گورڪن

'ڪهاڻيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ليکڪ: نورالهدى شاه موڪليندڙ: ديدارعلي ڌاريجو

    نما شام جو هوريان ٻڏندڙ پاڇولا ،ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا _هن جي اونداهين ڀاڳ سمان رات جون انداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون _قبرستان ۾ واءُ جا سڏڪا ،وڻن جي جھومندڙ پنن جي سر سر ، موت جي آنت سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون _اهو سڀ ڪجھه ڀانءِ هن تي موت جي پڇاڙي پل وانگر اڏول ٿيو بيٺو هو _ ۽ هو هيڪلو ان سمو ري وايو منڊل ۾ نم ، جي وڻ هيٺ ، ڪنڌ نوايون ائين بيٺو هو ڀانءِ جڳن کان پنهنجي اونداهين ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي _موت پير ان سنسان وايو منڊل ۾ ،هن جو ڀڳل وجود ، ويتر ئي ڀايسو _ هن جي سٿياڻي ،هن جي ڪو ڏر رکيل هئي هن وانگر اداس ۽ ٿڪل ٿڪل (ڪم از ڪم هن ته ائين محسوس ڪيو هو).

    ان قبرستان ۾ هو تڏهن کان گورڪن هو ، جڏهن هن جي چهري تي ڏاڙهي جي ساوڪ مس .ٿي هئي ۽ اڄ هن جي مٿي ۽ڏارهي جا وار اڌ اڇا هئا ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾،زندگيءَ کان چڄي انسانن کي دفنائي پيٽ پوجا ڪر ڻ هن جو اباڻو ڪم هو _هن جو پيءُ هن جو ڏاڏو ۽ شايد پر ڏاڏو به اهو ئي ڪم ڪندا هئا _ موت زندگي ءَ ،تربتون ويرانيون ، دنيا کان ڇڄي ويل هيڪلا انسان ، اهو ڪجھه زندگي جو اڌ ڀاسندو هئس .۽ هنئير هي ٻه ڏينهن اهڙا گذريا هئا جو هن جي گهر جي چلهه نه دکي هئي .بک موت وانگر پر پکڙيون بيٺي هئي _انهن ٻن ڏينهن کان هو ڪنهن هارايل جواري سمان گهر موٽندو رهيو هو. انهن ٻن ڏينهن کان هن جي ڪوڏر به ادا س هئي _هن جي ٻارن جي اکين ۾ بک جو واسو هو جوڻس جي چهري تي پيڙائن جو هجوم هو انهن ٻن ڏينهن کان موت نه ڄاڳيو هو _ ان شهر ۾ ڪنهن جي به زندگيءَ جي تند نه ٽٽي هئي ، هو لاڳيتو سوچي رهيو هو جت روز انيڪ انسانن جا سمورا لاڳا پا دنيا کان ڌار ٿي ويندا آهن اتي ٻن ڏينهن کان سڀئي جيئرا آهن _ ان شهر ۾ ٻيو قبرستان به ته ڪونهي _ٻن ڏينهن کان هو جڏهن خالي هٿين گهر موٽندو هو ته هن جي ٻارن جا چهرا ، هن کي ڏسي ، تيل کان محروم ڏيئي وانگر اجھا مي ويندا هئا _رات هن جو ننڍو پٽ بک وگھي ، آ ڌي رات تائين روندو رهيو هن کي ماٺ ڪرائيندي ڪرائيندي جوڻس به سڏڪي پئي هئي.

    انهن سمورن سوچن کئينس ساڻو ڪري ڇڏيو هو _ هن هڪ ڀيرو پو سرندڙ ا کين سان ، سموري قبرستان تي نهار ڪئي ۽ ڪنڌ نوائي اٿي بيهي رهيو _ ڪوڏر ڪلهي تي رکي _ هو ٿاٻڙجندو وکون کڙ ڻدو قبرستان مان نڪر آيو _ ٻاهر اچي هن هڪ ڀيرو ، ڪنڏ ورائي ،پويان دور دور تائين پکڙيل قبرستان نهاريو هن کي ائين ڀاسيو ڀانءِ انيڪ مردهه ، تربتن مان نڪري اڇي ڪفن ۾ موت جو رقص ڪري رهيا هجن ، ٽهڪ ڏئي رهيا هجن گھٻرائجي هو تکيون وکون کڻندو ،قبرستان کان دور نڪري آيو .

    هو جڏهن گھر آڏو پهتو ته پل اپل لاءِ خيال آيس ٻاهران ئي موٽي وڄڻ جو _ سوچيائين ٻيهر قبرستان وڃان ، ڪهڙي خبر ته اڄ رات ڪنهن جي زندگيءَ جي لاٽ اجھا مي وڃي _ پوءِ خيال آيس ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو کيئنس سڏي وٺندا _ تڏهن هٻڪندو ،در تي لٽڪندڙ ڳوڻ جو ڦاٽل پردو مٿي کڻي هو گھر جي اڱڻ ۾ هليو آيو _ لالٽين جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾، جوڻس چوواٽي تي لٽي ويل ڪنواري ڇوڪريءَ جيان ڪنڌ نوايو، چپ ويٺي هئي _ سندس آڏو ننڍو پٽ ستل هو _ هن جي ڳلن تي پکڙيل لڙڪن جا نشان هن ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به چٽا ڏسي ورتا هئا جو اندر ئي اندر ڪجھه ڀرندو ڀانيو هئائين_ پٽ تي هن جا ٻئي وڏا پٽ بلور راند رهي رهيا هئا يا الائي پنهنجو پاڻ وندرائي رهيا هئا _ هن کي ڏسي هو سڀئي ائين ڇرڪي پيا ڀانءِ هو جڳن کان هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هجن پر _ پر _ هن جي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇو لا ڏسي ، هنن جي چهرن تي به مايوسيون پکڙجي ويون _هوڪنڌ نوائي ڇنل کٽ تي ويهي رهيو _ جوڻس شو ڪارو ڀري چوڻ لڳي ؛ ”ننڍڙو مانيءَ لاءِ روئي روئي هاڻ ستو آهي “

    هن ڪا به وراڻي ڪانه ڏني .” بابا مونکي به ڏاڍي بک لڳي آهي “ سندس وچٽ پٽ جو آواز ائين چوندي ڀرجي آيو هو ” بابا ! اڄ به ڪو ڪونه مئو ؟“ پر هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني _ هن جا چپ ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هئا ” با با ! جڏهن ڪو مرندو تڏهن ماني پچندي ؟ “ٻيهر پٽس پڇيو ” ها “ جواب ڏيندي هن کي پنهنجو آواز پاتال مان ايندو محسوس ٿيو هو تڏهن پٽس ٻئي هٿ مٿي کڻي آڪاش ڏانهن اکيون کڻندي چيو ا لله سائين هاڻي تون ڪنهن کي ماري ڇڏ ته اسان جي گهر ماني پچي او ا لله سائين تڏهن هن جي من اندر، دور ڪٿي ” آمين “ جي ، صدا اڀري . هو پاڻ به ٻن ڏينهن کان دعا گھري رهيو هو ته ڪاش ، اڄ ڪو او چتو مري پوي _ ڪاش _ اي ڪاش .

    هن جا ٻئي وڏا ٻار ، انهيءَ آس تي ته شايد سڀاڻي ڪو مري پوي ، اکيون پوري ليٽي پيا جيتوڻيڪ بک جي ڪري ڪنهن کي ننڍ ڪان هئي. هو ۽ جوڻس ، ڪنڌ نوايو ويٺا رهيا ،جوڻس جو آواز ، بي انت سانت کان پوءِ اوچتو آڀايو ”تون ڪو ٻيو ڪم ڇونه ٿو ڪرين .“

    ” ڪهڙو ڪم ڪريان ، ڪهڙو ڪم مون لاءِ رهيو آهي . آئون ته ڪو ٻيو ڪم ڄاڻان به نه ٿو“

    هن جي آواز ۾ سموري ڪائنات جون مايوسيون هيون . “ تون ڪيستائين اهو ڪم پيو ڪندين . اڄ ڪو مرندو سڀاڻي ڪون به مرندو . هاڻ ته ان ۽ اٽي جيئان موت به مهانگو ٿي ويو آهي. مئا ڊاڪٽر پئدا ٿي پيا آهن ، ڪنهن کي مرڻ ئي ڪڏهن ٿا ڏين “ جوڻس کي جئيرن انسانن کان شايد نفرت پئي محسوس ٿي.

