سنڌ جي ٻيجل صادق فقير تي لکيل ڪجهه منهنجون سٽون،

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ لالچند پارواڻي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2015۔

  1. لالچند پارواڻي

    لالچند پارواڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سماجي ادارن ۾ ڪم ڪندو آهيان
    ماڳ:
    مارئي جي مُلڪ ملير يعني ٿر جو رهواسي آهيان
    [​IMG]

    لالچند پارواڻي مٺي

    سنڌ جي ٻيجل تي هڪ نظر

    [​IMG]
    هونئن تہ تاريخ اهڙن کوڙ نالن سان ڀري پئي آهي، جيڪي پنهنجي سونهن، سچائي، سڪ ۽ سپوتائي ۾ امر ٿي ويا، پر سنڌ جي ٻيجل، سنڌ جي سرويچ، سنڌ جي سپوت ۽ سنڌ جي سريلي آواز صادق فقير جو نالوانهن ورقن جو نصيب ٿي چڪو آهي جيڪي ورق شايد ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿين. اهڙو ڪو ورلي هوندو جيڪو پنهنجو نالو اهڙن ورقن جي ور ڪري وڃي. صادق سچ پچ تہ صادق هو، هُو رڳو نالي جو صادق نہ پر حقيقت ۾ صادق هو جنهن جو ثبوت 5 مارچ جو ڏينهن آهي. جنهن ڏينهن تي مٺي شهر هزارين چهرن جي هوندي بہ ويران پي لڳو. لڙڪن جو اجھاڳ سمنڊ اٿلي پيو.سڏڪا صادق جون ساروڻيون ساري ساه ساه ۾ صادق هئڻ جي ثبوتي ڏيئي رهيا هئا، ماڻهن جون نگاهون صرف هڪ چهري کي ڏسڻ لاءِ بيتاب هيون، ڪنهن نہ ڄاتو هو تہ 5 مارچ، جنهن ڏينهن تي هندن جو مذهبي ڏڻ هولي جيڪو خوب خوشين ۽ رنگن جو ڏينهن آهي، هر گهر رنگ برنگي رنگن سان رنگيل هوندو آهي، ان ڏينهن تي ڪنهن جو جنازو هزارن جي ڪنڌن تي هوندو ۽ لڙڪ لارون ٿي لڙندا، شايد ڪوئي خدا ٿيء ان جو انومان لڳائي ٿي سگھيو. صادق هند سنڌ کان وٺي سڄي ڄڳ ۾ مشهور هو، هن جھڙو البيلو آواز شايد ئي ڪنهن جو هُجي. هن نہ صرف پاڪستان ۾ پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مڃتا ماڻي ۽ ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. ڏيپلي شهر ۾ جنم وٺندڙ صادق هڪ قداورانہ پيشي سان وابستہ هو جنهن کي اسان جي معاشري ۾ تمام گھڻي عزت واري نگاهہ سان ڏٺو وڃي ٿو. هڪ استاد هئڻ سان گڏوگڏ سدائين پيو جھومندو هو. لکڻ، پڙهڻ، ڳائڻ ۽ جھومڻ هن جا فن هئا. هن پنهنجي مختصر بلڪہ سڄي زندگي ڳائڻ ۽ پڙهائڻ کي ارپي ڇڏي. جتي بہ محفل هوندي هئي، پوءِ اها مذهبي، سياسي يا سماجي ڇو نہ هجي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ساڻ هوندا هئا. هن ڳائڻ دوران ڪلاسيڪل راڳ کي وڌيڪ اهميت ڏني. هن ڪبير جا ڀڄن بہ ڳايا تہ شيخ اياز ۽ شاهہ عبدالطيف جون وايون بہ ڳايون. هر ٻولي کي پنهنجي ٻولي سمجھي، نرم ۽ نازڪ انداز ۾ صاف ائين چٽو ڪري ڳايو. شاهہ عبدالطيف کان وٺي شيخ اياز، آڪاش انصاري، ادل سومري ۽ اياز گُل جا گيت سندس راڳ جو حصو رهيا. هن سنڌ جي درد کي ڳايو، سنڌ جي سونهن کي ڳايو، سنڌ جي سڀيتا کي ڳايو تہ سنڌ جي مان ۽ شان کي ڳايو ۽ سچ پچ تہ صادق ٿي ڳايو. اهي ٿر جون ڀٽون هجن يا سنڌ جا روڊ رستا سندس هر شيءِ نظرن جو حصو رهي. اهي روڊ ۽ رستا مٺي جون گليون اڄ بہ آسائتيون آهن ان چهري لاءِ جو بنا موڪلائڻ جي الائجي تہ ڪهڙي پار هليو ويو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪير بہ ناهي موٽيو. صادق تو کي ايئن وڃڻو تہ ڪون هو پر الائجي ڪهڙي سڪ لڳي هن پار جي جو بنا موڪلائڻ جي ڪيڏو نہ ڏور هليو ويو آهين، تون معياري آهين هن ديس جو، تون معياري آهين هن ديس جي غريب ماروئڙن جو، جيڪي تو کي هر ساهہ ۾ سڏڪا ڀري ساري رهيا آهن، هنن جون معيارون تون لاهين تہ بہ نہ لاهي سگھين جو بنا لڇڻ ۽ ڪڇڻ جي سمهي پيو آهين. تنهنجا ناز ۽ نخرا سُر ۽ ساز شايد ئي هنن کان وسري سگھن. هن غريب ديس جي ماروئڙن جي درد کي تو پنهنجو درد سمجھي ڳايو ۽ اڄ اهڙو تہ درد ڏيئي هليو وئين جو هر اک آلي ۽ هر ساهہ سڏڪو آهي. پنهنجا تہ ائين ناهن ڪندا پر تون پنهنجو ٿي ايئن ڪري وئين مناسب نہ هو. ماڻهو تہ مڪي مان هج ڪري موٽندا آهن پر تون تہ اتان خدا ٿي موٽئين، ايڏي طويل سفر کي ڪين پل کن ۾ ختم ڪري ڇڏيو، تون تہ مڪي هج لاءِ ويو هئين پر تو تہ مٺي کي مڪو ڪري هزارن جو هج ڪرائي ڇڏيو، اهڙو صادق نڪتين ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو. تنهنجي لاءِ ٺهيل گيت اڄ تنهنجي آواز لاءِ منتظر آهن اهڙو ڪو آواز ئي ڪونهي جو تنهنجي انداز کي پورو ڪري سگھي، تنهنجو تہ آواز بي انداز هو، جنهن آواز ۾ تو ڳايو ان آواز لاءِ سڄي سنڌ اڄ اداس آهي، هي اونهاري جا طويل ڏينهن ائين ننڍيون راتيون اڄ بہ ان آواز جا منتظر آهن جنهن ۾ تنهنجا ڏنل ڏوهيڙا، هر ٿل ائين مصرع تي تنهنجو جھومڻ، خال ڀرجڻ تہ ڏکيو آهي پرخدا قوت ڏي انهن قدردانن کي جيڪي تنهنجي ڇڏيل قدرن، ڪاوشن ۽ ڪوششن کي سجائي رهيا آهن، انهن قدرن ۾ تنهنجو ڇڏيل ڪونڌر راحت فقير، جنهن لاءِ اڄ هر ماڻهو پراميد آهي، وقت گذري ويندو ۽ تون واپس اچي ويندين ۽ هي سنڌ وري بہ هڪ جھلڪ تي جھومي اٿندي. دنيا تہ هوئن بہ راڳ جي محتاج آهي، ساز ۽ سرن جي محتاج آهي اهو ئي هڪ اهڙو فن آهي جنهن سان روح کي راحت ملي ٿي ۽ ماڻهو پرسڪون ٿئي ٿو، ڪيڏا بہ وڏا ڪشالا ڇو نہ هجن معياري موسيقي ماڻهو کي موهت ڪري ڇڏيندي آهي. اڄ ڪلهہ جي ڊسڪو، بي ڊولا ۽ بي سودا ساز، جنهن مان بنا ڪنهن مطلب جي ماڻهو نچڻ لڳندا آهن اتي ڪلاسيڪل ۽ پراڻي راڳ کي ڀلا ڪو وساري سگھي. وقت سان گڏوڏ تبديليون ضروري هونديون آهن ۽ تبديلي سان ئي انسان ترقي ڪندو آهي، پر ان ۾ بہ ڪو شڪ ناهي تہ اصل ۽ نقل بہ دنيا جو حصو رهيا آهن. مصر جي قديم آثارن کان وٺي، موئن جي دڙي جي ماڻهن تائين، هر صدي ۽ قبل مسيح ۾ راڳ زندگي جو حصو رهيو آهي، پوءِ اها