• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪري قتلام ڪونڌر هو ....

ڪري قتلام ڪونڌر هو
_______________________
اهو ملعون موزي ٿيو سهڻي سنڌ خاري ٿو
ڪري قتلام ڪونڌر هو زهر جا ڍڪ پياري ٿو
بهائن ۾ وڪاميو ڪو لالچ لوڀ ۾ ٿيو ڪو
سنڌ کي سور ڏي ٿو ڪو، ڪو جيجل جان واري ٿو
ڪو ڪانئير ۽ ڪوڙو آ سنڌ منهنجي کي ڏک ڏيندڙ
ڪو ڀائر ڀونءِ جو بهتر اچي ڪو سک اچاري ٿو
وڪامي ويا ڪئي ڪوڙا منهنجي ديس دوکي لئه
سچو ۽ هو حلالي پٽ اڃا سنڌ کي سنواري ٿو
هو هندستان کان هليو بکيو۽ انگ اگهاڙو هو
نه ڪا تهذيب جنهن وٽ هئي اهو اکيون ڏکاري ٿو

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top