آزاد جتوئي : ٻاجهاريون اکيون رکندڙ شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    آزاد جتوئي : ٻاجهاريون اکيون رکندڙ شخصيت

    رکيل مورائي

    حسين دوست، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ آزاد جتوئي ٽي سال اڳ، اسان کان جدا ٿيو هو. پر هيءُ اکر لکندي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جون بيحد ٻاجهاريون اکيون اسان سڀني کي ڏسي رهيون آهن ۽ انهن ۾ اهو ئي پيار اها ئي پنهنجائپ موجود آهي. ان جي باوجود به ڪجهه کٽل کٽل محسوس ٿئي ٿو. هڪ بيحد همدرد، وطن دوست ۽ دلي دوست جي ڪمي جيڪا شايد رهجي ويل سوالن وانگر سدائين انهن شخصن ۽ ادارن وٽ رهي، جن سان هو زندگيءَ جي الڳ وقتن تي جڙيل رهيو. خاص طور پنهنجي ونيءَ ۽ اولاد جي ته هو اکين ۽ دلين مان ڪڏهن به نڪرڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن ماضيءَ ۾ وڃجي ته محرابپور ڳوٺ جون اهي ڪچيون گهٽيون جن ۾ گهمي هو وڏو ٿيو ۽ جتان ئي سندس پيرن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اهي کيس سدائين ياد ڪنديون رهنديون.
    ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ کان ٽن ڪلوميٽرن تي هڪ بنهه خوبصورت ڳوٺ/ ننڍڙو شهر محرابپور جتوئي آهي. هيءُ ڳوٺ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڳوٺ بکو ديرو کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي ۽ سنڌ جي هن ڳوٺ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهو اعزاز آهي ته هن ڳوٺ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو عالم ۽ شاعر پوريل آهي/ يا هيءَ ان عالم ۽ شاعر جو ڳوٺ آهي جنهن جي شعرن کي مذهبي عقيدت ملڻ جو اعزاز حاصل آهي. سنڌ جا اڻ ڳڻيا شهر ۽ ڳوٺ اهڙا هوندا جتي مسجدن ۾ اڄ به جمع جي خطبي سان گڏ ”خطبئه رسولي“ پڙهيو ويندو آهي، جنهن ۾ هن عالم جا نظم آهن. ان عظيم شخص جو نالو آهي، مولوي غلام رسول جتوئي ۽ اسان جو دوست ۽ اديب جنهن کي وڏو جهان آزاد جتوئيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿو، تن جي شايد ٿوري حصي کي سُڌ هوندي، سندس اصل نالو حضور بخش هو ۽ سندس حوالي ۾ ٻه اعزاز شامل آهن؛ هڪ اها ته هو جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو اهو علمي طور نوانوي سيڪڙو تعليم رکي ٿو ۽ ٻيو اعزاز اهو ته آزاد، مولوي غلام رسول جتوئي جهڙي مذهبي عالم ۽ شاعر جو پوٽو هو ۽ هاڻ شايد محرابپور جتوئي ڳوٺ هڪ وڌيڪ شخص تي به فخر ڪري ته هو ان ڳوٺ جو ڄائو هئو. محرابپور ۾ ڄائو، هُو ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيو. جيڪڏهن اهو فيصلو سندس هئو ته ان پٺيان هن پنهنجي اولاد کي اهو حق ڏيڻ چاهيو هوندو ته هو ڪڏهن به اها دعويٰ ڪري سگهن ته هيءُ شهر (ڪراچي) اسان جو آهي. ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جا هڏڙا دفن ٿيل آهن. اهڙي دعويٰ جيڪڏهن آزاد خود، پنهنجي لاءِ ڪري ها ته مناسب نه هو. پر سچ پچ هُن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي هن شهر تي پنهنجي شهر هجڻ جي ثابتي ڏني آهي، جيئن جمال ابڙي صاحب، قمر شهباز، تاجل بيوس، نور الدين سرڪيءَ ۽ هاڻ شمشير الحيدريءَ ڪيو آهي. آزاد وٽ اهڙو شعور ان عمرکان هو جنهن عمر ۾ هو ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هو ان عمر ۾ به فقط نصاب جا ڪتاب پڙهندڙ هو، پر سنڌ جا اڪثر ادبي ۽ سياسي رسالي اسان سندس گهر توڻي اوطاق واري ڪمري ۾ نه رڳو ڏسندا هئاسين پر پڙهندا به هئاسين.
    آزاد جتوئي تڏهن حضور بخش هئو ۽ پنهنجي عمر جي ڇوڪرن ۾ ذهين نوجوان هئو، ڇاڪاڻ ته علم سندس ورثو هو جيڪو کيس مليو هو، سندس والد سائين الهه بخش جتوئي، خود هڪ استاد هو ان ڪري هن پنهنجي پٽن کي به پڙهايو، ان ئي دور ۾ آزاد سياست ڏانهن لاڙو رکيو پر بنهه گهٽ، سندس ذهن جي تيزي کيس گهڻو اڳتي وٺي آئي، هن لکڻ شروع ڪيو، ڪجهه صحافتي ۽ ڪجهه تخليقي جنهن کي گڏي سندس ونيءَ ڀيڻ حسينا آزاد جتوئي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي سدائين لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ هن ڪتاب مان آزاد جي شروعاتي اڌ عمر گم آهي، پوءِ به هن ڪتاب جي صورت ۾ آزاد ياد رکيو ويندو، شايد لکڻ وارا مسلسل ايئن لکندا رهن پر مان شخصي طور سمجهان ٿو ته آزاد کي پنهنجي سٻاجهي ۽ همدرد طبعيت ڪري به ياد رکيو ويندو، سنڌي صحافت ۾ سنڌي ادب ۾ هن جو حصو مومل رسالي ۽ مومل اخبار جي حوالي سان ياد رهندو، ٻيءَ صورت ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان کان کان محرابپور جتوئي ۾ سندس نوجوانيءَ جون سماجي ڪار گذاريون ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ سدائين زنده رهنديون، انهن ماڻهن وٽ جن جو ادب سان واسطو نه آهي ۽ ادب دوستن وٽ ڏياٽيون رسالو.
    هو ڪراچيءَ آيو ته سدائين لاءِ ڪراچيءَ جو ٿي ويو. پنهنجي صلاحيتن سان ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيائين پر شايد کيس بئنڪاري راس آئي هو بئنڪار ٿي ويو. بظاهر هن بينڪ جهڙي ڏکي نوڪري ڪئي پر سندس اندر ۾ ويٺل ليکڪ جو اتي ساهه منجهڻ لڳو ته هن مومل ماهوار رسالو شروع ڪيو، ايئن آهي ته ڀيڻ حسينا ساڻس ٻانهه ٻيلي رهي پر عورت لاءِ ٻارن ٻچن جو ڪم ڪار ئي ايترو گهڻو ٿئي ٿو جو ان مان وقت ڪڍڻ ڏکيو بڻجي ٿو پوي. مومل ماهوار مان ڏهاڙي اخبار جو روپ ورتو. جنهن ۾ آزاد پنهنجو مستقبل ٿي ڏٺو ۽ هو شايد پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ اها پلاننگ ڪندو هجي، پر پنهنجي مستقبل کي ڏسڻ واريون اهي سٻاجهيون اکيون وقت کان اڳ ۾ ئي بند ٿي ويون ۽ ايترو اچانڪ بند ٿي ويون جو پتو ئي نه پئجي سگهيو، سندس وفات جي خبر ايتري تڪڙي ۽ بي وقتائتي پهتي جو ان اکين ئي سُن ڪري ڇڏيو، جن مان ڳوڙها به ڳڙي نه سگهيا ۽ جڏهن سندس سار آئي ته اکين مان بوندن بس ٿيڻ جي نه ڪئي.
    سندس گهڻن ئي دوستن جون اکيون اڄ تائين کيس ڳولينديون آهن ۽ جڏهن هو نظر نه ايندو آهي ته اهي اکيون آليون ٿي وينديون آهن، ڪنهن فنڪشن ۾، ڪنهن ميٽنگ ۾ اهو حسين چهرو ۽ ٻاجهاريون اکيون ٻاهر ڏسڻ ۾ نٿيون اچن، ها! هو دلين ۾ محفوظ آهي، سندس سڀاءُ، ملڻ جلڻ گهڻو وقت فل سوٽ ۾ هجڻ، دوستن سان همدردي ڪندڙ رويو سڀ ڪجهه ياد رهندو ۽ ادب ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ الڳ ليک ماهوار رسالو مومل ۽ پوءِ ڏهاڙي اخبار مومل ۽ ايئن هن پنهنجي حصي کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڪم ڪيو، سماجي طور بينڪاريءَ اسان کان هڪ مستقبل جو لاجواب ڪهاڻيڪار کسي ورتو پر ان معرفت هُن الڳ الڳ شعبن ۾ گهڻو ئي ڏنو.
    آزاد جي ادب يا ڪهاڻين تي تفصيل سان لکڻ جي گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن جنهن دور ۾ ڪهاڻيون لکيون ان دور ۾ جيڪي ٻيا ڪهاڻيڪار هئا، انهن جي ڪهاڻين سان سندس ڪهاڻين جو تقابلي جائزو وٺڻ مان سڀاڻي جي ڪهاڻيڪار لاءِ رستو جڙندو ۽ هو پنهنجي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪٿ ڪرڻ ۾ آساني سمجهندو ۽ اسان سڀني لاءِ اهڙي آساني ڀيڻ حسينا آزاد ڪئي آهي جو هن آزاد جون ميسر ٿيل سڀ ڪهاڻيون هڪ خوبصورت ڪتاب ”ڏکيو ڏيهه سندر سپنا“ ۾ سهيڙي ورتيون آهن. هيءُ ڪتاب خود هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي، پر دوست جڏهن هليا وڃن ٿا تڏهن گهڻي ڪمي رهجي وڃي ٿي، جيڪا ڪتابن مان پوري نه ٿي ٿئي.! ايئن آزاد جتوئيءَ جي حوالي سان به آهي، اڄ سندس وڇڙڻ کي ٽي ورهيه گذري ويا آهن پر سچ اهو آهي ته ان سچ کي قبول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! ڪراچي ته ان کي پنهنجي مصروفيت سبب وساري به ويهي پر محرابپور جي ٽالهين جا ڊگها وڻ ۽ سندس اوطاق جي آڏو جهونو بڙ جو وڻ کيس ڪيئن وساريندو، جنهن جي ڇانون ۾ ويهي هو پڙهڻ سکيو ۽ پوءِ لکڻ سکيو! سندس پڙهڻ ته ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي پر سندس لکيل سڀ ڪجهه اسان وٽ امانت طور رهندو، جيڪو سدائين جيئرو رهڻو آهي، تيستائين، جيستائين اسين سڀ آهيون، هيءَ ڌرتي آهي ۽ هيءَ ٻولي آهي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    آزاد جتوئي : مون ونيءَ جو وَرُ

    حسينه آزاد جتوئي

    ماڻهو ناهن موٽندا، ورسيون موٽي اينديون آهن، ۽ سُڪل اکين کي ڌوئي وينديون آهن. مان جيان به پئي، کاوان به پئي، کلان به پئي، روئان به پئي ۽ حضور بخش جا ڏنل پنج ٻار پاليان به پئي. انهن ٻارن ۾ مون کي حضور بخش نظر ايندو آهي. حضوربخش جا يار دوست جڏهن منهنجي گهر ايندا آهن ۽ منهنجن ٻارن سان ملندا آهن ته چوندا آهن؛ ٻار پنهنجي پيءُ جا مهانڊا ڏيندا آهن.
    زندگيءَ جا پنجويهه سال چار مهينا، گڏ گذارياسين. شاديءَ جي سلور جوبلي به ملهائيسين، جنهن کان پوءِ، 26 آگسٽ 2009ع ع تي هو مونکان وڇڙي ويو. ائين ئي اوچتو. اچانڪ الائي ڇا ٿيس. اڄ ڏينهن تائين خبر نه پئجي سگهي.
    سندس زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو هو. هن شايد ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“. هر انسان هن دنيا ۾ مسافر هوندو آهي. هر انسان ٿڪبو به آهي ۽ ٿڪجڻ کان پوءِ ٿڪ ڀڃندو به آهي. شايد ”آزاد“ به ڪڏهن ٿڪ ضرور ڀڃي ها پر جڏهن ٿڪجي ها. مون کيس زندگيءَ جي هل هلان ۾ ڪڏهن به ٿڪل نه ڏٺو. ٿڪل ماڻهوءَ جي منهن تي ايڏيون مسڪراهٽون ڪٿي هونديون آهن؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته هو زندگيءَ جي ڊگهي اڻٿڪ جدوجهد ڪندي، بغير ٿڪجڻ جي ان پار هليو ويندو، جنهن پار کان ڪو موٽندو ناهي. چوندا آهن؛ ”بندي جي من ۾ هڪڙي هوندي آهي پر خدا جي من ۾ ٻي هوندي آهي.“ شايد خدا کي به هڪ سهڻي، کلڻي ۽ ملڻي ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي. شايد جنت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي خدا جا پيارا رهيل هوندا آهن، جن جي ڪچهريءَ ۾ هڪ کلڻي ملڻي ٻهڳڻ ۽ ملنسار ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي، تڏهن خدا جي اک منهنجي پياري وَرَ حضوربخش آزاد جتوئيءَ تي پئي هوندي ۽ کيس گهرائي ورتو هوندائين. ڀٽائيءَ جو بيت آهي:

    اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
    آهي کي اکڙين، عجب پَرَ پسڻ جي.


    سو مان به کليل اکين سان دنيا جهان ڏسي سگهندي آهيان. مومل جو دفتر ڏسي سگهندي آهيان. اها ڪرسي ڏسي سگهندي آهيان، جنهن تي آزاد اچي ويهندو هو ۽ اخبار جو ڪم ڪندو هو. هر شيءِ ڏسي سگهان ٿي، پر جڏهن اکيون پوريندي آهيان ته شاهه چواڻي فقط پرينءَ کي پسي سگهندي آهيان. پوريل اکين سان فقط آزاد ۽ سندس کلندڙ مرڪندڙ چهرو ڏسي سگهندي آهيان.
    جن آزاد جتوئي کي ڏٺو هوندو يا جيڪي ساڻس مليا هوندا تن کي ئي خبر هوندي ته آزاد جتوئي ڪهڙي شخصيت هئي. سندس چهري تي هر وقت مُرڪ هوندي هئي. هو کلڻو ملڻو ڳالهائڻو انسان هيو. هو هڪ پيار ڪندڙ، احساس رکندڙ مڙس به هئو ته پنهنجي ٻچن جو شفيق پيءُ به هو، جنهن کي پنهنجن ٻچن جي مستقبل جو هر وقت اونو هوندو هو. نه فقط آزاد هڪ سٺو پيار ڪندڙ مڙس ۽ سٺو شفيق پيءُ هو، پر هو وڏو قومپرست به هو، بس. نعرا نه هڻندو هو، ڪم ڪندو هو. هو جاکوڙي هو، کاهوڙي هو. هو انسان دوست هو.
    آزاد جتوئي ۴مارچ ۱۹۵۶ع تي هڪ وڏيرڪي ۽ مذهبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو الهه بخش جتوئي هو، سندس ڏاڏو مولوي غلام رسول جتوئي، جيڪو هڪ حڪيم به هو ۽ سندس منظوم خطبا اڄ به سنڌ جي مسجدن ۾ جمعي نماز کان اڳ پڙهيا ويندا آهن. ٽيليويزن جي پروگرام ”رنگ منچ“ ۾ محمد قاسم ماڪا انهن خطبن ۽ مولودن جا حوالا ڏنا آهن. چوڻ جو مقصد آهي ته هڪ وڏيرڪي ۽ مذهبي خاندان سان واسطو رکندڙ، حضور بخش عرف آزاد جتوئيءَ ۾ نه ته ڪو وڏيرڪو غرور هيو ۽ نه مذهبي جنون. هن ۾ سهپ هئي، هن ۾ ڏات هئي، هن ۾ ڏاهپ هئي، هن ۾ پيار هيو، هن ۾ انساني اقدار هيا، هو ليکڪ هو، هن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به لکيو. اهڙي طرح سندس دوستيون به لکندڙن، پڙهندڙ، شاعرن، اديبن ۽ اداڪارن سان هيون. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ به ڇپجنديون رهيون.
    آزاد جتوئي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو به شروعات کان وٺي ميمبر رهيو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، پاڪستان آرٽ ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ مدرسي جهڙي اعليٰ تعليمي اداري جي بورڊ جو به هو اعزازي سيڪريٽري رهيو، جيڪو خود هڪ وڏو اعزاز آهي.
    کيس هڪ بئنڪ ۾ ملازمت ملي، جتي هو پنهنجي لياقت، قابليت، ديانت، محنت ۽ ايمانداريءَ ذريعي وڌندو وڃي هڪ سينئر عهدي تي پهتو. هن ”مومل مئگزين“ جاري ڪئي جنهن کانپوءِ هن سال ۲۰۰۸ع تي ”روزاني مومل اخبار“ کي ميدان ۾ آندو. ”مومل اخبار“ سندس خواب به هو ۽ سندس عشق به هيو. عشق ۽ مُشڪ لڪندا ناهن. هن هڪ بهترين ادارو ٺاهي ڏنو، ڏينهن رات محنت ۽ لڳن ۽ خوشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. اَٺَ مهينا لڳاتار مان به سندس ساٿ ۾ رهيس. سندس خيال هيو ته هن اخبار ذريعي سنڌ ۾ جاڳرتا آڻبي، سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪبو. پر افسوس جو سنڌ جو هي ”راڻو“، ”مومل“ کي ماڻي نه سگهيو.
    مان پنهنجي وسان بس انهيءَ ڪوشش ۾ مصروف آهيان ته ”مومل“ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هلندي رهي. بند نه ٿي وڃي، مان آزاد جتوئي جي ”مومل“ کي بند ٿيندي ڏسي نه ٿي سگهان. انهيءَ سلسلي ۾ آزاد جي دوستن ۽ گهڻ-گُهرن کي به عرض آهي ته اهي مومل کي بند ٿيڻ کان بچائي وٺن. سرڪاري دفترن ۾ ويٺل، ڪلچر کاتو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي جيڪو جتي به آهي، اهي ”مومل“ جي ادبي، اخلاقي ۽ مالياتي مدد ڪن. مان جڏهن مالياتي مدد جي ڳالهه ٿي ڪريان ته ان جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ڪو پنهنجي کيسي مان ”مومل“ جي مدد ڪري، بلڪ ان جو مقصد اهو آهي ته ادارا مومل کي اشتهار ڏيندا رهن جيڪي ٻين اخبارن ۽ رسالن کي ملي رهيا آهن ته جيئن ”روزاني مومل“ نه فقط هلندي رهي پر اڳتي به وڌندي هلي. جيئن آزاد جتوئي جو ٻاريل هي ڏيئو روشني پکيڙيندو رهي.

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي ، الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو