيو ھڪ ڏينهن رات جي انڌاري ۾ منھنجي مڙس مون تي بي رحمانو وحشاڻو تشدد ڪري مونکي گھران ڪڍي ڇڏيو مان پاڙي وارن جا در کڙڪائيندي رھيس ته مون کي پناھ ملي پر ڪٿي به پناھ نه ملي ۽ مان رات جو ڀٽڪندي اچي بابا سائين جي گهر پهتيس ۽ بابا مونکي گهر جي ڪمري ۾ ترسايو ان کان پوءِ منھنجي مڙس مون کي اچڻ لاءِ چيو مان مڙس جو حق سمجھندي ان جي چوڻ تي واپس ويس ان کان پوءِ به منھنجي مڙس جو رويو مون سان ساڳيو رھيو منھنجي مڙس جو ڪجھ غلط ماڻھن سان واسطو ھيو جيڪو مون کي پسند نه ھو ۽ منھنجو مڙس مون کي غلط رستي تي ھلائڻ لاءِ اوتسائيندي ھو پر مان ان جي ان ناپاڪ ڳالھين کان انڪار ڪندي ھيس ھڪ دفعي وري منھنجي مڙس وري مون تي انسانيت سوز وحشاڻو تشدد ڪيو جنهن سبب منھنجي ڄنگھن مان ساھ ڇڏائجي ويو جنھن کان پوءِ منھنجو بابا مون کي پنھنجي گھر وٺي آيو جتي مونکي هڪ کٽ تي 5 سال گذري ويا آهن هن چيو ته منھنجو بابا هڪ پٽيوالو آھي جنھن پنھنجي (جي پي فنڊ) مان منھنجو ڪجھ علاج ڪرايو پر ڊاڪٽر منھنجي علاج تي 8 لک رپيا ٻڌائي رھيا آھن جيڪا اسان غريبن جي وس جي ڳالھ نه آھي ھن روئيندي وڌيڪ ٻڌايو ته منھنجي مڙس مان مون کي 3 اولاد آھن جنھن ۾ ھڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ آھن ھڪ پٽ جيڪو ٿيليسميا سبب فوت ٿي ويو ٻيو پٽ رضوان ميمڻ جيڪو منھنجو مڙس زبردستي مون امڙ کان جدا ڪيو ويٺو آھي مون سان ھڪ 6 سالا نياڻي فلڪ ناز گڏ آھي جيڪا پنهنجي پتڪڙن هٿڙن سان منهنجي ان معزور بي وس بڻيل ڄگهين تي زور ڏيندي رهي ٿي ۽ مالڪ جي در دعا ٿي گهري ته منهنجي جيجل امڙ جي حياتي بچاءَ ان جي معزوري ختم ڪر، منهنجا به ڪجھ شوق آهي دنيا جي نظارن کي ڏسڻ جا پر لاچار بڻجي وئي آهيان بس الله ۾ اميد رکي ويٺل آهيان ضرور هڪ ڏيندي منهنجي دانهن ضرور ٻڌندو. افسوس جي ڳالھ اها آهي ته اسان جي هن سماج ۾ انساني همدردي جا هوڪا ڏييندڙ توڙي هتان جا چونڊيل نمائنده هن واقعي کان ته بي خبر بڻيل آهن ۽ ڪنهن بي وس جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي نه ٿا وڌن، پر ميڊيا تي هلندڙ هر وقت خبر تي خبر هوندي به اهي هن جي درد بابت پڇاڻو ڪرڻ لاءِ نه پهتا آهن پوءِ انهن جون اهي دعوائوڻ ڇو هونديون آهن ته اسان انسان دوست ۽ همدرد آهيون هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏينداسين بس اهي صرف پنهنجي دڪانداري چمڪاڻ جي لاءِ هوندا آهن. ھن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان پڻ هٿ ٻڌي پر زور مطالبو ڪيو ته مون نياڻي تي رحم ڪري مون تي تشدد ڪندڙ منھنجي وحشي مڙس کي سزا ڏياري وڃي ۽ وس وارا مون بي وس نياڻي جو علاج ڪرائڻ لاءِ منھنجي مدد ڪن. ڇاڪاڻ ته منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي معصوم نياڻي فلڪ ناز ميمڻ کي پڙهائي لکائي هڪ بهترين داڪٽرياڻي ڪندس جيڪا بي سهارا غريب مسڪين ماڻهن جي سهارو بڻجندي ۽ انهن جو علاج ڪندي منهنجي به دعا آهي هن ڀيڻ شهزانه ميمڻ کي ته الله پاڪ تنهنجا اهي خواب ساڀيان ڪندو جيڪي تنهنجي دل ۾ سانڍيل آهن تنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ ضرور نخار آندو جيڪي تنهنجي زنددگي ۾ ٻيهر خوشيون آڻيندا. مان ليک ذريعي سڀني وس وارن خاص طور تي سابق صدر آصف علي ززرداري، سيد قائم علي شاھ، ايم اين اي فريال ٽالپر، وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي، مسرور احمد خان جتوئي، ذواالفقار بهڻ، ممتاز علي چانڊيو، عبدالحق ڀرٽ، عاقب خان جتوئي کي اپيل ڪندس ته هن بي سهارا عورت جي مدد ڪري هن جي خوابن کي سانڀيان ڪيو وڃي ته جيئن هي ماءُ، هي ڀيڻ، هي ڌيءَ، هي نياڻي به دنيا جي نطارن کي ڏسي سگهي.
الله سائين جي خوف کان ڊڄو اهڙيون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون نه ڪيو. ڪوڙيون ڳالهيون ڪري سستي شُهرت حاصل نه ڪيو.