محمد خان سيال
سينيئر رڪن
پارليامينٽ جي سياست کان پري رکندڙ سياسي ليڊرن ۾ دور انديشي بنهه ڪونه هئي، جتوڻيڪ مان انهن جي حب الوطنيءَ کي چيلينج ڪونه ٿو ڪريان...هنن اهو ڪونه سوچيوهوندو ته پارليامينٽ جي سياست کان پري رهڻ جو مطلب ڌارين کي قانوني طور ميدان خالي ڪري ڏيڻ آهي جيڪي اليڪشنون وڙهي، پنهنجن حقن جو قانوني طور تحفظ ڪن ٿا ـ پارليامينٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ قومپرستن جا جا ٻه ـ چار ميمبر ڳالهائڻ وارا هجن ته جيڪر پارليامينٽ کي لوڏي ڇڏن ها ـ ڀلا ٻيو نه ته چونڊيل نمائندن جو آواز ته ساري دنيا ۾ ٻڌو ويندو آهي ـ
مون ڪيترا ڀيرا سنڌي قومپرستن کان سوال ڪيو هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جا ميمبر سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نه هجن ها ته ڇا ايم ڪيو ايم جي ايڏي وڏي اهميت رهي ها پر افسوس ته انهن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو؟ شايد وٽن انهيءَ سوال جو جواب ڪونه هوندوـ