    ” بختاور! انسان جي نصيب ۾ جڏهن موت ايندو آهي تڏهن ئي هو مرندو آهي ، جڏهن به ڪو مرندو ، پنهنجي وقت تي مرندو _ تڏهن تنهنجي گھر ۾ به ماني پچندي “هو جوڻس کي سمجھائڻ لڳو جيتوڻيڪ سندس اندر , واريءَ جي گھرن جيان ڀرندو ٿي ويو ،مون ته بادشاهن پيرن جي مٺائي مڃي آهي ته جڏهن ڪو مرندو ته ورهائيندس ، ٻن ڏينهن کان منهنجا ٻار بکيا آهن آخر ڪيستائين بکيا پيا مرندا “ اهو چوندي هن جون سنسان اکيون ڀرجي آيون، هو پنهنجي ڦاٽل پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي، جوڻس کي روئندو ڏسي هن لالٽين اجھائي ڇڏي ته جيئن جوڻس سندس لڙڪ ڏسي نه وٺي جيڪي سندس ڏارهيءَ کي پسائي رهيا هئا .هن نه ٿي چاهيو ته جوڻس هن کي روئندو ڏسي .لالٽين وسائي هو آڌي رات تائين روئندو رهيو ،ان خيال کان ٻن ڏينهن کان هن جا ٻار بکيا آهن . هن جون کليل اکيون ڌرتيءِ تي ڪنهن جي سڏ جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون پر سڄي رات هن کي ڪوبه سڏ ڪون ٿيو .رڳو ٻاهر گهٽي ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا هن کي خبر هئي ته جوڻس به سڄي رات روئندي رهي آهي جوڻس کي به ڪل هئي ته هو ساري رات لڙڪ هاريندو رهيو آهي سڄي رات ۾ ڪيترا ڀيرا جوڻس جي لڙڪن سندس ٻانهن پسائي ۽سندس لڙڪن جوڻس جو چهرو پسايو پر هو ٻئي لڪائيندا رهيا .

    ٻي ڏينهن، باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڪوڏر ڪلهي تي رکي قبرستان هليو ويو . سڄي واٽ هن جي ڪنن کي روئڻ جي آواز ٻڌڻ جو اوسيئڙو رهيو پر چئوڌاري زندگي پنهنجا خوبصورت پر ( جيڪي هن جي لاءِ هر شيءَ کان بدصورت هئا) پکڙيو بيٺي هئي .هن من ئي من سوچو ته جيڪر اڄ به ڪو جنازو ڪون آيو ته هو چوري ڪندو ، ڌاڙو هڻندو پر خالي هٿن“نه موٽندو . قبرستان ۾ سڄو ڏينهن اکيون جنازن جو اوسيئڙو ڪنديو رهيون _ ماڻهو ايندا رهيا .تربتن تي قل پڙهي هليا ٿي ويا، ڪي گل رکيو ٿي هليا ويا. ڪي آيا تربتن تي مٿو رکي سڏڪي سڏڪي هليا ويا. هو روز اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو.ان ۾ هن لاءِ ڪابه نواڻ ڪان هئي ۽نه ئي هن لاءِ ۽هن جي ٻارن لاءِ زندگيءَ جو ڪو نور هو.