ڪاٺ جيءِ لڪڙي تي هٿ هلائي ڳايو ويو هُجي يا گٽار کي تارن جي ترتيب ڏيئي، راڳ تہ بس راڳ آهي رڳو ڳائڻ وارو ڪو صادق ٿئي. ٿر جھڙي بيابان ۾ ماڻهو اڄ بہ وڏي چاهہ سان تنبوري جو استعمال ڪندا آهن، هنن جي ٽيڪنالاجي اُها ئي آهي جيڪا شاهہ لطيف ايجاد ڪئي، هنن جو آواز اهو ئي آهي جيڪو صادق ڳايو. جتي دنيا آءِ پيڊ، ليپ ٽاپ ۽ ٽچ اسڪرين تي پهتي آهي اتي ٿر جو مارُو ماڻهو اڄ بہ چنگ چورڻ، بانسري وڄائڻ ۽ مال چاريندي ڳائي رهيو آهي، هنن جو جيڪسن ۽ جڳجيت صادق ئي رهيو آهي. صادق شايد جنم ئي ان لاءِ ورتو هو تہ هُو ٿر جي مارئُي کي ڳائي، ٿر جي ڀلارُي ڀُون ۽ برپٽ بيابان کي ڳائي، ٿر جي بک ۽ بدحالي کي ڳائي. هن ويران ۽ بکي بيابان ۾ جتي هر روز ڪنهن نہ ڪنهن ماءُ جي جهولي ڪنهن لال ڪونڌر کان خالي ٿيندي آهي اتي صادق جو وڇڙڻ هنن لاءِ هزارين ڪونڌرن جي وڇڙڻ جي برابر آهي. هُو صرف راڳ نہ هو، هُن ديس جو ديوانو، هن ڀوُن جو بادشاهہ ۽ مٽي جو مان هو. اڄ اها مٽي هُن جي مڌُر آواز لاءِ تڙپي رهي آهي. ڪارونجهر کان ڪينجهر، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هر ماڻهو جي روح تي هن جو راڄ هو، شايد اهڙو ڪوئي بدنصيب هُجي جنهن جي ڪنن تائين صادق جو آواز نہ پهتو هُجي. هن جي وڇڙڻ کان پوءِ مٺي ۾ ڪا محفل ناهي ٿي سگھي، ائين لڳي ٿو ڄڻ ماڻهن جون مرڪون هن جي جنازي سان گڏ دفنائجي ويون هُجن. مٺي شهر هزارين چهرن جي هوندي بہ الائجي ڇو موئن جي دڙي وانگر ويران ۽ سنسان لڳي رهيو آهي. هڪ هن جي لحد ئي قسمت واري آهي جنهن ۾ بي جان جسم هوندي جاندار پئي لڳي. ٿر تہ هونئن بہ گلابي گلن کان وانجهيل آهي پر هڪ ئي اهڙو گل هو جيڪو سڄي بيابان کي سونهن رسائي رهيو هو اُهو بہ مرجهائجي ويو سندس خوشبو اڄ بہ مٺي جي ان ماڻهو مان اچي رهي آهي جيڪو سندس بي انداز محبت ڪندو هو. گڍي جي گوڌ ۾ سندس مبارڪ هٿن سان پوکيل باغ اڄ ويران لڳي رهيو آهي جتي هن زندگي جون چند بهارون گذاريون هيون، اهي گهٽيون ۽ رستا کائڻ ٿا اچن جتان صادق جو اچڻ ۽ وڃڻ روز جو معمول هوندو هو، بس اڄ انهن گهٽين ۽ رستن تي رڳو ويرانگي ڇانيل آهي.سنڌ جي سريلي شاعر شيخ اياز ڪيڏو نہ سچ چيو آهي...

    موت جڏهن مهمان ٿئي ٿو،

    ڪوئي نہ هن کي ڪيئن نہ ٽاري.....
     
  2. لالچند پارواڻي

    لالچند پارواڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سماجي ادارن ۾ ڪم ڪندو آهيان
    ماڳ:
    مارئي جي مُلڪ ملير يعني ٿر جو رهواسي آهيان
    سائين صادق فقير منهنجو ڇهين ڪلاس کان وٺي ڏهين تائين استاد ٿي رهيو آهي، سندس هر هنڌ، هر محفل ۾ هن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جگه عطا فرمائي.
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان

هن صفحي کي مشهور ڪريو