نه اک جي ها ڏسي توکي ....

نه اک جي ها ڏسي توکي
____________________________
نه اک جي ها ڏسي توکي نه ٿي ها دل بره بي چين
هجون ها پاڻ ڀي سک ۾ نه ڪنهن تي ڪيون ها ڪوئي دين...

سدان ئي راه رستي تي تڪيون ويٺا پڇون ويٺا
اسان جو حال هيڻو آ سندن کي ياد اچي شل کين..


مندون موٽي وري آيون نه آيا ديس تي دلبر
اداسيون يار ويڙهي ويون اندر ۾ ڪين آ ڪو چين


محبت آ ڪيو مجبور عشق اهڙو الفت ۾
وري هو يار ماڻن سان قرب ۾ ڪري پيو ڪين....


بره جون يار برباديون وسڻ ڄڻ هو آيو ڪو مينهن
وسن ٿيون مينهن وانگر هي اکيون نظرون وري هي نين....




رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top