منهنجي سنڌ جا سور

منهنجي سنڌ جا سور

______________________

جيجل سنڌ منهنجي هي سنڌين کي پڪاري ٿي

وئي ٿي ڏک ڏهاڳن ۾ هنجو هر روز هاري ٿي ....

اچي ڪو ڏينهن اهڙو ڀي آسودو ديس واسي ٿي

سکيو ٿي سنڌي ماڻهو هت سڪ ۾ هيءَساري ٿي...

اٿو دودا اٿو دوله ،ديس جو داد ڪيو ڪوئي

هجي آجي غيرن کان ،سڪ ۾ هيءَ سنڀاري ٿي ...

اسان جي ديس ۾ دشمن گهري آيو آ حرفت سان

ڀڄايو يار ويريءَ کي سنڌ سنڌڙي پڪاري ٿي ....

وٺي حيرت ٿي هر هڪ کي اميري ۾ غريبي آ

وسيلا غير جي هٿ ۾ جيجل سڪرات گهاري ٿي ....

سنڌ ۾ غير سنڌي ڇو وطن منهنجي ۾ ويري ڇو

پڇي ٿو ٻار ۽ پوڙهو جنهن کي جيءَ جياري ٿي ...


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top