    ڏينهن گذرندو رهيو ۽ پوءِ گذريل ڏينهن وانگر اڄو ڪو سج به هن جي خوشين وانگر چپ چاپ ٻڏي ويو (خبر ناهي سڀاڻي اڀرندو يا نه هن سوچيو) هڪڙي وسري ويل ساروڻي هانو تي تري آيس ته هڪ وار هڪ نوجوان، هتي،ڪنهن تربت آڏو ٻيهي چيو هو ” اي موت ڪاش!توکي به موت اچي “تڏهن ئي موت لاءِ اها پٽ ٻڌي هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا . اڄ هر هر سندس ڪنن ۾ اهي لفظ پڙاڏو بڻجي ٿي گونجا “ اي! موت ڪاش توکي موت اچي .هاڻي ائين ٿي ڀاسيس ڀانءِ سچ پچ موت کي ڪو موت اچي ويو آهي _ “ ”اي زندگي! ڪاش تو کي ڪو موت اچي“ هن جي اندر ۾ زهر ڀرجي آيو .رات جي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ هو پنهنجن ئي سو چن کان گهٻرائجي ويو .هن جي ٻارن جي بک کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ان خيال سان ئي کيئنس پنهنجو من وسامندو محسوس ٿيو . هو ڪيئن هنن جي سامهون ويندو ڪيئن هنن جون اداس اکيون ڏسي سگهندو ، ڪيئن هنن جي سوالن جا جواب ڏيندو ڪيئن جوڻس جي چهري تي پکڙيل سنسان قبرستان ڏسندو هن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويا، هو اندر ئي اندر ڀرندو رهيو وسامندو رهيو _ رات جا ٻارنهن اچي ٿيا هئا هو قبرستان ۾ ئي ويٺو رهيو پر ڪوبه نه آيو .هڪ ڀيرو وري هو ، ٿڙندو ٿاٻڙندجندو ڪوڏر ڪلهي تي رکي ، هو سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو واٽ تي هو من ئي من ۾ سوچيندو رهيو ته هو ٻيو ڪم هٿ ڪندو ،سڀاڻي هو مزور نه سهي چور بڻجي ويندو. ٻئي ڏينهن جي لاءِ هو انيڪ رٿائيون رٿيندو رهيو، ٽوڙيندو رهيو _ اندر ئي اندر ۾ اجڙندو ۽ جڙندو رهيو _زندگي هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي وئي هئي هو من ئي من ۾ هاڃي تي ماتم ڪندو پئي ويو . گهٽين ۾ رات جي گهور اونداهي پکڙيل هئي . هن جي اندر ٻاهر اونداهيون هيون _ نور جو ڪو هڪڙو تر ورو _ ڪا چڻگ _ دور ، هن کان گهڻو دور ، هڪڙو پاڇولو وڃي رهيو هو .بجليءَ جي شاڪ وانگر هڪڙو خيال هن جي سنسان ايوانن ۾ واسو ڪري ويو جيڪر هو ڪوڏر جي هڪڙي ئي ڏڪ سان هن پاڇولي کي ختم ڪري ڇڏي _ ان کان پوءِ جي سوچ ڪيڏي خوبصورت هئي .هن پنهنجن خيالن ۾ جوڻس کي چلهه تي ماني پچائندي ڏٺو ۽ هوءَ مرڪي به رهي هئي .هن جا ٽئي پٽ ماءٌ جي ڀر ۾ ماني کائي رهيا هئا.۽ هڪ ٻئي سان شرارتون به ڪري رهيا هئا هو مر ڪي پيو _ پر ان پاچولي کي ختم ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه ڀوائتو هو. هن ته ڪڏهن چوري به ڪان ڪئي هئي خون ڪيئن ٿي ڪري سگهيو . ٻئي لمحي هن جي ڪنن ۾ سندس ٻارن جون صدائون پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون . هن جون وکون تکيون ويون ، گهٽيءَ ۾ گهور اونداهي هئي ان اونداهي ۾ هو تکيون وکون کڻي پاڇولي جي پويان هلڻ لڳو .هن جو ساهه ڀرجي آيو ،هن جو من طوفان ۾ ڦاٿل ڪک سمان ڏڪي رهيو هو. هن جا هٿ ڪوڏر ڳن ۾ ائين کپي ويا ڀانءِ ڪڏهن به ڌار ٿي نه سگهندا .

    پوءِ هو پاچولي جي ويجهو اچي پهتو هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڪوڏر کڻي هڻي ڪڍيائين _ هڪڙي دانهن پڙلاءُ بڻجي گونجي ۽ ٻڏي وئي (ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي ) اها دانهن شايد ڪنهن ٻار جي هئي پر هن ۾ سگهه ئي ڪان هئي نمي ڏسڻ جي بس پل اپل لاءِ هن جو اکين آڏو پنهنجن ٻارن جا چهرا ڦري ويا . سڄو بت پگهر ۾ شم ٿي ويو هئس _ هو ابتين پيرين قبرستان ڏانهن ڊوڙن لڳو .هن جون ٽنگون ڏڪي رهيو ن هيون ،ائين ٿي ڀائين ڄڻ هي پل هن جي زندگي جو آخري پل هجي، پهريون ڀيرو هن کي موت کان ڊپ ٿيڻ لڳو .موت جيڪو ڪنهن بد روح سمان پنهنجا ڪارا وار پکيڙي پنهنجا ميرا ڏ ند ڪڍي ٽهڪ ڏيندو هن جي پويان ڊوڙي رهيو هو، هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ڄڻ برف وانگر ڄمندو ٿي ويو

    ، ساه جي تند _اجها ڪي اجها ٽٽي _ هو قبرستان جي گيٽ تي پهتو .تڏهن هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو ، پويان ڪجھه به نه هو .سنسان گهٽيون ستل انسان ، رات جي گهور اونداهي ۽ هو هيڪلو _ هن جي نل تي رت هاڻي ڪوڏر کي ڌوئي صاف ڪيو ۽هو نم جي وڻ هيٺ اکيون پوري ويهي رهيو _ هن جي اندر ۾ طوفان متل هو ، پر هو سوچي رهيو هو بند اکين جي اندر ته صبح جو ماڻهو هن ٻار جو جنازو کڻي ايندا . هن کي قبر کوٽڻ جا ٽيهه رپيا ملندا ۽ سمورو هفتو ڪيڏو نانٿيڪو لنگهي ويندو .هن جا ٻار ڪيڏا نه خوش ٿيندا ۽هوبه ڪيڏي مان سان _اوچو ڳاٽ ڪري اندر گهڙندو .هن جي زال به بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندي _ هو پنهنجو ڏوه ڪنهن کي به ڪون ٻڌائيندو . پنهنجي زال کي به نه، جنهن کان ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو هو _ ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي .

    رات لنگهي وئي باک ڦٽي _ نئون سج هن لاءِ اميدن جو نور جهول ۾ پکيڙي اڀريو هن جون اکيون گيٽ جي هن پار نظر ايندڙ روڊ تي اٽڪيل هيون جتان اهو جنازو اچڻو هو _ ٻن پهر ڌاري ماڻهون ڪلهن تي جنازو کڻي گيٽ اندر گهڙيا .سچ پچ ڪنهن ٻار جو ئي جنازو هو پر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هو _ ڪنهن جي به چهري تي پيڙائن جو هجوم نه هو _ ڏک ، جيڪو ڪنهن ٻار جي جي وڇوڙي تي چهرن تي واسو ڪري وڃِي ،اهو ڏک ڪنهن جي به چهري تي نه هو . سڀ ائين آيا هئا ڄڻ ڪو اهڙو فرض پورو ڪرڻ آيا هجن ، جنهن ۾ هنن کي ڪانه دلچسپي نه هجي _ هن به ڪوڏر کنئي ۽ قبر کوٽڻ لڳو _ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا _ من واسو ڪيل ڀئو جا ڀاوءَ ڪو سڃاڻي نه وٺي متان ٻار جو جنازو اٿي ويهي رهي ۽ چئي ته اجهو _ هي آهي منهنجو خوني _ پر ائين نه ٿيو _هو قبر کوٽيندو رهيو تيستائين هنن سڀني جنازي نماز پڙهي ۽ قبر جو انتظار ڪرڻ لڳا _ هن محسوس ڪيوته هو ڪجھه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا _ هن ڪان ڏٺا پر آواز ڄڻ پريان کان اچي رهيا هئا.هو شايد چئي رهيا هئا ته ” نڄاڻ ڪهڙن اڀاڳن مائٽن جو ٻار آهي _ ڪنهن جي هن ٻارڙي سان دشمني ٿئي سگهي ٿي _ڪير ظالم هو جو جنهن کي کن پل لاءِ به مٿس ڪهل نه آئي _ ڪيڏي مشڪل سان پوليس کان لڪايو اٿئون نه ته ويچاري ٻارڙي جو موت هيڪاري ڏکوئيندڙ ٿي پوي ها .هن جا مائٽ ويچاري کي ڳوليندا هوندا _ الائي ڪير آهي ڪٿان جو آهي .هيڏي پڇا کان پوءِ به ويچاري جا مائٽ نه لڌا “ پر هو انهن سڀني ڳالهين کان اڻڄاڻ قبر _ کوٽيندو رهيو _ قبر کوٽجي تيار ٿي ته ماڻهن ٻانهن تي ، اڇي ڪفن ۾ ورهيل جنازو کنيو ،هن تڏهن ڏٺو ته ڪفن تي رت جا داغ هئا.الاءِ ڇو هن جون اکيون آليون ٿي ويون _ جڏهن هو ٻار کي قبر ۾ رکڻ لڳا تڏهن دل چيس ٻار جو مک ڏسڻ لاءِ _ هو ماڻهن جي ڪلهن تان نمي هيٺ ڏسڻ لڳو _۽_پوءِ هو ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندو ويو .هن جي رت جي هر بوند ۾ اونداهيون ئي اونداهيون سمائجي ويون.موت جو زهر جهڙو ڪڙو .ڪسارو زائقو هن جي نڙيءِ ۾ چڀڻ لڳو .

    اڙي _ هو ته هن جو پٽ هو ،هن جو دادلو پٽ منو . هن جو وڏو پٽ ، جيڪو هن اوليائن تي باسيون باسي ورتو هو جيڪو گذريل ٻن ٽن ڏيهن کان بک کان روئندو رهيو هو.

    اڙي هي ڇا ٿي ويو . . . . . .هن جو دادلو پٽ.. . . . . . هن جو منو. . . . . .هن پنهنجي ئي هٿن سان ماري ڇڏيو. . . . . . .هو، چئواٽي تي. . . . . . .هي پنهنجي ئي هٿان لٽجي ويو . . . . . . . هي لٽجڻ به ڪهڙو هو. . . . . . . . جو هو ماتم به نٿي ڪري سگهيو. . . . . . .چپ . . .. . . .متان ڪڇيو آهين . . . . . اندر ئي اندر کامندو رهيو . . . . . . لڇندو رهيو . . . . . . ” ها . . . ٻاهر ٻاڦ نه نڪري “ . . . . .هن جي دل جو شهر . . . . . .ڪربلا جو ميدان . . . . . . .ڪائنات سڄي تي بي انت سانت . . . . . . .سمورا احساس پنهنجو موت پاڻ مري چڪا هئا.

    هو ڪنڌ نوايو ٻيٺو هو، لٽجي وڃڻ جو احساس من ۾ لڪايو ، پنهنجن ڏوهن جا صليب ڪلهن تي تي کنيو . تڏهن ڪنهن سندس هٿ تي ٽيهه روپيا رکي ڇڏيا ، ڏهين ،ڏهين جا ٽي نوان نڪور نوٽ . . . . هو سڀ هليا ويا ۽ هو اڪيلو بيٺو رهيو ڪنهن اهڙي تربت سمان جنهن جو ڪو نانءُ ڪوبه ڪتبو ن هجي . . . . . لڙڪ قبر جي مٽيءَ ۾ سمائجندا ويا ۽ سڏڪا، جيڪي هن جي نڙيءَ ۾ گهٽيا پيا هئا، هن جي اندر جا گهٽيل اندر جي سنسان ايوانن ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجندا رهيا. جڏهن هن کي هوش آيو ته قبر کي ڀاڪر پايو،ڪنهن لاش وانگر پيو هو ، ڪابه سڌ نه هئس . . . . . . .سج آڪاش تي باهه پکيڙي رهيو هو ،پر هن جي اندر اونداهيون هيون. سڀ ڪجهه ساڳيو هو پر هن جي اندر جي دنيا مٽجي وئي هئي . . . . . دل چيس ته هوبه ان قبر اندر هليو وڃي ۽ پنهنجي دادلي پٽ کي ڀاڪر پائي ستو پيو هجي، صدين تائين جڳن تائين پيو هجي ،منوءَ جي ڀر ۾ اکيون پوريو ڪاش هو پاڻ وڪڻي به زندگي جي اها تند جوڙي سگهي _ جيڪا هن جي هٿان ڇڄي پئي هئي _ گذريل رات تائين موت ،هن جي سڀ کان وڏي خواهش هو ، هينئر هو زندگي لاءِ ڪنهن اڃايل مسافر سمان ترسي رهيو هو، هينئر هن جي حالت اهڙي مسافر جهڙي هئي جيڪو صدين جي مسلسل ٿڪائيندڙ پنڌ کان پوءِ ماڳ تي رسي ۽ اتي خبر پويس ته اهو سندس ماڳ ڪونهي ، ماڳ ته گهڻو پويان رهجي ويو هو. . . . . .هينئر هو سسئي هو جو رڻ پٽ رلي ويو هو. . . . . . .هينئر هو سهڻي هو جو وچ سير ۾ هن جو گهڙو ڀري پيو هو. . . . . . . هينئر هو مومل هو پنهنجي ئي ڪاڪ محل وڌو هئس. . . . . . . . هو انيڪ پل سڪل ٺوٺ اکين سان قبر کي گهوريندو رهيو ۽ الائي ڪهڙو پور من ۾ پيس جو هڪڙي سٽ سان ڪوڏر کي اڇل ڏنائين ، جيڪا وڃي ڄارين ۾ ڪري ۽ هو ٿرندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري آيو گهر ويندي ،واٽ تي هو ڪيترا ڀيرا ٽريفڪ هيٺ ايندي بچيو ڪنهن دک وانگر هو ٿاٻڙجي رهيو هو ۽مٺ ۾ هئس ڏهن جا ٽي نوان نڪور ساوا نوٽ،پر ٻيو هٿ اڄ ڪوڏر کان خالي هئس پر پوءِ به هو پنهنجو وجود بي حد ڀاري محسوس ڪري رهيو هو . . . . جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته جوڻس در جي چائونٺ تي پنهنجي اوسيڙي ۾ ويٺل ڏٺائين . . . . . . هن جي اکين ۾ لڙڪ جهلمل ڪري رهيا هئا. . . . . هن کي ايندو ڏسي هوءَ اٿي بيهي رهي پر هو ائين ٿڙندو ٿاٻرندو گهر اندر هليو ويو . . . . . هو ءَ سندس پويان ذري گهٽ ڊوڙندي اندر آئي ۽ هن جي اڳيان سڏڪي پئي . . . . . . ” منو رات کان تنهنجي پويان نڪتل آهي مون ته گهڻو جهليو مانس پر هن مڃوئي نه چوڻ لڳو ڏسان بابا کي پئسا مليا آهن يانه . . . . تو وٽ پهتو ڪي نه؟“

    هو چپ موت وانگر .

    ” تون . . . . تون ڳالهائين ڇو نٿو . . . . . ڳالهائين ڇو نٿو ؟“

    ”. . . . . “ هو اڄان به چپ،متان ڪڇيو آهين متان لڇيو آهين .

    ”. . . . . . . تون روئين ڇو پيو . . . . . . . ڇو پيو روئين ؟“

    ” منو ڪٿي . . . . . اڪيلو ڇو آهين ؟ منهنجو پٽ ڪٿي آهي “ هو اندر ئي اندر کامندو رهيو، پچندو رهيو ،

    تون ڳالهائين ڇو نٿو . . . . . منهنجي دل چوي ٿي ته ڪجهه ٿيو آهي .“

    ” تون ٻڌائين ڇو نٿو ؟“ جوڻس پاڳلن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي . . . . . . هن هن جا ٻئي هٿ هن جي قميص جي ڪالر ۾ هئا . . . . . ٻئي ٻار اچرج وچان ماءُ پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ هو . . . . . . . اهڙي ڏوهاري وانگر ڪنڌ نوايو بيٺو هو جنهن ۾ ڏوهه مڃڻ جي سگهه نه هجي .پر ڪورٽ ۾ جنهن جو ڏوهه ثابت ٿي ويو هجي .

    ” منهنجو منو ڪٿي آهي ؟“ جوڻس جي دانهن ڌرتي کان آڪاش تائين گونجڻ لڳي.

    تڏهن ڪوبه جواب ڏيڻ بدران پنهنجي مٺ مان ٽيهه رو پيا ڪڍي جوڻس جي پکڙيل هٿ تي رکي ڇڏيا ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٻارن وانگر سڏڪي سڏڪي روئڻ لڳو.

    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو