سامونڊي وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا
    اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙمِ ڳَچَ ڳَرِي
    وِندِيَسِ ماءِ ! مَرِي، سارَي سامُنڊِيَنِ کَي


    سُرُ سامُونڊِي

    پِرِھ
    = پرھ ڦٽيءَ ويل، اَسُرَ ويل، باک ڦٽڻ ويل
    پَڳَھَ = رسا يا نوڙيون، جنهن سان ٻيڙا ٻَڌِبا آهن.
    پَسِي = ڏسي
    اُنِ جُون = انهن جون، هنن جون
    پِئڙمِ = پيا ٿم
    ڳَچَ ڳَرِي = جيءُ جهري، هنيانءُ ڳري
    وِندِيَسِ = وينديس، ويندي مانءِ
    ماءِ = امان، امڙ، جيجل
    سارَي = ياد ڪري
    سامُنڊِيَنِ = سامونڊين

    بيت جو پس منظر

    ~ وڻجارن اَسُرَ جو ٻيڙا ڇوڙي ڇڏيا آهن.
    ~ سندن هٿن ۾ وَنجَھ ڏسي هنيانءُ ڳري پيو آهي.
    ~ او امان ! هنن سامونڊين کي ساري نيٺ مري وينديس.

    سمجهاڻي

    جڏهن کان وڻجارو وطن وريو آهي، تڏهن کان سندس وني کيس ايلاز منٿون ڪندي رهي ٿي تہ هاڻي وري ٻاهرئين
    ملڪ نہ وڃجان. هتي رهي ڪاروبار ڪجان، مون کان تنهنجي جدائي برداشت نٿي ٿئي.
    وڻجارو کيس سمجهائيندي چئي ٿو :
    هتي روزگار جا ذريعا اسان لاءِ ناهن ۽ ڌنڌي مان پيٽ پالڻ مشڪل بڻجيو پئي. پرھ ڦٽيءَ ويل وڻجاري هنڌ خالي ڏسي بندر ڏانهن ڊوڙي ٿي، ٻيڙن جا رسا کليل آهن ۽ وڻجارا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. سندن هٿن ۾ ونجھ ڏسي جيءُ جُهري ٿو پويس.
    پنهنجي ماءُ کي دانهَن ڏيندي چئي ٿي :
    او امان ! تون هنن کي جهل تہ هي هتان نہ وڃن. جي تو ايئين نہ ڪيو تہ محبوب جي جدائيءَ ۾ مان مري ويندي سانءِ.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا.......خوبصورت ڊزائين سان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    " اُنِ جُون" " اُنِ جِيُون" ادا سائين هنن لفظن کي ڇڱي نموني ڏسي ڪري سهي لکو فرق آهي ٻنهي ۾،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو