ليکڪ: آسڪر وائلڊ مترجم ۽ موڪليندڙ: حبيب سنائي ٻار جڏهن پيشين جو اسڪول مان ورندا هُئا، ته ڏهاڙي رستي واري باغ ۾ اچي کيڏندا هئا. ان باغ جو مالڪ اهو ديو هو. اهو باغ ڪافي وڏو ۽ وڻندڙ هو. سڄو پٽ سائي ڇٻر سان جھنجھيو پيو هوندو هو. گلن وارا ٻوٽا ڪافي تعداد ۾ هئا. انهن ۾ گل ستارن جيان کڙيل هُئا. باغ ۾ 12 کن شفتالو وڻ هئا، جن ۾ بهار جي مند ۾ گلابي ۽ رتن ٻور نسريو ٿي، ۽ سرءَ ۾ انهيءَ ٻور ميوي جي صورت اختيار ٿي ڪئي. وڻن تي ويٺل پکي ايترا ته سريلا گيت ڳائيندا هئا، جو ٻارڙا راند روڪي، خاموش ٿي اهي ٻڌندا هئا. ”اسان ڪيترو نه مزي ۾ آهيون!“ هو هڪٻئي کي وڏي واڪ چوندا هئا. اوچتو هڪڙي ڏينهن باغ جو مالڪ ديو موٽي آيو. هو پنهنجي دوست ڪارنش راڪاس وٽ گھمڻ ويو هو. اتي هو ست سال رهي پيو. جڏهن ست سال پورا ٿيا، تڏهن وڃي هنن جو خبرون چارون پوريون ٿيون. ان بعد هن همراهه واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو. هو جڏهن باغ ۾ داخل ٿيو ته سندس نظر ٻارن تي پئي. ” اوهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“ هن انتهائي ڪڙڪ ۽ کهري لهجي ۾ دانهيندي چيو. اهو ٻڌي ٻار وٺي ڀڳا. ”هيءُ منهنجو باغ آهي“ ديو چيو، ”هرهڪ کي اهو سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته آئون ڪنهنکي به هت راند کيڏڻ نه ڏيندس.“ ان کان پوءِ هن باغ جي چوگرد هڪ وڏي ڀت ٺاهي ورتي ۽ ان جي ٻاهران هيٺيون چتائيندڙ اعلان بورڊ تي لکرائي لڳائي ڇڏيو. ٽپي ايندڙن کي سخت سزا ملندي. اهو ديو اصل ۾ خود غرض ديو هو. هاڻي غريب ٻارن لاءِ راند روند ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ نه بچي هئي. هنن روڊ تي کيڏڻ شروع ڪيو، پر هڪ ته اتي مٽي هُئي، ۽ ٻيو ته سخت پٿر به اتي ڦهليا پيا هئا. کين اتي اهو باغ وارو مزو نه ٿي آيو. جڏهن سندن ڪلاس ختم ٿيندا هئا، ته هو اچي باغ جي ڀت جي چوڌاري ڦيرا پائيندا هئا، ۽ اندرئين عاليشان باغ متعلق ڳالهيون ڪندا هئا. ” اسان باغ ۾ کيڏي ڪيڏو نه خوش ٿيندا هئاسون.“ هو هڪٻئي کي پيا چوندا هئا. بهار به اچي چڪو هو، پر ملڪ جي وڻن ۾ نه رڳو ٻور، پر پکي پکڻ به گھٽ ٿي نظر آيا. هيڏانهن انهيءَ خود غرض ديو جي باغ ۾ اڃا توڻي سرديءَ جي حڪمراني هئي. پکين لاتيون نٿي لنويون، ڇو ته ٻار موجود نه هئا، ۽ وڻن به ٻور نه جھليو هو. هڪ ڀيرو ڀلجي هڪڙي وڻندڙ گل گاهه مان منهن ڪڍيو، پر جڏهن سندس نظر مذڪوره بورڊ تي پيئي ته هو ٻارن جي ڏک ۾ وٺجي ويو، ۽ واپس گاهه ۾ پاڻ ڇپائي ڇڏيائين. اهڙي ماحول ۾ رڳو برف ۽ پارو سُرها هئا. ” بهار هن باغ کي وساري ڇڏيو آهي.“ هنن چيو، ”اسان هاڻي هتي سڄو سال پيا موجون ماڻينداسون.“ برف گاهن کي پنهنجي وجود هيٺ دٻائي ڇڏيو، ۽ پاري وڻن کي چاندي رنگ ڏئي ڇڏيو. ان بعد انهن اتر واري طوفاني هوا کي پاڻ وٽ اچي رهڻ جي ڪوٺ ڏيئي گھرايو. ان کي پشم پهريل هئي. هوءَ سڄو ڏينهن گجگوڙ لڳايو ويٺي هوندي هئي. ”هيءَ واقعي به خوشگوار جاءِ آهي.“ ان چيو،” اسان کي ڳڙي واري مينهن کي به هتي دعوتڻ گھرجي.“ ائين اهو حضرت به اچي وارد ٿيو. هو روزانو ساندهه ٽي ڪلاڪ کن پيو قلعي جي ڇت تي ڪڙڪندو هو. آخرڪار ان ۾ سير وجھي ڇڏيائين. ان بعد هو باغ ۾ تڪڙا تڪڙا ڦيرا پيو پائيندو هو. سندس لباس خاڪي ۽ سندس ساهه برف وانگيان هو. ”سمجھ ۾ نٿو اچي ته هن ڀيري ڇو بهار اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟“ خود غرض ديو دريءَ وٽ بيهي ٻاهر سفيد ۽ يخ باغ کي تڪيندي چون لڳو، ”اميد ته جلد موسم مٽبي.“ پر نڪي بهار آيو ۽ نه ئي اونهاري پنهنجو ديدار ڪرايو. سرءُ واري موسم ۾ ٻين باغن ۾ ته ميوات پيدا ٿي، پر هن باغ ۾ ميون جو نالو نشان نه هو. ” هيءُ خود غرض آهي.“ سرءَ پئي چيو، “انڪري سندس باغ ۾ هميشه سيارو غالب رهندو.“ ٻئي پاسي اتر واري هوا، ڳڙي وارو مينهن، پارو ۽ برف وڻن ٽڻن ۾ نچندا ڪڏندا رهيا. هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو، جو اهو ديو صبح کان بستري ۾ ليٽيو جاڳي رهيو هو. اوچتو هن ڪجھ وڻندڙ موسيقي وڄندي ٻڌي. کيس اها ايترو ته وڻي، جو هن ائين سمجھيو ته بادشاهه جا درٻاري موسيقار هتان گذرندي واڄٽ وڄائي رهيا آهن. پر حقيقت ۾ هڪڙو ننڍڙو پکي سندس دريءَ ڀر ۾ جھونگاري رهيو هو. پر جيئن ته هن ورهين کان ڪنهن پکي کي ڳائيندي نه ٻڌو هو، سو هن انهيءَ جھونگار کي دنيا جي عظيم ترين موسيقي ڪري ڀانيو. هوڏانهن ڳڙي پنهنجو ناچ بند ڪيو ۽ اتر واري هوا گجگوڙ روڪي ڇڏي ۽ کليل ڳڙکيءَ مان مسحور ڪندڙ خوشبو لنگھي آئي. ”ڀانيان ٿو ته نيٺ بهار اچي ويو آهي.“ ديو ڀڻڪيو ۽ ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. ۽ دريءَ مان ٻاهر نگاهه وڌي. پر هن ڇا ڏٺو. هن ڏاڍو عجيب نظارو پسيو. ڀت جي ڪنهن سوراخ مان ٻارڙا داخل ٿيا هئا. ۽ اهي وڻن جي ٿڙن تي ويٺل هئا. جيڪو به وڻ کيس نظر آيو، ان تي ڪونه ڪو ٻار ويٺل هو. وڻ ٻارن کي پاڻ وٽ ڏسي ڪري گد گد پئي ٿيا، ۽ پاڻ کي ٻور سان جھنجھي ڇڏيو هئائون ۽ ڏاڍي پاٻوهه سان پنهنجو ٻانهون ٻارن مٿان لوڏي رهيا هئا. پکي پکڻ به اڏامندا ۽ ترنگ ۾ چون چون لايو ويٺا هئا. گل ڦل به گاهه منجھان نسري ويا هئا ۽ مسڪرائي رهيا هئا. اهو نظارو ڏاڍو دل لڀائيندڙ هو. صرف هڪڙي ڪنڊ ۾ اڃان به سياري وارو ڏيکاءُ هو. باغ جي پرئين ڇيڙي تي هڪ ٻار بيٺو هو. هو وڻ جي ٿڙ تائين نه پئي پهتو، سو رڙ مٿان رڙ لايو بيٺو هو. اهو وڻ برف ۽ پاري سان ڍڪيل هو. ۽ اتر واري هوا مٿائنس گجي رهي هئي. ” ننڍڙا چڙهي وٺ.“ وڻ پئي چيو ۽ هن پنهنجون لامون به هيٺ ڪافي نمايون، پر اهو ٻالڪ ايترو ته ننڍو هو، جو اڃان به چڙهڻ کان قاصر هو. اهو سڀڪجھ ڏسي ديو جي دل کي جھوٻو آيو. ”آئون ڪيترو نه خود غرض آهيان.“ هن چيو. ” هاڻي پتو پيو اٿم ته هتي بهار ڇو نه پئي آيو. آئون ٻار کي وڻ جي چوٽيءَ تي چاڙهيندس. پوءِ وري اها ڀت ڀڃندس. اڄ کان منهنجو باغ ٻارن جي راند روند لاءِ وقف رهندو.“ کيس پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ اچي ٿيو. هو هيٺ لهي آيو ۽ مهاڙ واري در کي هن آهستگيءَ سان کوليو ۽ باغ ۾ نڪري پيو. ٻارن جي جڏهن هن تي نظر پئي ته هو هراسجي وٺي ڀڳا. ان سمي ئي باغ ۾ وري سياري جي موج ٿي ويئي. البت اهو ننڍو نينگر نه ڀڳو هو. هنن جي اکين ۾ لڙڪ ايترا ته ڀريل هئا، جو هن ديو کي پاڻ وٽ ايندي نه ڏٺو. ديو هن جي پويان اچي بيٺو. ٻار کي نرمائي سان هٿن ۾ کڻي وڻ تي چاڙهيائين. هڪدم وڻ ٻورجي ويو ۽ پکي پکڻ اچي هتي لنوڻ لڳا. ننڍڙي ٻار پنهنجيون ٻانهون ڦهلائي، ديو جي ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون ۽ ديو کي هڪ پيار ڀري مٺي ڏني. هوڏانهن ٻين ٻارن اهو نظارو پئي ڏٺو. کين لڳو ته ديو هن ڀيري سخت گير نه آهي. هو ڀڄندا واپس آيا. هنن جي اچڻ سان بهار به باغ ۾ واسو ڪيو. ”هيءُ باغ هاڻي اوهان جو آهي.“ ديو چيو ۽ هو ڀت ڊاهڻ ۾ جنبي ويو. ۽ جڏهن ماڻهو منجھد ويل مارڪيٽ ويندي هتان لانگھائو ٿيا ته کين اهو نظر آيو ته انتهائي پياري باغ ۾ ٻارڙا ديو سان کيڏي ڪڏي رهيا هئا. هو سڄو ڏهاڙو کيڏندا رهيا، شام ٿيندي ئي هو ديو کان موڪلائڻ آيا. ” پر ٻيلي اوهان جو اهو ننڍڙو ساٿي ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو، ” جنهن کي مون وڻ تي چاڙهيو هو.“ اهو ٻالڪ ديو کي انڪري زياده عزيز هو، جو ان کيس چميو هو. ”چاچا اسان کي هن جي خبر نه آهي.“ ٻارن وراڻيو، ”سمجھون ٿا ته هو اڳي ئي هتان وڃي چڪو آهي.“ ”چڱو ڀلا اوهان انکي چئجائو ته هو خوش رهي ۽ سڀاڻي به هت اچي.“ ديو چيو. پر ٻارن کيس ٻڌايو ته کين ان ٻار متعلق ڪا وڌيڪ ڄاڻ ڪونهي، ڇو ته پهريائين ان کي هنن نه ڏٺو هو. ديو اهو ٻڌي غمگين ٿي ويو. ان کان پوءِ جڏهن پيشين جو اسڪول بند ٿيندا هئا، ته ٻار سڌو باغ ۾ ايندا هئا، ۽ کيڏڻ ۾ مگن ٿي ويندا هئا. پر اهو ننڍو نينگر، جنهن لاءِ ديو کي اڪير هئي، وري نظر نه آيو. بهرحال ديو هاڻي ٻين ٻارن سان قربائتي نموني پيش ايندو هو. پوءِ به منجھس پنهنجي پهرئين ننڍڙي سنگيءَ لاءِ تانگھ زندهه رهي، ۽ هو ان متعلق پيو ڳالهائيندو هو. ” الائي آئون وري ان ٻار کي ڏسي سگھندس ڪي نه؟“ ائين سال گذرندا رهيا ۽ ديو اچي پوڙهو ۽ نٻل ٿيو. هو هاڻي ٻارن سان کيڏي نٿي سگھيو. سو هيءُ ڪرسيءَ تي ويهي ٻارڙن کي کيڏندي ڏسندو هو ۽ ور ور پيو باغ کي ساراهيندو هو. ”مون وٽ ڏاڍا عاليشان گلڙا آهن.“ هن چيو،“ پر ٻارڙا سڀ کان نيارا ۽ دلپزير گلڙا آهن.“ هڪڙي سياري واري صبح جو، هن ڪپڙا پهريندي ٻاهر ڏٺو ۽ ڏسندو رهجي ويو. اهو واقعي به اچرج جھڙو ڏيک هو. باغ جي پرانهين ڪنڊ ۾ هڪڙو وڻ سفيد ٻور سان جھنجھيل هو. ان جو شاخون سونيون ۽ منجھان چانديءَ جھڙو ميوو لڏي رهيو هو. ان وڻ هيٺيان اهو ٻارڙو، جنهن کي هن سدائين پئي ساريو، بيٺل هو. هو تڪڙو هيٺ لهي آيو ۽ باغ ڏي وڌڻ لڳو. هو جلديءَ ۾ ٻار وٽ پهچي ويو. ويجھو ٿيندي ئي هن جو چهرو ڪاوڙ ۾ سرخ ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو. ”ڪهڙي درندي توکي گھائيو آهي؟“ ٻار جي هٿ ترين توڙي پيرن تي ننهن جا نشان هئا. ” ڪهڙي ڪاسائي توکي ايذايو آهي؟“ هن دانهن ڪئي. ”ٻڌاءِ ته مان ان جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪريان.“ ” نه، هي ته پيار جا زخم آهن.“ ”تون پٽڙا ڪير آهين.“ ديو چيو ۽ هو عجيب ڏيا ۾ وٺجي ويو ۽ ٻار آڏو جھڪي ويٺو. ٻار هن کي ڏسي مسڪرايو ۽ چوڻ لڳو. “ توهان هڪ ڀيري مون کي پنهنجي باغ ۾ کيڏڻ ڏنو هو ۽ اڄ توهان مون ساڻ منهنجي باغ ۾ هلندا، جنهن کي جنت الفردوس سڏيو وڃي ٿو.“ جڏهن پيشين جو ٻار ڊوڙاندا آيا ته انهن ڏٺو ته ديو وڻ هيٺان ستو پيو هو، ۽ سڄو سفيد ٻور سان ڍڪيل هو. وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان