• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صلاح ڏيو

داني شاه

سينيئر رڪن
حق موجود! منهنجا سنڌي ڀائرو مون کي لکڻ جو ڏاڍو شوق آهي، اوهان صلاح ڏيو ته آغاز ڪيئن ڪجي؟ ٽرانسليشن به مون علامه اقبال جي ڪتابن جي سنڌي ۾ ڪئي آهي، جيئن پيام مشرق، جاويد نامه ۽ ذبورِ عجم جي وغيره هاڻي مان پنهنجي تخليق ڪرڻ ٿو چاهيان.؟؟؟ ان لاءِ اوهان دوستن کي عرض ٿو ڪجي ٿي.
 
سدا موجود ، جيئن ته اوهانجو چاھ ۽ شوق جنهن به شعبي سان وڌيڪ هجي اتان کان شروع ڪيو ، اگر اسلام باري ۾ لکڻ چاهيو ته ڪافي سارا حديث ۽ فقه جا ڪتاب اردو ۾ آهن انهن جو سنڌي ترجمو ڪريو يا تصوف بابت جيڪي ڪتب آهن انهن کان شروعات ڪريو ، يا سائنسي ، سماجي ، ادبي ۽ انکان علاوه به کوڙ سارا شعبه آهن توهان جو لڳاءُ جتي هجي اتان کان شروع ڪيو ، هڪ بزرگ جي باري ۾ هڪ روايت آهي ته انجي عمر تقريبن 40 سال هئي هڪ ڏينهن برسات جي حالت ۾ بارش کان بچڻ لاءِ هڪ وڻ هيٺان وڃي بيٺو ۽ جڏهن بارش جهڪي ٿي ته ڏٺائين ته وڻ جي پنن مان جيڪو قطرو قطرو پاڻي وهي رهيو هيو اهو هيٺ ڪريو پئي ۽ جتي پاڻي جا قطرا ڪرن پيا اتي ٿوري دير ۾ ئي هڪ ننڍڙو پاڻي جو دُٻو ٺهي پيو ! ان شخص دل ۾ سوچيو ته اگر روزانو ٿورو علم مان پرايان ته جيڪر ڏاڍو سٺو ٿئي ايئن ئي ان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ وقت جو وڏو امام ٿي گذريو ، شايد اهو بزرگ شيخ سعدي شيرازي رحمت الله عليه هيو!
 
لکڻ ۽ تخليق لاء ماڻهو رستو پاڻ چونڊيندو آهي ۽ ان راهه تي رهبرن کان رهنمائي وٺندو آهي. اسان کي خبر ناهي اوهان جو چاهه شاعري سان آهي يا ڪالم لکڻ سان يا وري ڪهاڻي سان يا وري ڪنهن مذهبي سلسلي سان.
پر جيڪو به آهي لکڻ گهرجي ۽ پنهنجا خيال ۽ احساس پيش ڪجن.
 
Back
Top