abdullah jarwar
سينيئر رڪن
فضل احمد بچاڻي صاحب جي ورسي تي ڀيٽا.
تحرير : عبدالله جروار
فضل احمد بچاڻي مرحوم ٽنڊي الهيار جي مشهور سماجي شخصيت خانصاحب محمد ڇٽل جو فرزند هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هوندي هئي، جنهنڪري گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اهڙن ادارن مثلاً ريڊيو پاڪستان، اخبار ۽ انفرميشن کاتي کان وابسته رهيو، جتي سندس علمي ۽ ادبي ذوق جي تسڪين ٿيندي رهي؛ مگر سندس طبيعت نوڪري جون پابنديون قبول ڪري نه سگهي، جنهنڪري اهي نوڪريون ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت لاءِ حبيب بئنڪ ۾ آفيسر ٿي رهڻ کان پوءِ اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ روزي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر، حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ريڊيو پارٽس جو دڪان کوليائين، مگر وري اتي به ساڳي ڳالهه اڳيان آئي، يعني دوڪان تي پابندي سان ويهڻ ۽ گراهڪن سان شين جي باري ۾ غلط بياني کان ڪم وٺي اگهه پار جا معاملا طئي ڪرڻ سندس ذوق ۽ وس جي ڳالهه نه هئي، جنهنڪري جلد اهو دوڪان پنهنجي هڪ عزيز جي حوالي ڪري پاڻ هميشه لاءِ گوشه نشيني اختيار ڪري فقط مطالعي ۽ سنڌي ادب ۾ واڌاري خاطر لکڻ لاءِ پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيائين.
فضل احمد بچاڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ سندس طبع زاد ۽ ترجما شامل آهن. مرحوم ڪافي وقت اڳ انگريزي جي مشهور ناول شيءَ (SHE) جو سنڌي ترجمو عاشيءَ جي نالي سان ڪيو، جنهن کي سنڌي اديبن ۽ دانشورن طرفان ساراهيو ۽ پسند ڪيو ويو.عاشيءَ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سندس شمار سنڌ جي نامور اديبن ۾ ٿيڻ لڳو.مرحوم ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”روح جي ڳولا“، ”سپون“ ”آسڪر وائلڊ جا خط“ ۽ ٻيا به ڪيترا ڪتاب شامل آهن، جن کي پڻ عوام ۽ خواص ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. انهن ڪتابن کان سواءِ مرحوم سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ گهڻا مضمون لکيا، جيڪي پڙهندڙن طرفان بيحد پسند ڪيا ويا.
بچاڻي مرحوم نثر سان گڏو گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي ڪئي ۽ پنهنجا طبع زاد شعر ۽ نظم لکيا. انهن کان سواءِ شيڪسپير جي نظمن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو، جيڪي تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن. مرحوم کي سندس ترجمو ڪيل ڪتابن جي ڪري تمام گهڻي شهرت حاصل ٿي، انهيءَ کان سواءِ سندس طبع زاد ڪتابن کي به گهڻو پسند ڪيو ويو.
سندس آخري ڪتاب ”اڳي ائين هياس“، جيڪو ٻن حصن ۾ شايع ٿيو آهي، جو سندس ننڍپڻ جي يادن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون، انهيءَ وقت جو ماحول، اهم ۽ دلچسپ واقعا، اهم شخصيتن سان ملاقاتون، انهيءَ دور جون اقتصادي، مذهبي ۽ سماجي حالتون، هندو مسلمان جو پاڻ ۾ ميل جول، ڪاروبار، گهريلو ٽوٽڪا، سنڌ جون تعليمي حالتون ۽ ٻيا به ڪيترا دلچسپ ۽ اهم واقعا تمام دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ معلومات ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب ”اڳي ائين هياس“ (ٻه حصا) کي پڻ دانشورن، اديبن ۽ عام پڙهندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ پسند ڪيو. انهيءَ کان سواءِ مرحوم جا ٻيا به ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جن کي شايع ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو.
فضل احمد مرحوم کي لکڻ سان گڏو گڏ مطالعي جو پڻ گهڻو شوق هوندو هو، جنهنڪري سندس ڄاڻ ۽ معلومات تمام وسيع هوندي هئي.
سنڌ جو هي نامور اديب محترم فضل احمد بچاڻي ڪافي وقت عليل رهڻ کان پوءِ تقريباً 52 سالن جي عمر ۾ 23- آگسٽ 1987ع تي هن فاني دنيا جي رهندڙن سڀني دوستن ۽ عزيزن سان هميشه لاءِ سڀ ناتا لاهي وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو.